ڪراچي: شبيران چنا ۽ نسرين ناز ۾ جملن جي ڏي وٺ، زخمن جا سور کن پل لاءِ لهي ويا، نامياري اداڪاره شبيران چنا جنهن ڏينهن حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي ڊائو اسپتال پهتي ته اتي سندس ساهيڙي ۽ نامياري اداڪاره نسرين ناز عيادت لاءِ پهچي وئي، جنهن سان ڳالهين دوران شبيران چنا پنهنجو ماسڪ هٽايو ته نسرين ناز کيس چرچا هنيا ۽ چيو ته ماسڪ پائي ڇڏيو، وارڊ ۾ جراثيم هوندا آهن،  شبيران چنا ماسڪ نه پائڻ  بجاءِ ڳالهيون ڪندي، نسرين ناز کيس زوري ماسڪ منهن تي لڳايو، جنهن تي شبيران چنا چيو ته تون ته هتي به مون لاءِ موت جو فرشتو بڻجي آئي آهين. ادي جادثيرجھ