حيدرآباد جي يو سي 119 جي وارڊ نمبر 4 جي پولنگ اسٽيشن تي جهيڙو

0
192

.لياري ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ جاري پولنگ دوران جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد ۽ پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا پوليس جي موجودگي ۾ ڇڪتاڻ ٿي

 رٽرننگ آفيسر جو چوڻ آهي ته پوليس صورتحال تي ضابطو آندو آهي، لياري ۾ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو آهي، شهري بنا خوف جي ووٽ ڪاسٽ ڪن

 جوهي جي هيرو خان پولنگ اسٽيشن تي پولنگ دوران پ پ اميدوار اسلم لغاري ۽ پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ ۾ ڏند چڪ، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران ميڊيا کي ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سمورن تڪن تي پولنگ جو عمل پرامن نموني جاري آهي، پولنگ جي عمل جي مرڪزي ڪنٽرول روم اسلام آباد مان نگراني ڪئي پئي وڃي

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي جيڪي شڪايتون هيون اهي موقعي تي ئي حل ڪيون ويون، اهي شڪايتون معمولي نوعيت جون ۽ ڪارڪنن جي جهيڙن بابت هيون، 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي

هي به پڙهندا

سنڌ جي 63 تڪن تي ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري