جيڪب آباد ۾ پڪڙيل هٿيار ۽ ڪارروائي ڪندڙ اهلڪارن جي بدلي

0
36
جيڪب آباد ۾ پڪڙيل هٿيار ۽ ڪارروائي ڪندڙ اهلڪارن جي بدلي

 ڪچي جي ڌاڙيلن متعلق سڀني کي خبر آھي ته ھو ڪھڙي طرح سرِ عام شھرين، سيڪيورٽي اھلڪارن، ٻارڙن کي اغوا ڪري، يرغمال بڻائي، جسماني تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاھي ۽ سندن خاندانن کان لکين، ڪروڙين روپيا ڀنگ طلب ڪندا آھن، ۽ ڀنگ جي رقم نه ملڻ جي صورت ۾ پنھنجي دھشت، خوف و حراس قائم رکڻ جي لاءِ اغوا ٿيل بيگناھ ماڻھن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش بچاءَ بندن، ويران جاين تي اُڇلايو ويندو آھي. ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ اُھي جديد ھٿيار موجود آھن، جيڪي سنڌ، پنجاب توڙي بلوچستان پوليس وٽ به موجود ناھن. اينٽي ايئر ڪرافٽ گن، راڪيٽ لانچر سميت جديد ھٿيارن سان ڌاڙيل ليس آھن. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيوز ۾ ته سماج دشمن عناصر ڌاڙيل بڪتربند پوليس وائرليس، ڊرون ڪئميرا استعمال ڪندي نظر اچن ٿا. موبائيل نيٽورڪ جي فراھمي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي ڌاڙيلن جي محفوظ آماجگاھن تائين جاري آھي. ڪافي ڏھاڪن کان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ناسور بڻجي ويل ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ آپريشن جون دعوائون ڪنديون رھيون آھن، جنھن تحت اربين روپيا ھٿيار، گولا بارود، خصوصي الائونس سميت مختلف مدن ۾ خرچ ڏيکاريا ويا آھن، پر افسوس ھن وقت ته ڪچي وارا علائقي ڌاڙيلن جي محفوظ ٺڪاڻن طور مشھور آھن، جنھن جو اعتراف حڪومتون توڙي سيڪيورٽي جا ادارا ڪندا آھن ته اُھي علائقي نوگو ايرياز آھن. جيڪڏھن نوگو ايرياز آھن ته انھن انسانيت جي دشمن ڌاڙيلن وٽ جديد قسم جا ھٿيار، روزانو جي استعمال ھيٺ ايندڙ شيون ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيون پھچن؟ ظاھر آھي اھي جديد ھٿيار ۽ ٻيون سھولتون زميني رستي ڪچي وارن علائقن تائين پھچنديون ھونديون پر اختيارين پاران حيرت جو اظھار ڪندي ائين ظاھر ڪيو ويندو آھي، ڄڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس توڙي انٽيليجنس ادارن جي نظر ۾ اچڻ کان بغير جادوئي طريقي سان اُھي شيون ڌاڙيلن تائين پھچي وڃن ٿيون. اھو ممڪن ئي ناھي. اھڙن عناصرن جي سرپرستي پڪي جا ڌاڙيل ڪندا آھن. ڪچي وارن ڌاڙيلن کان ته ھر ڪو واقف آھي پر پڪي وارا ڌاڙيل وڏي مھارت سان عوام جي نظرن ۾ اچڻ کان بغير ئي پنھنجي ڪارروائي ڪندا آھن ۽ پڪي وارن ڌاڙيلن جا به ڪچي وارن ڌاڙيلن جيان قسم آھن، ڪو وڏو ڌاڙيل ته ڪو ننڍو ڌاڙيل آھي ۽ ڪو وري سھولتڪار آھي. اِھي ڳالھيون مان نه پر چونڊيل نمائندن جي زبانن تي به عام آھن. جيئن تازو ئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي الزام مڙھيو آھي ته صوبائي ڪابينا ۾ موجود ماڻھو ڏوھارين جي وڏي گروھ سان رابطي ۾ آھن. صوبائي وزيرن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان ڌاڙيل راڄ قائم آھي. ڌاڙيلن، چورن ۽ قاتلن کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ پوليس پروٽوڪول ملندو آھي. اھڙا بيان ماضيءَ ۾ به سڄاڻ ڌرين پاران سامھون ايندا رھيا آھن.

ھن وقت صرف سنڌ به پر پوري ملڪ ۾ جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائيءَ تي تبصرا ٿي رھيا آھن. اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا جي ته اِھا خبر زينت بڻيل آھي. جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائيءَ متعلق اِھي خبرون عام آھن ته سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار سردار بابل خان ڀيو جي پٽ کي ويگو گاڏي، پوليس موبائيل سان گڏ غيرقانوني ھٿيارن ۽ ڏوھارين سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. اثر رسوخ ھجڻ ڪري سردار جي فرزند کي آزاد ڪيو ويو آھي، پر سرڪاري مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ بابل ڀيو، سندس گاڏيءَ يا وري اُن جي فرزند جو ڪو به ذڪر موجود ناھي. جيڪب آباد ضلعي جي ٿاڻي مولاداد تي سرڪاري مدعيت ۾ دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته شڪارپور، گھوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ھلندڙ آھي، بين صوبائي ھٿيار ايمونيشن جا اسمگلر اختيار عرف زاھد لاشاري ۽ ٻيا ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ ھٿيار بلوچستان کان شڪارپور ۾ دھشتگردي لاءِ استعمال ڪندا ۽ ڪرائيندا آھن، جنھن سان عوام جون جانيون ضايع ٿينديون. اختيار پٽ صوبو عرف مير محمد لاشاري، ذاڪر حسين پٽ محمد صاحب ڀيو، نبيل احمد پٽ رفيق احمد ڀيو ويٺل ڳوٺ جاڳڻ ضلع شڪارپور، توفيق پٽ محمد رفيق گجر ويٺل ڊيرا مراد جمالي بلوچستان کي غيرقانوني ھٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. جوابدارن مطابق، بلوچستان مان ھٿيار شڪارپور سنڌ ۾ ڏوھارين کي وڪرو ڪري علائقي ۾ دھشت ڦھلائڻ لاءِ استعمال ٿيڻا ھئا. پوليس موبائيل ۾ سوار اسان جا مددگار ھئا. پوليس موبائيل ايس پي اين 375 کي تحويل ۾ وٺي اي ايس آءِ امتياز علي، ثناءُ اللھ پٽ علي نواز مڱڻھار، بقا اللھ پٽ ڪرم اللھ انڍڙ کي به گرفتار ڪيو ويو آھي. ظاھري طور تي سردار بابل خان ڀيو جو نالو گردش ڪري رھيو آھي پر سرڪاري سطح تي ڪنھن به پوليس آفيسر يا حڪومت اختيارين اِن جي ثابتي ناھي ڏني. البته الزامن بعد سردار بابل خان ڀيو وڏي وزير جي صلاحڪاري تان استعيفا ڏيندي چيو آھي ته غيرقانوني ھٿيارن متعلق الزام لڳائي ساک کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. شفاف انڪوائري لاءِ ھو عھدي تان استعيفا ڏئي رھيو آھي. ھاڻي اِتي سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏھن اھو الزام اِن ڪارروائي سميت ڪنھن مخالف جماعت جي اڳواڻ مٿان لڳي ھا ته پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ساڳيو رد عمل ھجي ھا؟ سنڌ جو وڏو وزير به مختلف وقتن تي جديد ھٿيارن جي پھچ متعلق حيرت جو مظاھرو ڪندي چوندو آھي ته ھٿيار بلوچستان وارن علائقن کان پھچن ٿا پر ڪيئن ٿا پھچن، کيس علم ناھي. منھنجي خيال ۾ جيڪب آباد واري ڪارروائيءَ کانپوءِ سنڌ جو وڏي وزير يا ٻيون اختياريون، جن کي ڌاڙيلن تائين ھٿيارن جي پھچ متعلق ڄاڻ ناھي، اُنھن کي جواب ملي ويو ھوندو ته اُھي ھٿيار سرڪاري پروٽوڪول، پوليس جي آشيرواد ذريعي ئي پھچن ٿا. ڪارروائي ته ٿي وئي، ھاڻي جيڪب آباد پوليس ۾ ٿرٿلو آھي. جھڙي ريت پوليس دعوا ڪئي آھي، اُن حساب سان پوليس جي ڀرپور نموني حڪومت پاران واکاڻ ٿيڻ گھرجي پر معاملو اُن جي ابتڙ آھي. ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙن کي انعام طور گھوٽڪي جي ڪچي ۾ بدلي ڪيو ويو آھي. وري ڳالھيون ڦھلايون پيون وڃن ته انھن جي بدلي اڳ ٿيل آھي. جيڪڏھن بدلي اڳ ٿيل ھئي ته آپريشن يا جيڪب آباد ۾ ڊيوٽي اُھي عملدار، اھلڪار ڇو پيا ڪن؟ ظاھر آھي ھِتي غريبن جي لاءِ ھڪ قانون ۽ اميرن، با اثر ماڻھن جي لاءِ ٻيو قانون آھي. اسان وٽ جيڪڏھن ڪنھن کي بچائڻو ھوندو آھي يا ڪيس کي دٻائڻو آھي ته فوري طور تي ڪاميٽي جوڙي ويندي آھي. ھن معاملي تي به ڪميٽي جوڙي وئي آھي.

جيڪب آباد ۾ حساس ادارن ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ غيرقانوني ھٿيارن، دھشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ، ڌاڙيلن تائين پھچڻ جو ته اعتراف ڪيو ويو آھي پر بابل ڀيو جو نالو تصديق ڪندڙ ادارن پاران ميڊيا آڏو ناھي کنيو ويو. جيڪڏھن ٿوري دير لاءِ فرض ڪريو، نالو ڏين به ھا ته ڇا ٿئي ھا؟ منھنجي خيال ۾ ڪجھ نه. جنھن جو مثال ماضيءَ ۾ موجود آھي. جنوري 2020 ۾ اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان پنھنجي رپورٽ ۾ اُن وقت جي صوبائي وزير، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ امتياز شيخ مٿان ڏوھارين جي سرپرستيءَ جو الزام لڳايو ھو. سياسي مخالفن کي دٻائڻ، پنھنجو خوف قائم ڪرڻ لاءِ

ڪرمنل گينگ استعمال ڪرڻ جو به الزام لڳايو ھو. ڳجھي رپورٽ ۾ ڊي آءِ جي کي مخاطب ڪندي ايس ايس پي ڄاڻايو ھو ته امتياز شيخ پوليس تي مڪمل ڪنٽرول چاھي ٿو، اھم عھدن تي پنھنجا آفيسر مقرر ڪرائڻ جي لاءِ ايس ايس پي تي مستقل دٻاءُ وڌي ويو، جڏھن ته آفيسر کاتي جي ڳجھي ڄاڻ اُن کي فراھم ڪندا ھئا. الزام جي ثبوت جي طور تي ڊاڪٽر رضوان امتياز شيخ، ان جي سيڪريٽري، پٽ ۽ ان جي ويجھن ساٿين جا موبائيل فون رڪارڊ به رپورٽ سان گڏ شامل ڪيا ھئا، جنھن ۾ ان ڳالھ جي نشاندھي ڪئي وئي ھئي ته امتياز شيخ، پوليس کي گھربل ڏوھارين سان رابطي ۾ آھي، جن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن. رپورٽ ۾ اھو به ڄاڻايو ويو ھو ته امتياز شيخ ان جو ڀاءُ مقبول شيخ ۽ پٽ فراز شيخ نجي گارڊ رکيا آھن، جن جو ڏوھي رڪارڊ آهي ۽ اھي اشتھاري آھن. اھڙن الزامن کي امتياز شيخ رد ڪندي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان کي ھڪ ارب هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو ھو. سعيد غني سميت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ھو. ڇا اِن معاملي تي ڪو کڙتيل نڪتو؟ نتيجو ڇا آيو، سڀني کي خبر آھي.

سنڌ اندر پوليس آفيسرن جي مقررين متعلق ھڪ عام تاثر آھي ته ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز جي مقرري اُتان جي حڪومتي ڌر جي ڪرتن ڌرتن جي رضامندي کان بغير ناھي ٿيندي، يا ته اُھي سياسي ڌريون انھن آفيسرن جي پاڻ مقرري ڪرائڻ جي لاءِ سفارش ڪنديون آھن يا وري اُھي آفيسر پنھنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي مقرري ڪرڻ لاءِ ھائوسز جا چڪر ڪاٽيندا آھن. ھِتي ھڪڙو سوال آھي ته آخر چونڊيل نمائندن، پوليس آفيسرن جي ٻارن کي ڌاڙيل اغوا ڇو ناھن ڪندا؟ تازو ٿيل اليڪشن ۾ ته اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته، موجوده ڪجھ چونڊيل نمائندا يا انھن جو اولاد پوليس جي لاءِ نوگو ايريا بڻيل ڪچي وارن علائقن ۾ اليڪشن مھم ھلائي، توڙي باقاعدا دعوتون کاڌيون ته ڇو انھن کي اُتي انھن کي يرغمال بڻائي، ڀنگ طلب ڪرڻ بجاءِ مھمان نوازي ڪئي وئي؟ اھي ته پاڻي ھلي ويا، عام مغوين کي ته ھو دوکيبازيءَ، جعلسازي، چالبازيءَ سان گھرائيندا آھن. آخر ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ھلندڙ آپريشن جي ڊرامي دوران ڏوھاري ڪيئن فرار ٿي وڃن ٿا؟ پوليس مختلف وقتن تي آپريشن ناڪاميءَ جو ڪارڻ مخبري، پوليس ۾ لڪل ڪاريون رڍون ھجڻ جو اعتراف ڪندي رھي آھي ۽ ڏيکاءَ لاءِ توڙي انھن ھيٺين ملازمن خلاف ڪارروايون به ڪيون ويون آھن، پر عملي طور تي آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ڌاڙيلن جي سھولتڪارن، سرپرستن جو پوليس، رياست ڪڏھن به گھيراءُ ناھي ڪيو. ھر ڀيري حڪومتي عملدار دعوائون، اعلان، نام نھاد آپريشن ڪرڻ، اربين روپيا خرچ ڪرڻ، ڪچي مان ڪڻڪ، چانور، ٻئي فصل ۽ ڪاٺ تي پنھنجو ھٿ صاف ڪرڻ کان سواءِ ڪو عملي قدم ناھي کنيو. ڪيل آپريشنن ۾ ناقص حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي آفيسرن ۽ جوانن شھادتون ماڻيون آھن. ڇو جو پوليس پاڻ مختلف وقتن تي اعتراف ۽ ڪارروائي ڪندي دعوا ڪري چڪي آھي ته پوليس ۾ لڪل ڪاريون رڍون ڌاڙيلن جي سھولتڪاري ۾ ملوث آھن. ڌاڙيلن ۾ کاڌ خوراڪ توڙي ضرورت جون شين جي فراھمي ۾ به ڪچي کي لڳندڙ ٿاڻن جي پوليس جي سھولتڪاري شامل هوندي آهي.

گذريل سال مارچ مھيني ۾ سنڌ ڪابينا جديد ملٽري گريڊ ھٿيارن جي خريداريءَ لاءِ 2 ارب، 23 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏيڻ سان گڏ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ گڏيل پوليس ۽ رينجرس جو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو، جيڪو ھن وقت تائين ناھي ٿيو. جيڪڏھن رياست سنجيدگيءَ سان ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري ته منھنجي خيال ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي، جيئن راجنپور جي ڪچي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن ٿيو ھو. اپريل 2016 ۾ آپريشن دوران چوٽو گينگ پوليس جي جوانن کي يرغمال بڻايو ھو، جنھن بعد پاڪ فوج جي جوانن جديد ھٿيارن، فوجي ھيليڪاپٽرز سان جي مدد سان 23 ڏينھن تائين آپريشن جاري رکيو. نيٺ ڇوٽو گينگ جي سربراھ غلام رسول عرف ڇوٽو سميت 13 ھٿياربندن ھٿيار ڦٽا ڪيا ھئا. ضرورت اِن ڳالھ جي آھي ته ڏھاڪن کان غير سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪندڙ حڪومت سنڌ کي عوام جي جان، مال جي حفاظت لاءِ ھن ڀيري سنجيدا قدم کڻڻ گھرجن. ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ عملي طور تي بھتر حڪمت عمليءَ سان آپريشن ڪيو وڃي. ڌاڙيلن جي سرپرستي، پٺڀرائي، سھولتڪاري ڪندڙن کي بينقاب ڪيو وڃي. پوليس ۾ ننڍن اھلڪارن سان گڏ آفيسر سطح تي لڪل ڪارين رڍن کي ظاھر ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. سياستدانن، ڀوتارن کي ڏنل پوليس پروٽوڪول تي نظرثاني ڪئي وڃي، پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائلن جي فيول، مينٽيننس، پوليس جي جوانن جو خرچ سياستدانن کان کان ڀرايو وڃي. عوام ۾ علائقي جي ڌاڙيلن سان علائقي جي بااثر ماڻھن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت ھجڻ واري معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي. جيڪب آباد ۾ غيرقانوني ھٿ آيل ھٿيارن واري معاملي جي ڪنھن کي بچائڻ نه پر حقيقتون سامھون آڻڻ لاءِ ساک رکندڙ آفيسرن کان جاچ ڪرائي وڃي. سنڌ مان اغوا انڊسٽري جو خاتمو آڻي عوام ۾ پيدا ٿيل خوف واري لھر ختم ڪئي وڃي.