تون، مان ۽ توبھ

0
240
تون، مان ۽ توبھ

  “تون، مان ۽ توبھ” سوشل ميڊيائي پليٽ فارم تان نشر ٿيندڙ ھڪ سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي تجزياتي ويب ٽي وي پروگرام آھي، جنھن جو ميزبان “تون”، تجربيڪار تجزئي نگار مھمان “تون” ۽ ان پروگرام ڏسندي ئي “توبھ” ڪندڙ ناظرين ان ويب چينل جا سبسڪرائيبر آھن. اچو ته سولر لائيٽ جي مدد سان ان پروگرام بابت توڙي ميزبان ۽ مھمان تي روشني وجھي توبھ تائب ٿيندڙ عوام جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪريون.

                 “مان” جڏھن اخبار ۾ صحافت جي شروعات ڪئي ته ان وقت سٺي ساک رکندڙ صحافين جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ھو پر پوءِ جڏھن پيرن جي آڱرين جي ڳڻپ جي شروعات ٿي ته ھن “مان” کي ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. ھُو ھر سال 3 مئي صحافت جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي ڪو ڪالم لکندو ھو ته اصل صحافين جي صفن ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن “وھوا” ٿي ويندي ھئي. ھن جو حڪومتي ڌر سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي ايم پي ايز توڙي وزيرن، ميونسپل آفيسرن، استاد يونينن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، ضلعي جي گبر سنگهه ڊي سي ۽ ڀائرن جهڙي ايس ايس پي توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن جي بار ۽ پريس ڪلبن جي اڳواڻن سان عوام جي فلاح و بھبود توڙي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ پل پل جو رابطو ھوندو ھو. جڏھن ڪجھ وقت بعد سيٽلائيٽ چينل آيا ته اصل ھن جا وارا نيارا ٿي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي ڪجھ ئي مھينن اندر لوڪل گورنمينٽ ۾ “صفائي سُٿرائي” واري مھم کي ڪامياب بڻائڻ تي حد جي ايم پي اي پنھنجي ڪوٽا ۾ ھن کي ڪجھ نوڪريون ڏنيون، جيڪي ھن پنھنجي غريب مائٽن کي ڏيئي روزگار لائق بڻايو پر انھن وري ھن کي تازي ۽ خالص کير پيئڻ لاءِ مينھون تحفي طور ڏنيون، جيڪو ھو انھن جي ڳوٺان ڪاھيندي دڳ تي کپائي ھڪ ڪار ورتي، جنھن ڪري ھن جي موبلٽي ۽ تحرڪ ۾ خاطر خواھ اضافو ٿيو. بعد ۾ صحافتي ڪوششن ۽ خدمتن جي بدلي ۾ حد جي وزير کيس ڪجھ ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا ڏنا ۽ ضلعي توڙي ڊويزن جي آفيسرن جي آفيس تائين رسائي ۾ بھتري اچڻ شرط هي ڪيترن ئي ڪلارڪن، پٽيوالن، ريڊرن، چوڪيدارن ۽ اسسٽنٽس جي بدلي ڪرائي پاڻ به ڪافي بدلجي ويو. ھن جو پنڌ، پوءِ سائيڪل تان صحافتي سفر جي شروعات ٿي، اچي ھاڻي وڏي گاڏيءَ تائين پھتو آھي. جمھوري حڪومتن جي اچڻ کان اڳ ھن ڊڪٽيٽر واري “اونداھي دور” ۾ پڻ پنھنجا ھٿ توڙي منھن مھانڊو روشن ڪيو. ھاڻي ھن خود ڪفيل ٿي پنھنجو ويب ٽي وي کوليو آھي، جنھن تان روزانو سياسي ۽ سماجي تبصرن تي مبني پروگرام “مان، تون ۽ توبھ” پيش ڪندو آھي. اوھان به ھن جو چينل سبسڪرائيب ڪريو ۽ ڳاڙھي گھنٽيءَ کي ڪِلڪ ڪرڻ کان بلڪل به نه ڪيٻايو، ھن جي ويب ٽي وي جي ٽيگ لائين “ڪمايو ۽ ڪمائڻ ڏيو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو” تي عمل ڪريو.

“تون” ھڪ ماھر سياسي ۽ سماجي تجزئي نگار آھي، جنھن ويجھي ماضي ۾ اخباري دنيا ۾ تجزياتي ۽ تجرباتي ڪالم لکندي لکندي پنھنجو وڏو نالو ڪمايو آھي. ھر سياسي پارٽي اڳواڻ کيس پنھنجي فنڪشن توڙي مختلف پارٽي پروگرامن ۾ خاص دعوت ڏئي گھرائي خدمت چاڪري ڪري ۽ آخر ۾ ھٿ ۾ لفافو پڪڙائي سندس عزت افزائي ڪندا آهن. پوءِ ھو پنھنجي تجزين ۾ “پارٽي پاليسي” کي ڪڏھن به ڪراس ناھي ڪندو. تجزئي نگار “تون” جا سوشل ميڊيا جي فيس بڪ، انسٽاگرام توڙي ٽوئيٽر تي ھزارن جي تعداد ۾ فالورس آھن. ھن تجزئي نگار جي خاص ڳالھ اھا آھي ھن جي تجزين مان خبر ناھي پوندي ته حڪومت تي تنقيد ڪري رھيو آھي يا حمايت ڪري رھيو آھي. تنھنڪري ساڳي تجزئي تي عوام، سڀ سياسي پارٽيون توڙي حڪومت ساراھيندي ٿڪندا ناھن ۽ کيس لفافن ۾ بند شاباس جا تحفا پڻ ملندا آهن. ھن سان ھاڻي ضلعي جا ڊي سي ۽ ايس ايس پي فوٽو ڪڍرائي ڪئپشن لکن ٿا، “سنڌ جي جاکوڙي صحافي ۽ ڀائرن جھڙي تجزئي نگار ‘تون’ سان خيالن جي ڏي وٺ بعد فوٽو”.

ڪجھ ڏينھن اڳ ھن پنھنجي مشھور ويب ٽي وي واري پروگرام ۾ تجزيو ڪيو ھو ته، “سرڪار جي ڪوشش سان عوام کي حقيقي تفريح جي موقعن جي فراھمي جي سلسلي ۾ چڙيا گھر اندر قيد جانورن کي ڪڍي ھاڻي انھن پنڃرن ۾ سزا يافته قيدين کي واڙيو ويندو ۽ جيلن اندر بيرڪن جي صفائي سُٿرائي ڪئي ويندي”. اھڙي تبصري بعد آئي جي جيل توڙي ڊي جي پارڪس کيس فون ڪري ٿورا مڃيا، جڏھن ته سوشل ميڊيا تي شئير ڪرڻ تي کيس ھزارن ۾ لائيڪس ۽ ڪمينٽس مليا.

تازو عوام کي توبھ تائب ڪرائڻ لاءِ “مان” ۽ “تون”  گڏجي ڪري ھڪ نئين ويب ٽي وي تان “تون، مان ۽ توبھ” نالي سان ھڪ سياسي ۽ سماجي تجزياتي پروگرام جي شروعات ڪئي آھي، جنھن کي ڏسندي ڏسندي ھڪ ٻن ھفتن ۾ لکن ۾ لائيڪس مليا اٿن ۽ سندن پروگرام جا ملين جي تعداد ۾ امپريشن رڪارڊ ڪيا ويا آھن. اصل ۾ ھُو پنھنجي پروگرام جي آخر ۾ سماجي براين تان پردو ھٽائڻ لاءِ ليڪ ٿيل وڊيو ڏيکاري ان تي اخلاقي پرچار جا بند ٻڌندا آھن.