ڪاڇي مان 2 هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري بازياب

0
332

جوهي/دادو (نمائندن وٽان) ڪاڇي جي علائقي قبصو مان 2 هفتا اڳ اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ڳوٺ يامين لغاري مان اغوا ٿيل فضيلا لغاري کي بازياب ڪرايو ويو، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ناري جي والد رانجھو لغاري جي فرياد تي ستار جمالي سميت 4  ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو

پوليس جو چوڻ آهي ته  ناري کي وومين چائلڊ پروٽيڪشن جي انچارج ۽ دادو پوليس بازياب ڪرائي ورتو، وڌيڪ جاچ جاري آهي

جڏهن ته بازياب ڪرايل قبصو واسڻ ناري فضيلا لغاري کي وومين پروٽيڪشن سيل منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته فضيلا لغاري ۽ اغوا جي الزام  هيٺ آيل ستار جمالي کي عدالت  ۾ پيش ڪيو ويندو

فضيلا لغاري جي ستار جمالي  سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بابت بيان  واري وڊيو به سامهون اچي وئي

رانجهو خان لغاري ڌيءَ فضيلا جي  اغوا واري ڪيس ۾ کيس منور لغاري  جي زال ڄاڻايو آهي

هي به پڙهندا

ميرپورخاص پوليس جو ڇاپو، ناري بازياب، زيادتي جو ڪيس داخل