آزاد ڪشمير جي شهري پنهنجي سڄي ملڪيت مريم نواز جي نالي ڪري ڇڏي

0
378

ڪراچي: آزاد ڪشمير جي شهر راولا ڪوٽ جي رهواسي زاهد حسين نالي شخص پنهنجي ڪروڙن جي ملڪيت نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي نالي ڪري ڇڏي آهي، شهري جو اهو قدم مريم نواز کي به وڻي ويو

ٽوئٽر تي راجا نادر نالي صارف جي طرفان هڪ وصيت نامو شيئر ڪندي ٽوئٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي شهر راولا ڪوٽ جي رهواسي پنهنجي سموري زمين مريم نواز شريف جي نالي ڪرڻ جي وصيعت ڪري ڇڏي آهي

 

ان وصيت ۾ لکيل هو ته مان زاهد حسين والد ولايت حسين پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ بنا ڪنهن جبر جي لاءِ پنهنجي مرضي سان پنهنجي سموري ملڪيت جيڪا 50 هزار ڪنال هجي يا 32 هزار ڪنال مريم نواز شريف کي ڏيان ٿو

زاهد حسين جي وصيت نامي ۾ مريم نواز کي جائيداد جي حوالي سان مڪمل اختيار ڏنو ويو آهي ته اها جائيداد جو جيڪو ڪري اها ڪري سگهي ٿي

ان ٽوئٽ جي وائرل ٿيندي ئي مريم نواز به رد عمل جو اظهار ڪرڻ بنا نه رهي سگهي، ري ٽوئٽ ڪندي مريم نواز لکيو ته يا الله ان شخص ايئن ڇو ڪيو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها دل کي ڇهڻ واري ڳالهه آهي

هي به پڙهندا

نواز شريف کي چور ڪوٺيندڙ ثاقب نثار جو پٽ چور نڪتو: مريم نواز