بي اعتمادي رٿ:حڪومت جو ايم ڪيو ايم کي هڪ وڌيڪ وزارت ڏيڻ تي غور

0
235
ايم ڪيو ايم کي هڪ وڌيڪ وزارت
بي اعتمادي رٿ:حڪومت جو ايم ڪيو ايم کي هڪ وڌيڪ وزارت ڏيڻ تي غور

اسلام آباد: وفاقي حڪومت وفاق ۾ پنهنجي اتحادي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان کي هڪ وڌيڪ وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي وفد اڄ رات ايم ڪيو ايم سان ملاقات ڪندو ۽ حڪومت ايم ڪيو ايم کي هڪ ٻي وزارت جي آڇ ڪندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي پورٽ اينڊ شپنگ واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ حڪومت دعويٰ ڪئي هئي ته هن تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي مسلم ليگ ق جي هڪ ٻئي اهم اتحادي جو ساٿ ڏنو آهي، جنهن لاءِ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو

ھي به پڙھندا

پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير نامزد، بزدار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي