حيدرآباد: ڇا سماجي اڳواڻ فاطمه جتوئي آپگهات ڪيو؟

0
644

حيدرآباد: سول لائين جي ڊفينس پلازه واري علائقي ۾ گهر مان سماجي اڳواڻ جي هٿ آيل لاش واري معاملي ۾ ايس ايڇ او ڪينٽ دعويٰ ڪئي آهي ته فاطمه جتوئي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. ايس ايڇ او تنوير شاهه جو چوڻ هو ته لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس ڀاءُ غلام محمد جتوئي حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن ايم ايل او ڊاڪٽر وسيم خان جو چوڻ هو ته فاطمه جتوئي جي ڳلي تي رسي يا رئي جي نشانن جي تصديق ٿي آهي.