جوهي ۾ سيڪپو اختيارين جي نااهلي انساني حياتيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون

0
193

جوهي: جوهي ۾ سيڪپو اختيارين جي نااهلي انساني حياتيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون، ڳوٺ گُل محمد گاڏهي ۾ ڪرِي پيل تارن ۾ وچڙي نينگر بيهوش ٿي ويو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نينگر نصر الله گاڏهي مال چاري رهيو هو ته بجليءَ جي ڪري پيل تارن ۾ وچڙي پيو، ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر بيهوش ٿي ويو

رهواسين دانهيو آهي ته مختلف علائقن ۾ ٻوڏ دوران ڪِري پيل بجلي جون تارون مٿي نه ڪيون ويون آهن

شڪايتن باوجود سيپڪو اختيارين کي شڪايتون ڪيون پر ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا

ڳوٺاڻن واقعي جو ڪيس سيپڪو عملدارن خلاف داخل ڪرڻ  ۽ بجلي جون تارون مٿي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي