حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جعلي ڊوميسائل ڄاڻائي داخلائون رد ٿيڻ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران اميدوارن کي لاڳاپيل اختيارين وٽ وڃڻ جو چوندي درخواستون اڪلائي ڇڏيون. فيصل آباد سان رکندڙ شاگردياڻي ايمن نورين، شاگرد نصير احمد، رحيم يار سان تعلق رکندڙ هارون سهيل ۽ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي ذوها ايڊووڪيٽ رضيه پاٽولي معرفت عدالت ۾ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون هيون. جن ۾ سندن موقف آهي ته هو ڪيتري ئي عرصي کان والدين سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهائش پذير آهن پر تنهن باوجود لمس جي انتظاميا سندن ٻئي صوبي جي شهريت ڄاڻائي داخلائون روڪي ڇڏيون آهن. ٻڌڻي دوران شهيد بينظير آباد سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي فريال احمد ڀرٽ جي وڪيل جميل احمد پنهور ٻڌايو ته لمس ۾ داخلا وٺندڙ فيصل آباد ۽ رحيم يار خان ضلعن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻي جا ڊوميسائيل جعلي ٺهيل آهن جن جا وٽن ثبوت به موجود آهن جڏهن ته پنجاب واسي اميدوارن کي داخلائون ملڻ سان سنڌ جي اميدوارن جي حق تلفي ٿي رهي آهي. درخواست گذار ذوها پاران ايڊووڪيٽ رضيه پاٽولي دليل ڏيندي ٻڌايو ته ذوها والدين سميت ڪافي عرصي کان سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو آدم واري علائقي ۾ رهائش پذير آهي. سندس والده توڙي والد سميت ڀائرن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ توڙي ڊوميسائيل سنڌ جا ٺهيل آهن ۽ هن 2019ع ۾ پنجاب وارو ڊوميسائيل رد ڪرائي ڇڏيو هو جنهن جا ثبوت هن سانگهڙ جي ضلعي انتظاميا کي پڻ فراهم ڪيا هئا. دليلن بعد عدالت لمس انتظاميا کي هدايت ڪئي ته معاملو حل ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل سيٽن تي انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي داخلائون ڏنيون وڃن. درخواستن تي تفصيلي فيصلو اڄ اچڻ جا امڪان آهن.