ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ مٺو کهڙو ۾ رولو ڪتي 7 ورهين جي محمد رحيم پٽ عبدالحڪيم کهڙو کي منهن سميت جسم جي مختلف حصن ۾ چڪ هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو، نينگر کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو، جتي کيس ويڪسين لڳائي وئي، مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ علي حيدر جعفري جي رهواسي بخشڻ بنگلاڻي کي رولو ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو. ٽنڊوآدم ۾ ثناءُ الله ۽ پير علي کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو. باڊھه ۾ رولو ڪتن ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، زخمين ۾ مسمات صنم جت، مسمات حوران جوڳي، شوڪت شاهه ۽ ابرار شاهاڻي شامل آهن. ڪنب ۾ رولو ڪتن نوجوان حسن رضا سولنگي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو،