تماش گاهه … اثاثا وڪڻڻ سان ڪنهن ملڪ جي معيشت بهتر ٿي آهي؟

0
23
تماش گاهه ... اثاثا وڪڻڻ سان ڪنهن ملڪ جي معيشت بهتر ٿي آهي؟

  “پاڪستان جو مستقبل داءُ تي لڳي چڪو آهي اسان کي وياج جي ادائگي لاءِ به وڌيڪ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي. اها صورتحال گذريل ٻن سالن کان ٿي آهي. اڳ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو هو”. اهو بيان خزاني واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو آهي. مفتاح پاڪستان جي معيشت کي بهتر نموني سمجهي ٿو ۽ وقت بوقت حڪمرانن ۽ عوام جو ڌيان ڇڪائيندو پڻ رهندو آهي، پر هن ملڪ ۾ ته صورتحال ڪجهه اهڙي ٿي وئي آهي جو حڪومتون ملڪ جا سمورا اهم اثاثا وڪڻڻ جي پويان پئجي ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته، “پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائپي وارا پراڻا بيمثال لاڳاپا آهن. سعودي عرب ڏکئي وقت ۾ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي”. وزيراعظم کي ياد نه آهي ته پاڪستان پڻ هڪ دور ۾ آلِ سعود جي مالي مدد ڪئي هئي، جڏهن سعودي عرب ۾ تيل جي فراهمي نه هوندي هئي. اهڙي ريت نواب بهاولپور سر صادق (پنجون) ذاتي حيثيت ۾ آلِ سعود جي تمام گهڻي خدمت ڪئي هئي. سعودي تيل اسان جي سوچن جا رخ بدلائي ڇڏيا. بهاولپور رياست جي واليءَ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ پڻ سعودين جي تمام گهڻي مالي مدد ڪئي هئي، جيڪا تاريخ جو حصو آهي.

سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزير شهزاده فيصل بن فرحان سعودي وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ان جي استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عيدالفطر کان فورن پوءِ سعودي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئند آهي. اهو دورو پاڪ سعوديه اسٽريٽجڪ ۽ واپاري شراڪتداري جي نئين دور جي شروعات آهي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان پرڏيهي سرمائيڪاري جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. پاڪستان برادر ملڪن سان شراڪتداري کي گڏيل طور تي فائديمند بنائڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيو آهي. پاڪستان سعودي عرب طرفان سيڙپڪاري وڌائڻ تي سعودي قيادت جو ٿورائتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه ڪيو. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي سان پڻ ملاقات ۾ ٻطرفي سيڙپڪاريءَ تي ڳالهيون ڪندو ۽ مختلف معاهدن تي صحيون پڻ ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم شهباز شريف وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن کان آگاهه ڪيو. پوءِ ڀلي شراڪت ڪهڙي به هجي، هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته پاڪستان پنهنجا ڪيترائي اهم اثاثا سعودي عرب جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. پاڪستان کي فوري مسئلو رقم جي فراهمي جو آهي ته جيئن هو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهي. پاڪستان ۾ حڪمراني ڪندڙ ماڻهو جيستائين پنهنجا طور طريقا ۽ لاڙا تبديل نه ڪندا، سرڪاري ادارن جي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي نه ڪندا، تيستائين پاڪستان جا معاشي مسئلا پنهنجي جاءِ تي نه صرف برقرار رهندا پر انهن ۾ واڌ پڻ ٿيندي رهندي. پاڪستان پنهنجا سمورا اثاثا به وڪڻي ڇڏي، تڏهن به مسئلن ۾ گهٽتائي نه ايندي. پاڪستان جا اثاثا وڪڻڻ بدران حڪمران طبقي جا ماڻهو پنهنجن شاندار محلن کي ڇو نٿا وڪڻن؟ اهي حڪمران قرضن ۽ ملڪي اثاثن تي اکيون ڇو رکيو ويٺا آهن؟

پاڪستان جي حڪمرانن ۽ مقتدر حلقن کان اها ڳالهه ڪير پڇي ته اهي هن ملڪ جي معيشت کي ڪيستائين پٽ سٽ تي هلائيندا رهندا؟ پهرين ڳالهه ته اهي پنهنجن خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوبه اثرائتو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهن. وزيرن جي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي تمام گهڻي ڀرتي ڪئي وئي آهي، ته جيئن حڪومتن کي اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل هجي ۽ اهي پنهنجي وزارت جي چڪر ۾ پارٽين سان جڙيل رهن. ان کانپوءِ وزارتن جي خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهي ڪنهن به ريت ويچارڻ لاءِ تيار نه آهن. سياست ڪندڙ ماڻهو ڦڙي ڦڙي گڏ ڪري ڪم هلائڻ جا قائل ان ڪري به نه آهن، جو انهن کي پئسن جي فراهمي جاري آهي، پوءِ ڀلي اهي پئسا قرض کڻي حاصل ڇو نه ٿي رهيا هجن. سعودي عرب جهڙا دوست ملڪ انهن جي مالي سهائتا ڪندا رهن ٿا ۽ آءِ ايم ايف ته ڏيکاءُ جي حجت کانپوءِ انهن کي اڌار ڏيڻ تي رضامند ٿي ويندو آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي خزاني کي هلائڻ وارا ماڻهو قرض ملڻ تي به خوش ٿيندا آهن ۽ خوشيءَ جو بار بار اظهار ڪندا آهن  پر پنهنجن طور طريقن کي بهتر ڪرڻ، بچت لاءِ قدم کڻڻ کان لنوائيندا رهندا آهن.

هن ملڪ جي سياست کي هلائڻ وارن عوام جي چونڊيل نمائندن جي ايوانن کي پنهنجن ڀائرن، پٽن، ڌيئرن، ويجهن ۽ پري جي رشتيدارن جي آماجگاهه بڻائي ڇڏيو آهي. هن ملڪ ۾ ايئن ٿو لڳي ته ٻيا ماڻهو سياست ڪرڻ جا اهل ئي نه آهن. سموري اهليت ۽ قابليت انهن ئي ماڻهن کي حاصل آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪيترائي گهراڻا ته پاڪستاني حڪومت جي پئسن سان ئي هلن ٿا. جيڪڏهن اها سوچ درست آهي ته اهي گهراڻا ئي پاڪستان تي بار بڻيل آهن. خاندان جي بنياد تي سياست ڪندڙ انهن ماڻهن جي ڪپڙن جي هڪ هڪ جوڙي جي قيمت لکين رپيا ٻڌائي ويندي آهي، بوٽن جي قيمت ڪنهن به ريت ٽن  چئن لکن کان گهٽ ناهي هوندي. اهي صاحبزاده ۽ صاحبزاديون جڏهن عوام سان ملاقات ڪندي نظر ايندا آهن ته تصوير ڏسندڙن کي ئي ڦڪائي ٿيندي آهي ته انهن نام نهاد سياسي رهنمائن جي مت مارجي وئي آهي، جو انهن کي عوام جي غربت جو احساس به نٿو ٿئي. آئون اين جي او هلائيندڙ هڪ شخص کي سڃاڻان ٿو. جڏهن هو ٿرپارڪر ۾ پنهنجي اين جي او جي ڪم جو جائزو وٺڻ ويندو هو ته سفر دوران ئي پنهنجي پوشاڪ تبديل ڪري وٺندو هو، ته جيئن غريب ماڻهن سان ملاقات ۾ غريب ماڻهن جي احساس ڪمتري ۾ اضافو نه ٿئي ۽ ماڻهو ان سان بنا حجاب جي ڳالهائي سگهن. اسان وٽ اهي پوءِ ڍاوا نام نهاد سياستدان پنهنجي ملازمن جي گهيري ۾ هلندا آهن ته جيئن عام ماڻهو انهن کان پري رهن، جو انهن جا ڪپڙا خراب نه ڪري ڇڏين. پاڪستان هاڻي ان بار کي وڌيڪ عرصي تائين کڻي سگهڻ جي قابل نه آهي. پاڪستان جي آمدني واپار (درآمدات/امپورٽ) ۾ گهٽتائي نه پئي اچي، جڏهن ته روانگي واپار (برآمدات) ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اضافو نه ٿيو آهي. امپورٽ ۾ گهٽتائي ۽ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ئي هن ملڪ جي ڪمزور معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ عمل آهي.

پنجاب جي سڌ سماءَ جي وزير عظميٰ بخاري اها حيرت ۾ وجهندڙ دعوا ڪئي آهي ته عام طور تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز 500 کان 800 رپين ۾ ملندڙ لان جو جوڙو خريد ڪري پائيندي آهي. عظميٰ گيلاني جي وائرل ٿيل ان مختصر وڊيو ۾ کيس مريم نواز جي فيشن سينس تي ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو. وائرل ٿيل اها مختصر وڊيو عظميٰ بخاري جي طرفان عيدالفطر جي موقعي تي مارننگ شو ۾ شرڪت جي آهي. ان دورا مريم نواز جي فيشن ۽ ميڪ اپ جي باري ۾ پڇيل سوال تي عظميٰ بخاري چيو هو ته وزيراعليٰ پنجاب ڪنهن به به نقل ناهي ڪندي، جڏهن ته ٻيا ماڻهو ان جي ڪاپي ڪندا آهن. عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته خدا مريم نواز کي اهڙو خوبصورت مهانڊو ڏنو آهي جو ان کي وڌيڪ شيون لڳائڻ جي ضرورت نٿي پوي. هوءَ وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻه شيون لڳائيندي آهي. پنجاب جي سڌ سماءَ جي وزير جو چوڻ هو ته عام طور تي مريم نواز آن لائين خريداري ڪندي آهي. هوءَ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي شيون پسند ڪندي آهي. ان جو فيشن سينس بهتر آهي. عظميٰ بخاري مطابق، مريم نواز ننڍي برانڊ جي لان جا ڪڙتا پائيندي آهي، تڏهن به هوءَ تمام سهڻي نظر ايندي آهي. خدا ان کي سٺي شڪل ۽ صورت ڏني آهي. ڳالهه ڪپڙن جي قيمت ۽ برانڊز جي ناهي هوندي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڪو انهن ڪپڙن کي ڪيئن ٿو پائي ۽ مريم نواز تي ڪپڙن کي پائڻ جو انداز دنگ ٿي وڃي ٿو ۽ هوءَ پاڻ به ان کان اتساهه وٺندي آهي. عظميٰ بخاري طرفان مريم نواز لاءِ ڪيل دعوائن تي سوشل ميڊيا صارفين ان تان مسخريون ڪيون ۽ سوال ڪيو ته هاڻي ته 800 رپين جو لان جو جوڙو ٻهراڙيءَ جون غريب عورتون به ناهن  پائينديون.