حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ خانگي يونيورسٽي جي چانسلر پروفيسر حميدالله قاضي، ايڪٽنگ وائيس چانسلر پروفيسر ولي الله قاضي ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر روشن ڀٽي خلاف جعلي ڊگري جاري ڪرڻ واري ڪيس خلاف درخواست تي ايس ايس پي کي حڪم ڏنو آهي ته ڊگري بابت هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرائي رپورٽ 6 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. يونيورسٽي جي چانسلر، ايڪٽنگ وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار پنهنجي وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت ڪيس داخل ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه، ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ايس ايڇ او ڀٽائي نگر ضياد علي نوناري سميت ٻيا پيش ٿيا. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪئي. عدالت آگاهي ڏني ته 6 آگسٽ تي پوليس قاسم آباد جي ميمڻ سوسائٽي ۾ يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر حميد الله قاضي جي گهر تي ڪاهه ڪري کيس کنڀي گم ڪيو ۽ 7 آگسٽ تي جعلي ڊگري جي ڪوڙي ڪيس ۾ سندس گرفتاري ظاهر ڪري عدالت ۾ پيـش ڪيو ويو جڏهن ته پوليس ايڪٽنگ وائيس چانسلر ڊاڪٽر احمد ولي الله قاضي ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر روشن ڀٽي جي گهرن تي به ڇاپا هنيا آهن. عدالت پوليس عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان چانسلر جي گهر چڙهائي ڪري سندس گرفتاري کان اڳ ڊگري هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرائي هئي؟ ايس ايس پي ٻڌايو ته هيڪ کي ڊگري جي تصديق لاءِ خط لکيو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته تصديق بنا چانسلر کي گرفتار ڪري ڪيس ڪيئن داخل ڪيو ويو. وڪيل ٻڌايو ته جنوري 2022ع ۾ به يونيورسٽي تي قابض وي سي نظير اشرف لغاري جهيڙو ڪيو هو، هٽڙي پوليس ڪيس به داخل ڪيو. جاچ بعد چانسلر سميت ٻين جا نالا ڪالم ٽو ۾ شامل ڪيا ويا هئا پر ٻيهر جاچ آفيسر صغير مغيري پاڻمرادو ان ڪيس جي جاچ شروع ڪندي يونيورسٽي جي عملدارن کي حراسان پيو ڪري. عدالت جاچ آفيسر کي اجازت نامو ڏيڻ جو چيو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي حڪم تي ٻيهر جاچ شروع ڪئي، هن زباني حڪم ڏنو هو. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف زباني حڪم تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا قانون ۾ ڪٿي اهڙي اجازت مليل آهي؟ عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي حڪم جي ڪاپي ۽ ڄاڻايل ڪيس بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.