ايراني صدر جي آمد ۽ آمريڪا جو چٽو چتاءُ

0
36
ايراني صدر جي آمد ۽ آمريڪا جو چٽو چتاءُ

 پاڪستان پريشان آھي. ان جو سبب صرف معاشي بحران ناھي. ھن وقت علائقي ۾ عسڪري ۽ سياسي ڇڪتاڻ وڌيل آھي. غزا مٿان بمباريءَ بعد اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ڊرونز ۽ ميزائلن جي جيڪا ڏي وٺ ٿي آھي، ان سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسان جو ملڪ ڪوئي وڏو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ بلڪل به ناھي.

                 ملڪ پنھنجيون پاليسيون ۽ سرڪاري سسٽم تبديل ڪري سگھن ٿا پر سرحدن تي صدين کان وسيل پاڙيسري نه! ايران پاڪستان جو نه صرف پاڙيسري پر ھڪ اھم مسلمان ملڪ آھي. جڏھن ته اسان جي ملڪ جي پاسپورٽ تي اسرائيل جي حوالي سان لکيل لفظ ميسارڻ جي جرئت ڪنھن حڪومت نه ڪئي آھي. پاڪستان جي آفيشل پاسپورٽ تي دنيا جي ٻه سئو کان سرس ملڪن کي ڇڏي صرف اسرائيل لاءِ لکيل آھي ته ھن پاسپورٽ سان اسرائيل ۾ داخل ٿي نه ٿو سگھجي. دنيا جي ڪجھ ملڪن ۾ پاڪستان جا سفارتخانا نه به ٿي سگھن ٿا پر دنيا جي ڪنھن به ملڪ سان پاڪستان جو سفارتي بائيڪاٽ ناھي. ان انڊيا سان به نه، جنھن جو نالو کڻڻ بدران صرف “دشمن” لفظ استعمال ٿيندو رھيو آھي. نئين دھليءَ ۾ پاڪستان جو وڏو سفارتخانو قائم آھي، پر اسرائيل جي ڪنھن به شھر ۾ پاڪستان جو ڪو آفيشل ماڳ موجود ناھي. جڏھن ته عرب ملڪن سان گڏجي اسرائيل سان مشروط لاڳاپا قائم ڪرڻ جا سرٻاٽ پيدا به ٿيا آھن ته ان وقت جي سرڪار اھڙن انديشن کي افواھ قرار ڏئي سختيءَ سان ترديد ڪري ڇڏي آھي. پر ايران سان ته پاڪستان جا گھڻ طرفا تعلقات آھن. اھي صرف سرڪاري نوعيت جا ناھن پر عوام جي ھڪ مخصوص مسلڪ جي عقيدت کان وٺي بلوچستان جي بارڊر تان ٿيندڙ اسمگلنگ نما واپار جي صورت ۾ به پاڪستان ۽ ايران جو پاڻ ۾ گھاٽو سٻنڌ رھيو آھي.

پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سرڪاري توڙي رياستي سطح تي ‘ٻه جسم- ھڪ جان’ وارو رشتو نه رھيو آھي. ان جو ھڪ سبب سعودي عرب ۽ ٻيو آمريڪا رھيو آھي. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ تلخيءَ جي تاريخ نئين ناھي. پاڪستان ايران سان لاڳاپا بھتر بڻائڻ بدران سعودي عرب سان پنھنجا تعلقات مضبوط بڻائڻ کي اوليت ڏني آھي. ان سبب ڪري ايران پاڪستان کان ٿورو وٿيرڪو به رھندو آيو آھي. جڏھن ته شاھ ايران جي خاتمي ۽ امام خمينيءَ جي آندل انقلاب کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪا شديد قسم جي ناپسنديدگي پيدا ٿي ھئي، ان ۾ ھن مھل تائين ڪا به ڪمي نه آئي آھي. جڏھن ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا پاڻ ۾ سيٽو ۽ سينٽو کان وٺي سرد جنگ جي گرم ترين دورن تائين جيڪي ويجھا رشتا رھيا آھن، انھن جو پڙاڏو صرف اسان جي ملڪ ۽ علائقي ۾ نه پر پوري دنيا ۾ پيدا ٿيندو رھيو آھي.

پاڪستان آمريڪا سان پنھنجا تعلقات تمام وڏي نازڪ ڊپلوميسيءَ سان اڻيا آھن. ھڪ طرف آمريڪا جو دادلو ۽ دھشتگرد پٽ اسرائيل آھي، جنھن مٿان آمريڪا ھڪ ڪک رکڻ به برداشت نه ڪندو آھي ۽ ٻي طرف پاڪستان جو آمريڪا مٿان دفاعي انحصار ۽ ڊالر سان پيار ۽ ٽين طرف مختلف وقتن تي پيدا ٿيندڙ پريشانيون! انھن سمورن مرحلن مان پاڪستان آمريڪا سان پنھنجي عشق جي ڪشتي عبور ڪئي آھي. آمريڪا سان محبت ۾ اسان جي ملڪ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آھي؟ اھا ھڪ طويل ۽ تمام گھڻن تضادن سان ڀريل ڪھاڻي آھي. پر اھو سچ آھي ته جيستائين دنيا جي نقشي تي سوويت يونين نالي ھڪ سپر پاور موجود ھو، تيستائين پاڪستان آمريڪا جي اکين جو تارو ھو. پر سوشلسٽ بلاڪ ٽٽڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو اھو تعلق به ساڳيو نه رھيو، جيڪو سرد جنگ ۾ ھو. جڏھن ان نيم جان رشتي ۾ مشرف جي دور دوران زندگيءَ جي ھڪ عارضي پر ڀرپور لھر به پيدا ٿي ھئي پر نواز شريف توڙي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت دوران پاڪستان کي وائيٽ ھائوس ۾ اھو آڌرڀاءُ نه مليو آھي، جيڪو ڪڏھن انڊيا جي اڳوڻي پرڌان منتري من موھن سنگھ ۽ ھاڻي نريندر موديءَ کي حاصل آھي. جڏھن ته ان جو ھڪ ڪارڻ انڊيا جو اھو لبرل ڪلچر به آھي، جنھن جي ڪري آمريڪا جا صدر بالي ووڊ جي حسين اداڪارائن سان رقص جي پرتڪلف پروگرامن ۾ پنھنجين فيمليز سميت شرڪت ڪندا آھن ۽ ڀارت پاران ھوليءَ کي مذھب کان وڌيڪ ثقافت جي رسم بڻائي جيڪا رنگن سان راند ڪئي ويندي آھي، ان ۾ آمريڪي سربراھن کي شرڪت ڪندي مسرت محسوس ٿيندي آھي. جڏھن ته وائيٽ ھائوس ۾ ھن مھل تائين عيد جي ڏھاڙي ڪا علامتي قربانيءَ جي رسم به ادا نه ٿي آھي. ڏياريءَ جي موقعي تي پتل جا دلڪش ديپ ضرور ٻاريا ويا آھن.

آمريڪا پاڪستان کي صرف پئسا ۽ ھٿيار ڏنا آھن پر پاڪستان آمريڪا کي پنھنجي سرزمين تان جھاز ۽ ڊرونز اڏارڻ لاءِ ھوائي اڏا به ڏنا آھن ۽ اھي زميني رستا دستياب ڪيا آھن، جن تان نيٽو عرف آمريڪا جي فوج لاءِ ھٿيارن جو کيپون وينديون ھيون. اڄ به جيڪڏھن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪا اڻ بڻ موجود آھي ته ان ۾ آمريڪا جي فرمائش تي افغانستان سان لڳ لاڳاپا فدا ڪرڻ واري پاڪستاني پاليسي آھي، جنھن جا ڪنڊا ھن مھل اسان جو ملڪ ۽ عوام تمام گھڻي تڪليف سان ڪڍي رھيو آھي.

پاڪستان آمريڪا لاءِ صرف ڪجھ ظاھر ڪرڻ ۽ ڪجھ ظاھر نه ڪرڻ جھڙيون مشڪل مھمون قبول نه ڪيون آھن پر ھن ملڪ آمريڪا جي خوشنودي قائم دائم رکڻ لاءِ ايران کان سستو تيل ۽ سستي گيس وٺڻ ۾ به ڪنھن قسم جي ضد جو مظاھرو نه ڪيو آھي. جڏھن ته ايران کان سستو تيل حاصل ڪري پنھنجي معيشت جو ٻڏل ٻيڙو تاري سگھي ٿو. پاڪ- ايران پائپ لائن جو منصوبو سالن کان سڪي رھيو آھي. صرف ھڪ مھيني جي محنت سان پاڪستان قدرتي گيس جي سلسلي ۾ آسودو ملڪ ٿي سگھي ٿو پر جيڪڏھن اھو منصوبو ھن مھل تائين عمل ۾ نه اچي سگھيو آھي ته ان جو ڪارڻ صرف ۽ صرف آمريڪا پاران پاڪستان مٿان پابنديون مڙھڻ ۽ سعودي عرب پاران پاڪستان کان ناراض ٿي وڃڻ وارا امڪان ئي ان راھ جي رڪاوٽ رھيا آھن.

سعودي عرب ھن وقت جھڙي طرح پنھنجي اندورني ۽ بيروني معاملن ۾ وسعت پيدا ڪري رھيو آھي ۽ ان موڙ تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار جي حوالي سان چين سعودي سرڪار کي راضي ڪرڻ جي گھٽ ۾ گھٽ ڪوشش ته ڪري سگھي ٿو پر اصل خطرو آمريڪا پاران انھن امڪاني پابندين جو آھي، جنھن جي گھنٽي ھن گذريل ڏينھن ان وقت وڄائي، جڏھن ايران جي صدر اسرائيل سان ٽڪراءَ ھوندي به پاڪستان جو اڳواٽ رٿيل دور ملتوي نه ڪيو. جيتوڻيڪ آمريڪا کي پوري پڪ آھي ته پاڪستان ھن کي انڌ ۾ رکي ايران سان ڪو اھڙو معاھدو نه ڪندو، جنھن سان واشنگٽن ۾ خطري جا الارم وڄڻ لڳن پر پوءِ به ھڪ ڪمزور امڪان کي نظر ۾ رکي آمريڪا پاران چئن ڪمپنين مٿان پابنديون مڙھڻ جو آفيشل اعلان ڪيو ويو آھي. پابندي لڳايل ٽي ڪمپنيون چين ۽ ھڪ بيلا روس جي آھي. جيتوڻيڪ پاڪستان ان قسم جي آمريڪي اعلان تي افسوس جو اظھار ڪرڻ سان گڏ اھڙي واپار جي الزام جي ترديد به ڪئي آھي پر اصل ڳالھ اھي پابنديون ناھن، جن جو اعلان ڪيو ويو آھي، اصل پابنديون اھي ٿي سگھن ٿيون، ھي اعلان جن جي امڪان جو اظھار آھي.

آمريڪا ھن وقت ايران- اسرائيل جنگ جي ممڪن حد تائين سخت مزاحمت ڪري رھيو آھي. اھوئي سبب آھي ته ٻنھي ملڪن پاران صرف ۽ صرف پنھنجي عوام ۾ عزت قائم رکڻ جي لاءِ علامتي سطح جا حملا ڪيا پيا وڃن. پر پينٽاگان کي پوري پروڙ آھي ته جيڪڏھن ھن جنگي جنون کي ھڪ ڀيرو پنھنجي اصل اظھار جو عملي رستو ملي ويو ته پوءِ محدود قسم جي ٽين مھاڀاري جنگ جا حفاظتي بند ڀري پوندا ۽ اھڙيون حالتون به پيدا ٿي سگھن ٿيون جو روس ۽ چين به پنھنجا احتياط اڪري وچ اوڀر جي ميدان تي پرگھٽ ٿين.

پاڪستان ھن وقت به اسٽراٽيجڪ حوالي سان ھڪ اھم ملڪ آھي. ان ڪري وچ اوڀر ۾ جيڪا ڇڪتاڻ ھلي رھي آھي ۽ ان صورتحال سبب ايندڙ وقت ۾ جيڪي جنگي امڪان پيدا ٿي رھيا آھن، انھن ۾ پاڪستان جو اھم ڪردار ٿي سگھي ٿو. آمريڪا ڪافي وقت کان وٺي پاڪستان کي امداد ته ڇا پر قرض ڏيڻ لاءِ به ڪشادي دل جو مظاھرو ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿو ڪري. ڪجھ وقت کان وٺي آمريڪا پاڪستان جي سڌي طرح سان نه پر آءِ ايم ايف جي معرفت پنھنجي ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ جيڪي اپاءَ وٺي رھيو آھي، اھي جيڪڏھن ميڊيا کان مخفي ناھن ته ھڪ ملڪ کان ڳجھا ڪيئن ھوندا؟ آمريڪا جي حوالي سان پاڪستان جي دل افسوس جو آشيانو آھي. ڇو ته ھڪ طرف ڀارت مٿان مھربانين جي ڀرمار ۽ ٻين طرف پاڪستان طرف لاڳيتي ڪن لاٽار ۽ ٽين پاسي پاڪستان کي جائز مفادن کان پري رکڻ جي پاليسيءَ سبب آمريڪا جي ذھن ۾ پاڪستان پاران ڪنھن ممڪن قسم جي سرڪشيءَ جو ڪو خدشو به ختم ڪرڻ لاءِ ھن پاران ان وقت پابندين جو پڙاڏو پيدا ڪيو ويو آھي، جنھن وقت ايران جو صدر ابراھيم رئيسي پاڪستان آيو آھي.

ايران جي صدر ۽ پاڪستان جي سرڪاري، رياستي ۽ عسڪري قيادت جي ملاقاتن ۾ وچ اوڀر جو معاملو ته ھر صورت زير ذڪر ايندو پر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فھميون ۽ ڪجھ ناراضگيون به ايتريون گھٽ ناھن جو انھن مٿان دل کولي نه ڳالھايو وڃي. پاڪستان کي ان سبب سخت افسوس ۽ ڪنھن حد تائين ڪاوڙ به آھي ته سندس خيال مطابق ايران جي سرزمين ھن جي مفادن مخالف استعمال ٿي رھي آھي. پاڪستان پاران پڪڙيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن پنھنجي اعترافن ۾ اھو ٻڌايو ھو ته ھو ايران جي ڌرتيءَ کي استعمال ڪندو رھيو آھي. جڏھن ته بلوچستان ۾ ھلندڙ مزاحمت ۾ به پاڪستان مطابق ايران جو سڌو نه ته اڻ سڌو ڪردار ضرور آھي. جڏھن ته تازو “جيش العدل” جي مٿان پاڪستان جي حدن ۾ ايراني حملو ۽ پاڪستان پاران ان جو جواب به پاڪ- ايران گفتگو جا اھم موضوع ھوندا.

پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ ان ملاقات جي حوالي سان عوامي مفادن جي حلقن ۾ امڪاني واپار جون ڪجھ اميدون ھن وقت به موجود آھن. جڏھن ته ايران پاران پوري طرح سان تيار ھجڻ جي باوجود به پاڪستان اھڙي آڇ قبول ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪندو. باقي سرحد تي امن امان ۽ سرحدي واپار ۾ سھولتون وڌائڻ وارو فيصلو ٻئي ملڪ مسڪرائيندي قبول ڪري سگھن ٿا.