جهڏو: نوجوان پاڻ تي گاسليٽ هاري باهه ڏيئي ڇڏي

0
457

جهڏو: جهڏو ۾ نوجوان پاڻ تي گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏي، جهڏو جي وارڊ نمبر 3 جي رهواسي نوجوان علي بهادر ولد عطا محمد قائم خاني گهر اندر پنهنجو پاڻ تي گاسليٽ هاري باهه ڏئي پنهنجي پاڻ کي ساڙي ڇڏيو نوجوان جي رڙين تي گهر ڀاتين ۽ پاڙي جي رهواسين پهچي باهه اجهائي نوجوان کي فوري طور آر ايڇ سي جهڏو منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران کيس ابتدائي طبي امداد ڏيڻ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو آهي ڊاڪٽر موجب نوجوان جو 40 سيڪڙو جسم سڙي متاثر ٿيو آهي نوجوان جي وارثن موجب ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه آهي جنھن سبب هن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيو آهي.