خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ٽن شاگردن سان بدفعلي ۽ سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ نامزد جوابدار سارنگ شر کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگيءَ جي عدالت اڍائي سال اڳ ٺري ميرواهه ۾ ٽيوشن پڙهائڻ دوران وقار جانوري، ساحل مڱڻهار سميت ٽن شاگردن سان بدفعلي ۽ سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ داخل ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار سارنگ شر کي آزاد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ٻه سال اڳ شاگردن سان مبينا بدفعلي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ شاگردن جي والدين طرفان دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا هئا. پوليس سارنگ شر کي گرفتار ڪيو. بعد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت درج ڪرايل ڪيسن مان دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪري ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا. جڏهن ته سيشن ڪورٽ اهو ڪيس فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو هو. گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جوابدار سارنگ شر مٿان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت سارنگ شر کي آزاد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته شاگردن سان مبينا بدفعلي ۽ سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ اهو هاءِ پروفائيل ڪيس بڻجي ويو هو.