سنڌي ميڊيا هائوسز جي پراڻ پسندي ۽ ڪمپيوٽنگ جي جديد دنيا

0
48
سنڌي ميڊيا هائوسز جي پراڻ پسندي ۽ ڪمپيوٽنگ جي جديد دنيا

ٻارھن سال اڳ مون اقوام متحدہ جي ملازمت ڇڏي پاڻ کي ٻولين جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھئو. اها ٻي ڳالهه ته ائين ڇو ٿيو ۽ ان پرڪشش ملازمت کي “يارو ياري” ڪرڻ کان پوءِ مون سان ڇا ڇا ٿيو، منھنجي مٿان ڪيتري تنقيد ٿي، ان جي ورجاءَ جي هتي ضرورت ناهي، ھا پر منھنجي سامهون جيڪو وڏو مسئلو نظر آيو پئي ته ايندڙ دؤر جي گهرجن سان اسان جون ٻوليون منھن ڏيڻ لائق بلڪل نه پئي نظر آيون. ملڪ جي قومي ٻولي اردوءَ کي ڏٺم ته ھر اردو اخبار جي ويب سائيٽ تي ھڪ بينر تي “بھتر اردو ديکني ڪي ليي اردو فونٽ ڊائونلوڊ ڪرين” لکيل ملندو ھئو. ڇو ته ان وقت اردو ميڊيا ۾ “جميل” ۽ “نوري نستعليق” فونٽ ئي استعمال ٿيندا ھئا، جن جو ڊجيٽل وزن 20 ميگابائٽ کان مٿي ئي ھوندو ھئو، جيڪو ويب سائيٽن تي لڳائڻ يعني سائيٽ جو بٺو ويھارڻ برابر ھئو. وري جيڪو موجود نستعليقي فونٽ ھئو، اھو به اھڙو جو ان ۾ “کينجهر، چيچہ وطني يا ليجينڊ” لفظ لکجن ته انهن لفظن جا نقطا پاڻ ۾ گڏمڏ ٿي اھڙي شڪل ٺاھي ڇڏيندا، جو ٽھڪ نڪريو وڃن. سو ان وقت اردوءَ جي آن لائين حالت ڏسي پاڻ اردوءَ جي پروگرامنگ تي ويھي رھياسين. ان وقت لاھور ۾ قائم ڪيل اداري “سينٽر فار لئنگئيج انجنيئرنگ” پاران “نفيس نستعليق” کي سامهون ڪري پاڻ ان جا نقص جو ڏٺاسين ته محسوس اھو ٿيو ته اردوءَ جا انجنيئر روايتي طريقن سان حل ڪڍڻ ۾ مصروف ھئا، جو اھي بنيادي ڪوڊن جي ٽيبلن کي ھٿ به نه پيا لائين. بھرحال اسان ڪجهه مھينا لڳايا ۽ ھڪ اھڙو فونٽ مارڪيٽ ۾ لاھڻ ڪامياب ٿي وياسين، جنھن کي ڏسي ڊجيٽل ميڊيا جي وڏي نالي جناب فيصل شيرجان کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ چيائين: “ھي جادو آھي! ناممڪن آھي جو ٻاويھ ميگابائٽ رکندڙ فونٽ سامهون ڇڙو ڏيڍ سئو ڪلوبائٽ رکندڙ پروگرام پوري اردو ٻوليءَ جا لفظ سڌا لکي سگهي! ھي ته ائين آھي جو ٻاويھ ڦيٿن جي ھڪ ڪنٽينر جو وزن سي ڊي سيونٽي موٽر سائيڪل تي رکي ھڪ سئو ويھ رفتار سان ڊوڙائجي!“

اڳتي ھلي ان فونٽ جي ڪري اردو ڪانفرنس ۾ اسان کي ‘محسنِ اردو’ جو خطاب ڏئي ايوارڊ ڏنا ويا ۽ اھو فونٽ روزاني جنگ ۽ جيو چئنل وارن اسان کان صرف ڏيڍ سال لاءِ ڪرائي تي ورتو، جنھن عيوض ھنن ھڪ وڏي رقم اسان جي حوالي ڪئي. اسان جي ھن اڳڀرائيءَ کي ڏسندي ڪراچيءَ جي ھڪ نجي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ھما بخاري مون کي يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جو “ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ” پڻ مقرر ڪيو ۽ ائين ڇڙي ھڪ سال يعني ٻه ھزار تيرھنِ ۾ اردو ٻوليءَ جو ھڪ وڏو سنگ ميل قائم ٿيو ته اردو ٻوليءَ جي ھڙني اخبارن پنھنجي ويبسائيٽن کي ٽيڪسٽ ۾ رکڻ شروع ڪيو، جنھن ڪري ٻن سالن کان پوءِ گوگل سان گڏ ٻين ڪافي ڪاروباري ادارن پنھنجي اشتھاري پروگرامن ۾ اردو ٻولي پڻ داخل ڪري ڇڏي.

وري ٻه ھزار چوڏھن جو نومبر مھينو ھئو، جڏھن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ سيڪريٽري تاج جويو صاحب جن مون سان مليا ۽ چيائون: “اسان چاھيون ٿا ته اوھان سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ اٿارٽيءَ ۾ اسان سان شامل ٿيو”. ھتي مان مراعتن يا ٻين ڪاروباري ڳالهين کي نه ٿو کوليان ته وچ ۾ ڇا ڇا ٿيو پر پنھنجي بابا ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي اصرار ۽ مٿين نيڪ نامن جي دعوت تي ٽن لکن جي پگهار ڇڏي اسي ھزار رپين تي اچي اٿارٽيءَ اندر ڪم شروع ڪيوسين. ان وچ ۾ ڪافي لطيفا پڻ ٿيا، جن مان ھڪ ھتي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. اردو ٻوليءَ جو تن ڏينھن ۾ ھڪ تمام وڏو چئنل کلي رھيو ھئو، جنھن پويان پاڪستان جو ھڪ تمام وڏو سوفٽويئر ھائوس ڪم ڪري پيو. ان پاڻ کي ست لک رپين جي پگهار تي ڪم ڪرڻ جي آڇ جدا پئي ڏني ته ٻئي پاسي ھڪ سنڌي چئنل جي مالڪ پنھنجي دعوت ۾ چيو: “پاڻ ڇو نه سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪريون. جنھن لاءِ منھنجي چئنل جي ويب ڪاسٽنگ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جا جديد سرشتا شامل ڪجن”! ان لاءِ ھي صاحب وڏي سخا ڪندي مون کي چاليھ ھزار رپيا آڇي رھيو ھئو! ان وقت مان پنھنجي يار صحبت جمال کي چيو ڀائو اٿ ھلون، ھي صاحب جڏھن پٺاڻ جي ريڙهي تان جُتي وٺڻ ۽ ھڪ ڊجيٽل ميڊيا ھائوس ٺھرائڻ وچ ۾ فرق محسوس ڪري، تڏھن پاڻ ڳالهائينداسين! ھا ھڪ ٻيو به لطيفو آھي ته لاھور ۾ ھڪ اردو ميڊيا ھائوس جي مالڪ ھڪ نجي ميٽنگ ۾ چيو ته ھن ملڪ جو ھڪ وڏو سرمائيدار اردو ٻوليءَ جي “لائيو ٽرانسليشن” (جيڪا دو بدو ۽ جهٽ پٽ ٿيندڙ ھجي) ان لاءِ پنجاھ ڪروڙ رپيا آڇي رھيو آھي ته اوھان ڪم شروع ڪريو، پوءِ ڏسندا وينداسين! وري پاڻ وٽ انهن ئي ڏينھن ۾ سنڌ جي ھڪ ميڊيا ھائوس جي ھڪ مالڪ کي جڏھن اھو ٻڌايو ويو ته سندن اخبارن جون ويب سائيٽون تصويري صورت ۾ رکيل آھن، تن کي ٽيڪسٽ جي شڪل ۾ رکيو وڃي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جا ڊيٽابيس وڌن ته ھن چيو: “پاڻ ائين ئي ڪنداسين”. پوءِ ٿيو ڇا ته ھنن واقعن کان پنج سال پوءِ ھڪ اردو چئنل دو بدو ۽ آوازن جي جهٽ پٽ ترجميڪاري مڪمل ڪري پروگرام لانچ ڪري ڇڏيو، جنھن سان خبرون پڙهجي ته اردوءَ ۾ ئي رھيون ھيون پر اسپيڪر مان سنڌي آواز اچي رھيا ھئا، پر پاڻ واري پاسي خبر پئي ته سنڌ جي تمام وڏي سرڪيوليشن رکندڙ اخبار کي ڪجهه وقت لاءِ محدود خبرن لاءِ ٽيڪسٽ بيسڊ ضرور ڪيو ويو ھئو پر ان ئي سال ۾ اھو فيصلو واپس وٺي ساڳي تصويري شڪل ۾ ويبسائيٽ بحال ڪئي وئي، جنھن جو سبب اھو ٻڌايو ويو ته ڪمپيوٽر آپريٽرن لاءِ وڏي ڏکيائي ٿي رھي ھئي! يعني ڪمپيوٽر آپريٽرن جي ڏکيائي وڏي اھم ڳالهه آھي پر ٻوليءَ جي ناماچاري ۽ ترقي ڪا حيثيت نه ٿي رکي! پر پنهنجي پاڻ کي ناھي ڏسڻو، ھا پر ٻين ادارن تي ڇتي تنقيد واجب آھي. پر کين اھا خبر ناھي ته پوري دنيا ۾ ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن واري عمل ۾ فونٽ ۽ الگورٿم ٺاھڻ، پروگرامنگ ڪرڻ، ۽ بنيادي ڪوڊيڪس جي لوڪلائيزيشن ڪرڻ ۾ ڊولپمينٽ يا لئنگئيج انجنيئرنگ جا ادارا ته ڪم ڪندا آھن، پر ٻولين جي ڪارپس (ٻول ڀنڊار) ٺاھڻ ۾ ٻولين جا ميڊيا ھائوس، يونيورسٽيون ۽ اديبن کان ويندي عام ماڻهو ئي گهربل ھوندا آھن.

اوھان ھڪ اھڙي مارڪيٽ جو تصور ڪري سگهو ٿا، جنھن ۾ شاندار نموني سان سجايل دڪان ته ھجن، خريداري ڪرڻ جا شوقين به آسپاس ھجن پر ان ۾ خريداريءَ ڪرڻ جو “وکر” نه ملي ۽ جيڪڏھن ھجي به ته اھو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو محدود ھجي! دوستو! اھا ساڳي ئي حالت ڊجيٽل دنيا جي عالمي مارڪيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿوَ!

ھتي اوھان سان اھا ڳالهه ونڊيندي خوشي به محسوس ٿئي ٿي ته دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڪنھن به ملڪ جي دفتري ٻولي نه ھوندي به، ان جا وڏا ڊيٽابيس نه ھجڻ باوجود به، وڏين انڊسٽرين جي سروي لسٽن ۾ نه ھجڻ باوجود به اڄ سنڌي ٻولي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي مکيه ادارن جھڙوڪ، يونيڪوڊ، مائڪروسوفٽ، ايپل، گوگل، سامسنگ ۽ لائنيڪس جي بنيادي پروگرامنگ ۾ اڳواٽ شامل ڪيل آھي، ان ڪري ئي اھا پڪ آھي ته مصنوعي ذھانت جا جيڪي به سرشتا آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃا ايندا، انهن کي سنڌي ٻولي داخل ڪرڻ ضروري ھوندو. پر ٻئي پاسي وري سنڌي ٻوليءَ جي آن لائين ڊيٽابيسن، جن کي بڻيادي ڪارپس (ٻولن جو ڀنڊار) ڪري ٻوليءَ جون مشيني ٽريننگون ڏنيون وينديون، انهن تي ڏسجي ته اھي “ائٽ اڃا مان ننڍڙي آھيان” جيان اڃا بانبڙا پائي رھيا آھن.

ھاڻي اھي ڊيٽابيس ڪٿان ايندا؟ ان سوال جو جواب ھنن انگ اکرن ۾ ئي پيو آھي. اوھان سمجهو: ھڪ محتاط اندازي موجب اٺ صفحن واري ھڪ سنڌي اخبار ھر روز چاليھ ھزار کن لفظ ڇاپي ٿي. يعني اھا ھڪ مھيني ۾ ٻارھن لک ۽ سال ۾ ھڪ ڪروڙ ڇائيتاليھ لک لفظ ڇاپي ٿي. اسان وٽ ھونئن ته گهڻيون اخبارون آھن پر ھتي ڇڙو پنجن جو ڳاڻيٽو رکجي ٿو ته اھي سڀيئي ھڪ سال ۾ اٺ ڪروڙ ويھ لک لفظ ڇاپين ٿيون. ياد رھي ته ھي ڇڙو لفظ ناھن پر جملا، اسم، ڳالهيون، رپورٽون، لوڪ ڏاھپ ۽ مختلف موضوعن تي ڪالمن تي ٻڌل اڄ جي تاريخ به لکجي رھي آھي. ھتي اھم ڳالهه اھا به آھي ته ھنن اخبارن جون سنديون ويبسائيٽون بہ آھن، يعني جيڪڏھن اھي ھڙئي اخبارون پنھنجو مواد آن لائين رکن ته اوھان سوچي سگهو ٿا ته ھر سال انٽرنيٽ جي ڊيٽابيسن ۾ اسان جو ڪيترو مواد شامل ٿيندو ويندو؟ پر افسوس ته اسان جون اخبارون آن لائين ايڊيشنون رکن ته ٿيون پر لوڙهي تي اٽي ھارڻ جيان! ڇو ته اتي سنڌي مواد ٽيڪسٽ نه پر تصوير جي شڪل ۾ رکيو پيو وڃي، جنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ڊجيٽل دنيا ۾ قد نه پيو وڌي سگهي ۽ جنھن آڌار مشيني ٽريننگون ممڪن نه ٿيون ٿي سگهن.

دل اڃا وڌيڪ تڏھن روئندي آھي، جڏھن اسان جي اخبارن ۾ اڄ سوڌو ٽيھ سال پراڻو غير معياري فونٽ استعمال ٿئي پيو، جيڪو اپڊيٽ نه ٿيڻ سبب يونيڪوڊ جي جديد پروٽوڪول جون گهرجون پوريون نه پيو ڪري سگهي. جڏھن ته سنڌ جي ثقافت کاتي پاران قائم ڪيل اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ پاران جديد معيارن تي ھڪ فونٽ مفت ۾ رليز به ڪيل آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سڄي لکت کي عالمي معيارن آڌار ظاھر ڪري ٿو پر اسان جا ادارا پراڻ پسنديءَ مان نڪرن به نه!

ھڪ ٻيو مثال به سمجهو. جيڪڏھن ڪو ٻاھريون ماڻهو مون کان منھنجو تعارف پڇي ۽ مان جوابيان ته: “منھنجو نالو امر فياض ٻرڙو آمريڪي آھي” ته اوھان منھنجي بي تڪي جواب تي ٽوڪيندا، پر پڪ ڄاڻو مان ائين نه چوندس. ھا پر اسان جون سنڌي اخبارون اھو ئي جواب ڏينديون آھن، جڏھن انٽرنيٽ جي دنيا جا عالمگير سرشتا سنڌي اخبارن جي ويبسائيٽن کي داخل ڪرڻ ايندا آھن ته اسان جي ويب سائيٽن ۾ متن واري ٻوليءَ جو ڪوڊ ھوندو آھي:

 <html lang=”en-US”>

جڏھن ته سنڌي ٻوليءَ کي يونيڪوڊ پاران جدا ڪوڊ ملئي ٻاويھ ورهيه ٿي ويا آھن. ان ڪري ويب سائيٽ جي سورس ڪوڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تعارف ھيئينءَ ريت ھجڻ گهرجي:

<html dir=”rtl” lang=”snd”>

پر ائين ناھي ھوندو! اھوئي سبب آھي جو ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ٻولين جي ڊيٽابيسن وارن وڏن پروگرامن ۾ اسان جي سنڌي اخبارن جي ويبسائيٽن کي ڪنھن کاتي ۾ ئي نه ٿو رکيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ سان ھيءَ جيڪا اک موڙ ٿي رھي آھي، اھا سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن پاران نه پر خود اخباري ادارن ھٿان ئي ٿئي پئي. اسان ان ڪري ئي چئون ٿا ته آھي ڪو دستگير، جيڪو اسان جي سنڌي ميڊيا ھائوسن کي دڳ لڳائي؟ ڇو ته ايندڙ وقت جي روباٽڪس واري دؤر ۾ سنڌي ٻولي “ڌڙ ريڍو- سِسي ٻاڪري” ٿي جيڪڏھن ويندي ته ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر صرف اسان جا ميڊيا ھائوس ئي ھوندا.

[email protected]