انوشڪا شرما ويرات ڪوهلي سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

0
295
انوشڪا شرما ويرات ڪوهلي سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو
انوشڪا شرما ويرات ڪوهلي سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ويجهڙ ۾ اداڪارا انوشڪا شرما اسپورٽر آنر 2023ع ايوارڊ شو ۾ شريڪ ٿي جتي ميزبان سان ڳالهائڻ دوران هن ويرات جي بهترين يادداشت کي هن سان شادي ڪرڻ جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو

ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته اوهان ٻنهي ۾ ڪير اهم تاريخون وساري ويهندو آهي؟ جنهن تي ويرات جواب ڏيندي چيو ته انوشڪا مونکي اهم تاريخون ٻڌائي ڇڏيندي آهي ته جيئن مان هنن کي ياد رکان، ڇوته ان معاملي ۾ منهنجي يادداشت ٿوري بهتر آهي

انوشڪا چيو ته مان شاديءَ کان اڳ ويرات جي يادداشت مان گهڻي متاثر ٿي هيس مون سوچيو هن جي سٺي يادداشت منهنجي لاءِ تمام  گهڻي مددگار ثابت ٿيندي ڇوته منهنجي يادداشت تمام خراب آهي