ملتان (م ڊ) ملتان ۾ نئين ڪنوار سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ جوابدار اڃا قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا. ملتان جي تعلقي شجاع آباد ۾ ڪنوار سان شادي رات اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. سٽي پوليس آفيسر منير سعود جو چوڻ آهي ته اهو چوڻ غلط آهي ته معاملو ذاتي نوعيت جو آهي، ڇاڪاڻ ڪنوار سان اجتماعي زيادتي ثابت ٿي آهي، پوليس هر رُخ سان جاچ ڪري رهي آهي، اڃا تائين نتيجي تي ناهيون پهچي سگهيا.