جتي ووٽن جي مَنڊِي لڳل هجي، اُتي سمجهي وڃو ته آصف زرداري ڊالرز سوڌو موجود آهي: شيخ رشيد

0
289
جتي ووٽن جي مَنڊِي لڳل هجي

ڪراچي: اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چوڌري شجاعت لاءِ رت جي رشتي جي گهرج آهي ته پرويز الاهي کي ووٽ ڏئي، چوڌري شجاعت ڏانهن لڙي وڃڻو پيو ته وينداسين

ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ جتي ووٽن جي مَنڊِي لڳل هجي، اُتي سمجهي وڃو ته آصف زرداري ڊالرز سوڌو موجود آهي، سياسي عدم استحڪام معاشي تباهي آڻي رهيو آهي، شهباز شريف تخت لاهور بدران ملڪ بچائي، نه ته گهر هليو وڃي، ملڪ ڪنهن به وقت سريلنڪا بڻجي سگهي ٿو

ھي به پڙھندا

وفاقي حڪومت ۽ اتحادين جو عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو فيصلو ۽ اليڪشن ڪميشن کان ، پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو