بدين اسپتال کي  بجيٽ جاري نه ٿيڻ خلاف انتظاميا جو ڌرڻو

0
100
بدين اسپتال کي  بجيٽ جاري نه ٿيڻ خلاف انتظاميا جو ڌرڻو
بدين اسپتال کي  بجيٽ جاري نه ٿيڻ خلاف انتظاميا جو ڌرڻو

بدين: انڊس اسپتال کي بجيٽ جاري نه ٿيڻ خلاف انڊس انتظاميا ۽ سوين ملازمن ڪراچي بدين روڊتي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

 ڌرڻي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور، پروفيسر ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، انجنيئر ذولفقار منڌرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي آهي

ڊاڪٽر سڪندر منڌرو موجب نگران حڪومت بجيٽ جاري ناهي ڪئي، جنھن سبب دوائن جي کوٽ ۽ ملازمن جون جون پگھارون بند آھن

ڊاڪٽر سڪندر منڌرو موجب بجيٽ جاري نه ٿيڻ سبب اسپتال بحران جو شڪار ٿي وئي آھي، ھزارين مريض  دربدر آھن

مظاهرين چتاءُ ڏنو آهي ته بجيٽ جاري ڪري انڊس اسپتال کي بند ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو