بي اعتمادي رٿ: جيڪو قدم کڻندس، قانون موجب هوندو: اسپيڪر اسد قيصر

0
215
خط پاڻ پڙهيو هو، قومي سلامتي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اجلاس گهرائڻ لاءِ سيڪريٽريٽ سان صلاح مشورا جاري آهن، حڪومت ۽ مخالف ڌر ڇا ڪري رهي آهي ان سان منهنجو ڪو واسطو ناهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر مخالف ڌر جي پارٽين جي بي اعتمادي واري رٿ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي ان تي ڪو به اعتراض ناهي، بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ سندن آئيني ۽ قانوني حق آهي، ان جي آجيان ڪريان ٿو

فلور ڪراسنگ تي قانوني راءِ گهرڻ بابت سوال تي اسد قيصر چيو ته ماهرن جي راءِ وٺڻ منهنجو ڪم آهي.  اسد قيصر چيو ته مون ڪو به خط نه لکيو آهي، ميڊيا ۾ اچڻ وارين خبرن جي ترديد ڪريان ٿو، هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪو قدم کڻندس اهو قانون موجب هوندو، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ بابت سيڪريٽريٽ سان مشاورت ڪري رهيا آهيون.