ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ ايس يو پي جو سربراھ سيد جلال محمود شاھ طبيعت ۾ بهتري اچڻ بعد اسپتال کان گھر منتقل ٿي ويو آهي، سيد جلال محمود شاھ کي دل ۽ بلڊ پريشر جي عارضي سبب آچر ڏهاڙي ڄامشوري کان ڪراچي جي خانگي اسپتال آندو ويو هو، ڪالهه شام کيس گھر منتقل ڪيو ويو.