ڪراچي ۾ هڪ شينهن جو ٻار تي حملو، وڊيو وائرل

0
350

ڪراچي: ڪراچي جي گلبرگ واري علائقي ۾ هڪ شينهن پاران ٻار تي حملي واري وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ هڪ گهر ٻاهران شينهن جي چوڌاري ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏسي سگهجي ٿو، ان دوران ، هڪ ٻار شينهن جي چوڌاري گھمندي نظر اچي ٿو، اوچتو شينهن ٽپو ڏئي ٿو ۽ ٻار کي پڪڙي ٿو. حملي ۾ ٻار زخمي ٿي پوي ٿو. پوليس اختيارين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو نوٽيس ورتو، ايس ايڇ او گلبرگ ۽ ٻين پوليس اهلڪارن کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي، پوليس اهلڪارن چيو آهي ته واقعي جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن، اڃا تائين ڪنهن به زخمي ٿيڻ جي خبر نه پئي آهي. پوليس چيو ته هينئر تائين ، اهو معلوم ٿيو آهي ته شينهن عمر نالي هڪ شهري جو پالتو آهي.