بدين (رپورٽر) بدين ۾ اميدوارن پاران اليڪشن مھم شروع ڪندي پينا فليڪس لڳائي گاڏين ۾ ايڪو سائونڊ تي اميدوارن جا ڪلام ھلائي ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اپيلون ڪيون پيون وڃن،  شھر جي 14 وارڊن سميت تعلقي اندر مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪيترائي آزد اميدوار پارٽيون بدلائي جي ڊي اي حمايت يافتا مرزا گروپ جا ماڻھون پ پ ۾ ۽ پيپلز پارٽي جا ماڻھون وري مرزا گروپ ۾ شامل ٿي رھيا آھن، يونين ڪائونسل چاڪر پنھور مان ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تان اليڪشن  ۾ حصو وٺندڙ آزاد اميدوار اڳوڻي وائيس چيئرمين، ارباب الھورايو دل جو پٽ ايڊووڪيٽ صدام حسين دل برادري سميت  پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي  پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت ۾ ھٿ کڻندڙ  صدام حسين دل چيو ته  اڄ پ پ  جي اڳواڻن جي اچڻ بعد کين مان ڏيندي  ھٿ کڻندي سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪريان ٿو.