بي اعتمادي رٿ ۾ عمران خان خلاف ووٽ ڏيندس: طارق بشير چيما

0
307

اسلام آباد: مسلم ليگ ق جي اڳواڻ طارق بشير چيما وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ بي اعتمادي واري رٿ ۾ اپوزيشن جي حمايت جي حوالي سان چيو آهي ته هن چوڌري شجاعت کي واضع درخواست ڪئي آهي ته هو وفاقي ڪابينا تان استعيفيٰ ڏئي ٿو، عمران خان خلاف بي اعتمادي ۾ ووٽ ڏيندس

هن چيو ته چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي ۾ ڪو به فرق ناهي، منهنجي پنهنجي سوچ ۽ دماغ آهي، ملڪ کي جنهن پاسي نيو ويو آهي، معاملا بهتر انداز ۾ حل ٿي سگهن ها پر وزيراعظم گهڻو وقت ضايع ڪري ڇڏيو

هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ خاموشيءَ سان استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرويز الاهي پنهنجي باري ۾ پاڻ ٻڌائيندو، چوڌري شجاعت منهنجو ليڊر آهي، هن اجازت ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو عمران خان خلاف عدم اعتماد جو ووٽ وجهندو

ھي به پڙھندا

وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ قومي اسيمبلي ۾ پيش