جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ضلعي انتظاميا پاران حددخلين خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو، ڊي سي جي ھدايتن تي مختيارڪار جيڪب آباد پوليس نفري ساڻ ڪري اولڊ ڪاليج روڊ تي قائم ايم پي اي اسلم ابڙو جو قيصر پمپ، معراج ھوٽل، چوائس بيڪري سميت ڪيترن ئي دڪانن کي حددخليون ڄاڻائي نشان لڳائي حددخليون 15 ڏينهن اندر پاڻمرادو ڊاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.