حيدرآباد/مٽياري (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر ريجنل اليڪشن ڪمشنر/ ڊي آر او حيدرآباد کي بلدياتي چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ فواد غفار سومرو ڄاڻايو آهي ته حيدرآباد ۾ رين ايمرجنسي واري صورتحال آهي. برسات دوران ڪيترن ئي ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جڏهن ته پوکيل فصل توڙي چوپايو مال به متاثر ٿيو آهي. ڄاڻايل صورتحال ۾ کين رليف ڊپارٽمينٽ سنڌ گذريل ڏينهن 21 آگسٽ تي حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جي خراب صورتحال بابت آگاهي ڏني آهي جڏهن ته ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جنهن ڪري 28 آگسٽ تي چونڊون ڪرائڻ ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته پولنگ اسٽيشن ۽ اسڪولون به متاثر ٿيون آهن ۽ پولنگ واري ڏينهن ماڻهو برسات سبب متاثر هئڻ ڪري ووٽ ڏيڻ لاءِ به مشڪل پهچي سگهن ان ڪري هو چاهين ٿا ته ٻيو مرحلو 28 آگسٽ تي نه ڪرايو وڃي ۽ صورتحال بهتر ٿيڻ بعد اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر پاران لکيل خط جون ڪاپيون سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد، سي ايم جي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف ۽ چيف سيڪريٽري جي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف ڏانهن به اماڻيون ويون آهن. ٻئي پاسي  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکي مڪاني چونڊون ٻن مهينن تائين ملتوي ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.