ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گارڊن هيڊڪوارٽر ۾ بي ڪمپني حوالي ٿيل شڪارپور واسي اهلڪار جي وڊيو وائرل ٿي وئي، اهلڪار شڪارپور پوليس جي ڪلارڪن تي سنگين الزام هنيا آهن. اهلڪار وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته مون کي ڌاڙيلن کان پئسا وٺڻ ۽ جوا جي اڏن تان رشوت وٺڻ جي الزام ۾ بي ڪمپني حوالي ڪيو ويو، منهنجي نظر ڪمزور آهي، صحيح طريقي سان هلي به نٿو سگهان، 26 سال پوليس کي ڏنا آهن، ڪلارڪن چيو ته پئسا ڏئي ويزا تي وڃو، ڊيوٽي جي لائق ناهيو، آرام ڪريو، پئسا نه ڏيڻ بعد ڪرپشن جا الزام لڳائي بي ڪمپني اماڻيو ويو، اسان ٻچا پالي نٿا سگهون، ڪلارڪن لاءِ پئسا ڪٿان آڻيون، آئون بيمار آهيان، ڀلي ميڊيڪل ڪرايو وڃي، آئي جي سنڌ نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري