حيدرآباد: سول اسپتال وارڊ مان 3 قيدي ڪيئن فرار ٿيا؟ جاچ شروع!

0
222

حيدرآباد: سول اسپتال جي جيل وارڊ مان پراسرار نموني گم ٿيل 3 جوابدارن واري معاملي جي ايس ايس پي پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا مبينا لاپتا جوابدارن جي معاملي جي جاچ ڪندي.جوابدار بابر مسيح کي شراب سميت پوليس گرفتار ڪيو هو، 13 جولاءِ تي پوليس ترجمان سندس گرفتاري بابت تصوير سان گڏ بيان به جاري ڪيو جيڪو اڃا تائين پوليس گروپ ۾ موجود آهي. جوابدار بابر لاکو ۽ عرفان بليدي کي به ڪجهه ڏينهن اڳ معمولي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ذريعن موجب جوابدارن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد کين وارڊ ۾ رکيو ويو هو.