بحريا ٽائون سنڌ تي والار جو تسلسل

0
541
عوام کي آئين ۾ ڏنل حق ملي سگهندا؟

بحريا ٽائون ۽ ڪجھه ٻين ڌرين پاران ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ اتي آباد اصلوڪن ماڻھن سان ارھه زوراين ۽ کين پنھجي اباڻن پٽن تان بيدخل ڪرڻ جا واقعا معمول بڻجندا وڃن، جنھن سان انھن ۾ عدم تحفظ جو خوف وڌي رھيو آھي. پنھجي پڊن تي مالڪي ۽ خودمختياري انھن جو بنيادي حق آھي جنھن کان ھنن کي ڏاڍ مڙسيءَ سان محروم ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي لازمي ذميداري آھي ته اھا ڳوٺاڻن کي بحريه ٽائون يا ڪنھن به اھڙي ڌر جي دٻاءَ ڌونس ۽ قبضا گيري جي ڪوششن کان تحفظ فراھم ڪري. سنڌ جي ڳوٺن ۽ زمينن تي قبضا ڪا اڄ جي ڳالھه ڪانھي اھا والار پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ باقاعدي ھڪ منصوبا بندي سان شروع ٿي جنھن تحت پھريائين سنڌ جي زمينن ۽ شھري ملڪيتن تي ڪوڙن ڪليمن ذريعي ھندستاني پناھگيرن قبضو ڪيو. جنھن تي جنرل ايوب جو ھڪ بيان رڪارڊ تي آھي ته ڪليمن مان صرف 8 سيڪڙو صحيح ھئا. 92 سيڪڙو ڪليم ڪوڙا قبضا ھئا جيڪي اوڳرائي بنا ھڙپ ڪيا ويا اڃان به اھا ھاتارڻ ايويڪيو پراپرٽي ۾ اکيون وجھيو پاڻ کي ان تي دعويدار ڪريو ويٺي آھي. سکر بئراج جي ڪمانڊ ايريا ۾ زمينن تي خاص ڪري پنجاب مان ڌارين آبادڪاري پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ئي ٿي چڪي ھئي ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کانپوءِ ان يلغار جو ٻيو فيز شروع ٿيو. جنھن سان لاڙ پٽ جون زمينون پنجابي ۽ پٺاڻ سيٽلرن کي مليون شھيد فاضل راھو پنھجي ھمت ۽ مقامي ماڻھن جي ساٿ سان ڳچ زمينون قديمي آباد حقدار ھارين کي کڻت ڪرائي ڏياريون. اھو اوڻيھه سو پنجاهه جو آخري ۽ سٺ واري ڏهاڪي جو شروعاتي دور ھو ون يونٽ لڳي چڪو ھو ۽ جنرل ايوب جي حڪومت ھئي. ھن دور ۾ فوجي ۽ سول آفيسر شاھي کي سنڌ ۾ زمينون انعام يا ڀگڙن مٺ اگھن تي الاٽ ڪيون ويون رانديگرن ۽ پھلوانن پاڏيوانن کي به سنڌ جي زمينن جي لٽ مار جو حصيدار بنايو ويو. سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي پنجابي پٺاڻ فوجي قبضي جي ڪالوني بنايو ويو ھو. جنرل يحيٰ جي حڪومت مقامي سنڌين جي زمينن جي الاٽمينٽ ڪينسل ڪري انھن کي نيلام جي شيڊيول ۾ آڻي ڇڏيو. سنڌين جون سون ورنيون زمينون وري به انھي ئي مرد مٿير سورھيه شھيد نيلام بند ڪريو تحريڪ ھلائي اھي زمينون بچايون.
ان عرصي ۾ سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ تمام وڏي تبديلي آندي وئي سڄي سنڌ مھاجر پنجابي پٺاڻن جي انبوھن سان سٿجي وئي انھن پنھنجي قابض مفادن جي تحفظ ۽ بالادستي لاءِ مھاجر پنجابي پٺاڻ متحده محاذ ٺاھيو. اھو اتحاد انھن ڌرين کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ٺاھڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ،سنڌي مھاجر لساني فساد ڇو ڪرايا ويا، کين خبر ھئي ته اھي خود لياقت علي خان کان وٺي يحيٰ خان تائين جي حڪومتن جي پٺڀرائي سان قبضا گيري ڪندا رھيا ھئا ۽ کين ان جو گمان/ ادراڪ ھو ته ون يونٽ جي خاتمي، صوبن جي بحالي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي نتيجي ۾ سنڌي سگھارا ٿيندا جيڪا ڳالھه اتفاق يا ناداني ۾ اسان سنڌين نه ٿي سمجھي. خاص ڪري ممتاز علي ڀٽو جي وزيراعليٰ ٿيڻ ۽ ھن جي سنڌ جي مالڪي واري حڪمراني سندن خدشن کي وڌايو ۽ انھن قابض قوتن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ازلي وير جو جھيڙو شروع ڪري ڇڏيو.(جيڪو اڄ تائين جاري آھي) ايتري قدر جو ڀٽو صاحب کي سنڌ جو وزير اعليٰ ئي تبديل ڪرڻو پئجي ويو. اھو سڄو عرصو اھي قوتون پنھنجا قبضا ۽ مفاد بچائينديون رھيون. جنرل ضياءَ کان وٺي مشرف جي آمريتي ۽ ڪمزور جمھوري حڪومتن ۾ سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي راتاھا ھڻڻ واريون قوتون سرگرم عمل رھيون. ضياءَ جي دور ۾ به سنڌين جي 5 لک ايڪڙ زمين رد ڪئي وئي اھا به شھيد فاضل جدوجھد ڪري ورائي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارين کي زمينون ڏئي انھن جو مالڪ بنايو ھو ان کانپوءِ نواز شريف به بي زمين ھارين کي زمينون ڏنيون انھن کان سواءِ ٻين حڪومتن ۾ سنڌ جون زمينون بد نيت قبضي گيري جي اک ۾ رھيون. خاص ڪري ڪراچي ۾ سڄي ملڪ کان ماڻھن جي سيلابي ريلن سان شھر ۾ بلڊرن جو ڪاروبار چوٽ تي وڌيو ۽ ڏسندي ان ۾ حڪمران ۽ رياستي ادارا به شامل ٿي ويا.ان ۾ ڪراچي جي سامونڊي پٽي ته ڊي ايڇ اي جھڙوڪر لکائي آئي ھئي اھا سمونڊ لڳ پٽ ڪڍندي پنھنجو ايمپائر ڪنھن به حد بنا وڌائيندي نيشنل ھاءِ وي کان ايم ڊي اي جون حدون ٽپي سپر ھاءِ وي کي اچي لڳي آھي.
ڳالھه بلڊرن کان چڙھي ٽائون شپس تي اچي پھتي آھي پرائيويٽ سيٺين، سرڪاري ايجنٽن ۽ ادارن سون ھزارن ايڪڙن جا پڊ ڪي قبضا ڪري ڪي سستي موڙيءَ ۾ الاٽ ڪرائي مالڪ بنجي ويٺا آھن اھو ڌنڌو جنرل مشرف جي دور کان زورن تي شروع ٿيو. ان دور ۾ چائنا ڪٽنگ کان علاوه تيسر ٽائون اسڪيم 33 ۽ ٻين اسڪيمن کان علاوه ڪراچي – حيدرآباد جي وچ واري ميداني ۽ جابلو زمينون تين وال ڪرڻ ۾ ان وقت جي ارباب ۽ ايم ڪيو ايم سرڪار جي آشيرواد سان ٿيل پٽ والار ھاڻي صاف نظر اچي رھي آھي. ڊي ايڇ اي کان سواءِ تقريبن سڀني عسڪري ادارن پنھجي ملازمن جي نالي ۾ ھائوسنگ لاءِ سستي موڙي ۾ سرڪاري زمينون ورتيون جيڪي پلاٽنگ يا اڏاوت ڪري مھانگي ملھه سولين کي وڪڻڻ جو ڪاروبار ھلي پيو. ملڪ رياض جو بحريه ٽائون به ٽائون شپ قبضي گيري جو ھڪ منصوبو آھي. شايد ھي پھريون ايڏو وڏو سولين منصوبو آھي. جنھن ۾ کيس پئسو ۽ حڪومتي پٺڀرائي حاصل رھي آھي ۽ ھن ڏاڍ زبردستي سان مجبور ڪري معمولي معاوضي تي قديم ڳوٺاڻن کان انھن جا پڊ خالي ڪرايا. ڊي ايڇ اي فيز 9 ۽ بحريه ٽائون ٻنھي اجگر جيڏن منصوبن ۾ ڪيئي قديم ڳوٺ ۽ آباديون لڏايون ويون انھن کي ڇا معاوضو ۽ متبادل مليو اھو ھن “ ترقيءَ” جو وڏو الميو آھي. اتفاق سان ڪورٽ صرف بحريه ٽائون جا معاملا بحث ھيٺ آڻي ان کي 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ جي بدلي ڪلين چٽ ڏني. ڪورٽ مان اڇو آجو حاجي ٿي ھن وري بچيل ڳوٺن ۽ زمينن ڏانھن ڪاھه ڪئي آھي
ھن کي ترن جو تيل ترن مان ئي ڪڍڻو آھي. سنڌ ۾ جتي ملڪ رياض جي بحريه ٽائون جي مقامي ڳوٺاڻن سان ڏاڍاين ۽ دٻاءَ ڌونس وسيلي کانئن سندن پڊ ۽ زمينون خريد ڪرڻ جي ڪاررواين تي سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي اتي ھڪ موقف اھو به پيش ٿي رھيو آھي ته بحريه ٽائون مستقبل ۾ سنڌين جي وڏي آبادي ثابت ٿيندو ۽ گھڻي کان گھڻا سنڌي اتي اچي آباد ٿين، ايئن اھڙين سڀني ھائوسنگ اسڪيمن ۾ حصيدار ٿيڻ لاءِ اتساھيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ شھري زندگي ۾ پنھنجو حصو وڌائڻ سنڌين جي وجود ۽ جياپي لاءِ اڻٽر آھي پر بحريه ٽائون يا ٻئي ڪنھن به اداري يا آرگنائيزيشن کي قديم مقامي ماڻھن کان سندن اباڻا اجھا بنا ڪنھن رضامندي ۽ زبردستي وٺڻ ۽ کين دربدر ڪرڻ جو ڪوبه حق ۽ اختيار نه آھي ۽ نه ئي انھن جي پنھجي پڊن تي حق کي مستقبل جي ڪنھن اميد تي قربان ڪري ٿو سگھجي. سياسي ۽ سول سوسائٽي جي ساڃاهه وند جي اھا تجويز ڪافي معقول آھي ته بحريه تي ڪورٽ جا وڌل 460 ارب انڊيجينيئس انڊوومينٽ فنڊ ذريعي بحريه جي متاثر مقامي ماڻھن جي تعليم ترقي ۽ ڀلائي تي خرچ ٿيڻ گھرجن. ان کان علاوه ٻين جن به ادارن ۽ ڪمپنين کي ماضيءَ جي حڪومتن جي سرپرستي ۾ مفت يا سستي ملھه زمينون ڏنيون ويون آھن انھن جو به بحريه ٽائون وانگر ليکو ڪري حقدارن جي داد رسي ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ عوامي احتجاج ۽ جدوجھد جيڪڏھن صرف بحريه ٽائون ۽ پ پ حڪومت خلاف رھي ته ان کي سياسي مخالفت جي نظر سان ڏٺو ويندو.