اڪري چودڳي (ن پ ا) تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ گذريل ٻن سالن کان آرڪيالاجي کاتي ۽ قبضاگيرن ۾ تڪرار سبب بي ڌياني جي ور چڙهي ويو. سانوڻيءَ جي برساتن سبب تاريخي ماڳ تي نروار ٿيل نوادرات ضايع ٿيڻ جو خدشو، برسات بعد سون، چانديءَ جا سڪا، قيمتي پٿر، شيشي جون چوڙيون ۽ ٻيون شيون ڳولڻ لاءِ علائقي واسي پهچي ويا. ڪيترائي ماڻهو سونا زيور، چاندي، زمرد، چوڙيون ۽ مڻيا ڳولي کڻي ويا. انتظامي تحفظ ۽ چوڪيدار نه هجڻ سبب تاريخي ماڳ جي لتاڙ ۽ قيمتي نوادرات چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو. جڏهن ته ليلا جا آتڻ واري زمين مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڌر ۽آرڪيالاجي کاتي جي تڪرار سبب تاريخي ورثو ميسارجڻ جو خدشو وڌي ويو. تاريخي ماڳ جي سروي ۽تاريخ بابت سيپٽمبر 2021۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ طرفان جوڙيل جي آءِ ٽي به 10 مهينا گذرڻ باوجود رپورٽ جمع نه ڪرائي سگهي. واضح رهي تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ اڪري چودڳي کان 3 ڪلوميٽر اولھه ڏکڻ ۾ نوشهري ۽ خيرپور ضلعي جي حدن ۾ واقع آهي، جنهن جي ايراضي 80 ايڪڙن کان وڌيڪ چئي وڃي ٿي.