ملڪي سياست ۾ چوڌرين جي اھميت وارو سوال

0
90
پيپلزپارٽي-جي-قيادت-کي-اکيون-کولڻ-گهرج

وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ حڪومتي حلقن ۾جيڪا دعويٰ ڪئي پئي وئي ته ھو مخالف ڌر کي سرپرائيز ڏئي ڇڏيندا پر ھن وقت تائين حڪومتي دعوائن جي ابتڙ مخالف ڌر مسلسل حڪومت کي 14 کان وڌيڪ ميمبرن جون وفاداريون بدلائي ڇڏڻ سميت جمھوري وطن پارٽي جي ميمبر شازين بگٽي جي حمايت حاصل ڪرڻ سان گڏ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ به پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائڻ جو سرپرائيز ڏئي چڪي آهي. جنهن تي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي تقريبن 126 کان وڌيڪ ميمبرن جون صحيحون ٿيل آھن ۽ مخالف ڌر اھا دعويٰ ڪري ٿي ته عمران خان سان گڏ عثمان بوزدار کي به ھٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ ھو حڪومت کي وڌيڪ سرپرائيز ڏيندا رهندا.

جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي (باپ ) جي حمايت حاصل ڪري مخالف ڌر اڃا به وڏو سرپرائيز حڪومت کي ڏئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ گذريل آچر شام اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ واري جلسي۾ وزيراعظم عمران خان ھڪ خط جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي قوتون سندس حڪومت جي خلاف سازشون ڪري کيس ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن جنهن ۾ملڪ جي اندر حڪومت مخالف ڌريون پڻ شامل آهن ۽ منھنجي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي پئسن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. عمران خان جي اھڙي تقرير کان پھرين پوري قوم جون نظرون ان جلسي طرف ھيون ته عمران خان ھڪ ته پنھنجي اتحادين کي اسٽيج تي آڻي يا وري نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي 15 کان 20 ميمبرن جون وفاداريون بدلائي کين اسٽيج تي بيھاري انهن پارٽين جي قيادت کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندو ۽ آخري ڪارڊ کيڏڻ م ڪامياب ٿي ويندو ليڪن اھڙو ڪوبه سرپرائيز ڏئي نه سگهيو.

جنهن جي نتيجي ۾اھا تبديلي ھاڻي يقيني  تبديلي طرف وڃي رھي آھي ته عمران خان جي حڪومت باقي ڪجھه ڏينهن جي مھمان رھجي وئي آهي ته وري ملڪي سياست ۾ گجرات جي چوڌرين جي اھميت ايتري وڌي وئي جو نواز ليگ جي قيادت کين پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ھلي اھا آڇڪئي ته پرويز الاهي کي 6 مھينن تائين پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ لاءِ تيار آھن. صرف ق ليگ جا 5 ميمبر عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ قومي اسيمبلي ۾ ووٽ ڪن. ھوڏانھن وري اھڙي صورتحال ڏسندي وزيراعظم عمران خان جي ٽيم شاھه محمود قريشي جي قيادت ۾چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪري پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ جي دعوت ڏيندي وزيراعظم جو پيغام پھچايو ته حڪومت جا اتحادي آھيو مخالف ڌر جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪندا ۽ باقي به شڪايتون ختم ڪيون وينديون مستقبل ۾به گڏجي هلنداسين ۽ وزيراعظم پنجاب۾وسيم اختر پلس کي ھٽائڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

جنهن کان پوءِ پرويز الاهي وزيراعظم سان ملاقات ڪري پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو.جڏهن اها ڳالهه ميڊيا تي هلي رهي هئي ته ان وقت ئي بلوچستان عوامي پارٽي جو پارليامان اڳواڻ خالد مگسي مخالف ڌر جي اڳواڻن آصف زرداري،شهباز شريف ۽ فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس  سندن حمايت جو اعلان ڪري رهيو هو.  ھاڻي ڏسڻو اهو ته ق ليگ جي قيادت حڪومت سان گڏ بيهڻ واري واعدي تي قائم ٿي رهي يا اڃا به وري يوٽرن وٺي وري ڪو سرپرائيز ٿي ڏئي.  بي اعتمادي جي رٿ جي آخري وقت تائين صورتحال هيٺ مٿي ٿيندي رهڻ جو امڪان آهي.ان ڪري  ايم ڪيو ايم ڪوبه فيصلو ڪرڻ بجاءِ ڏسو انتظار ڪريو واري پاليسي اختيار ڪري ويٺل آهي . باقي جيستائين وزيراعظم عمران خان جي تقرير جو تعلق آهي ته ھن ڪنهن جو  نالو کڻڻ کان سواءِ بلاول ڀٽو زرداري کي طعنو ڏيندي چيو ته پنھنجي ناني جي قاتلن سان گڏ ويھڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا آھيو.

ان چوڻي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سياست ۾ ھر شيءَ جائز ھوندي آھي ڪالھه جا دشمن اڄ جا دوست بنجي ويندا آهن. جيئن ماضي ۾ نواز ليگ جي قيادت ق ليگ جو نالو کڻڻ جي لاءِ تيار نه ھوندا ھئي پر عمران خان کي اقتدار تان ھٽائڻ جي لاءِ ھو ڪنھن به حد تائين ڪوبه فيصلو ڪرڻ ۾ پوئتي نه هٽندا ۽ وقتي طور تي ھو زھر جو ڍڪ پيئڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا آهن. باقي جيستائين وزيراعظم عمران خان پاران خط جو ذڪر آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي طاقتور ڌرين کي تحقيقات ڪرائڻ گھرجي ته آخر ڪھڙيون عالمي قوتون آهن جيڪي سازشون ڪري رهيون آهن يا اهو صرف وزيراعظم جو سياسي بيان آهي. مون کي ياد آهي ته 1976ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي پئي وئي ته ذوالفقار علي ڀٽو راولپنڊي ۾جلسي کي خطاب ڪندي ان قسم جو خط لھرائيندي چيو ته سندس حڪومت جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن اھي عالمي قوتون نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ايٽمي قوت بڻجي ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ڪرائڻ سندس ڏوھه آهي.

بحرحال ھي سٽون لکڻ تائين وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ سومر شام جو قومي اسيمبلي اجلاس ۾بحث لاءِ منظور ڪئي وئي آهي ۽ 31 مارچ خميس کان ان تي بحث ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٽن ڏينهن جي بحث کان پوءِ اسپيڪر مخالف ڌر کي 172 ميمبر پورا ڪرڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائيندو جنهن ۾ 172 ميمبرن جو تعداد پورو ڪرڻ جي نتيجي ۾ عمران خان گھر ھليو ويندو يا وري تعداد پورو نه ٿيڻ تي مخالف ڌر کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو.