گمبٽ/ راضيديرو (نمائندا) راضيديري جي ڪچي واري علائقي لانڍيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلب جتوئيءَ ۾ جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جهيڙو، گوليون لڳڻ  سبب نوجوان غلام سرور جتوئي قتل ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او لانڍيون عبدالرزاق انصاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪچي جي ڳوٺ قلب جتوئيءَ ۾ زميني تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو دوران فائرنگ ۾ نوجوان غلام سرور جتوئي مارجي ويو آهي. لاش واقعي واري هنڌ تان کڻائي وارثن حوالي ڪيو آهي. برسات سبب صبح جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال پهچايو ويندو. پوليس موجب جتوئي برادريءَ ۾ زميني پراڻي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ آهي ۽ مختلف وقتن تي 15 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. واقعي بعد جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.