بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ

0
171
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

آءِ ايم ايف سان معاهدي ۽ قرض جي منظوريءَ کان پوءِ ان جا عوام تي ناڪاري اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اڃان آءِ ايم ايف سان معاهدي جو هني مون هلندڙ ئي آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حتمي منظوري وفاقي حڪومت ڏيندي، جنهن بعد بجلي جو في يونٽ 50 رپين کان وڌي ويندو. وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته، بدقسمتيءَ سان بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ ڪرڻي پئجي رهي آهي. مهيني جي مهمان وزير اعظم جو چوڻ آهي ته، بجلي مهانگي ڪرڻ آءِ ايم ايف جو شرط آهي پر گردشي قرضن جي ڪري اها اسان جي ضرورت پڻ آهي. اهي پڻ خبرون آهن ته حڪومت آءِ ايم ايف سان واعدي وفائي ڪندي گئس جون قيمتون وڌائڻ جون پڻ تياريون ڪري ڇڏيون آهن.

توڙي جو پاڪستاني حڪمران اڃان جشن پيا ملهائين ته انهن ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي پر اهو نه پيو سوچيو وڃي ته ان لاءِ عوام کي ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پوندي! بجليءَ (گئس ۽ تيل) جي اگهن ۾ واڌ جا اثر گهڻ رخا آهن، ٻارڻ جون قيمتون وڌڻ سان هر شئي جون قيمتون وڌي وينديون آهن. جيئن ته، ڪنهن به پراڊڪٽ جي قيمت ۾ ٻارڻ جون قيمتون به شامل هونديون آهن ۽ ٻارڻ جا اگهه وڌڻ سان ان پراڊڪٽ جي اگهن ۾ واڌ اڻٽر هوندي آهي. اسان جي معاشي مئنيجرن جي تدبر جي حالت اها آهي ته هڪ طرف اهي پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيئي رهيا آهن ته ٻئي طرف ٻارڻ جي اگهن ۾ مسلسل اضافو ڪري رهيا آهن. جنهن ملڪ ۾ بجلي، تيل ۽ گئس جون قيمتون چوٽ چڙهيل هجن، امن امان جون حالتون بنهه خراب هجن، اتي سيڙپڪاري، پنهنجي موڙي سيڙائڻ جو ڪيئن جوکم کڻندا؟ حڪمرانن جي پاليسين ۾ ئي ٽڪراءُ آهي. عوام ته انهن جي ليکي ۾ ئي ڪونهي. ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي نالي ۾ انهن عوام جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ٿورو اندازو لڳايو ته جڏهن بجليءَ جو في يونٽ 50 رپين تي پهچي وڃي ته ماڻهو پنهنجن ٻچن کي هڪ ويلو رُکي سُڪي کارائين يا بجليءَ جا بل ڏين؟ ملڪ جي خوشحالي عوام جي خوشحاليءَ سان مشروط آهي. عوام کي مفلس ۽ محتاج رکي ملڪ کي ڪيئن ٿو خوشحال بڻائي سگهجي؟ صرف بجلي ئي نه، حڪومت هاڻي وري گئس جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي تيارين ۾ آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو ويو آهي، اهو آخر پڌرو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ اڃان ستم جون ڪهڙيون مشقون عوام تي آزمائڻيون آهن؟ ڪهڙا شرط آهن، جيڪي عوام کي ميسر اڻڀو گرهه به کسڻ لاءِ پورا ڪيا ويندا؟ هن وقت ئي حالت اها آهي ته غربت ۽ اڻهوند سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، جنهن تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڪو ملڪ وسيلن کان محروم هجي، بُٺ ۽ ڀڙڀانگ هجي، ان ملڪ ۾ غربت ۽ اڻهوند جا سبب ته سمجهه ۾ اچن ٿا، پر اهو ملڪ، جيڪو وسيلن سان مالا مال هجي، ان ۾ تيل، گئس، سون، ٽامي، سميت گهڻي معدني دولت هجي، سامونڊي بندرگاهه هجن، ان ملڪ ۾ جڏهن خودڪشين جي مستقل موسم ڇانيل هجي ته اها صرف ۽ صرف منتظمين جي نا اهليءَ جي ڪري آهي، جيڪي اهي وسيلا عوام ۽ ملڪ تي خرچ ڪرڻ بدران استحصالي ادارن ۽ ملڪن کي پليٽ ۾ رکي پيش ڪن ٿا ۽ پاڻ ڪشڪول کڻي پاڻ تي ۽ پنهنجي ملڪ تي خلق کلائين ٿا ۽ عوام لاءِ جيئڻ جا گس سوڙها ڪن ٿا.

حڪومت طرفان بجليءَ جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ‘مسڪينان مار’ ڪوشش ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان وري پنهنجي اها گهر ورجايون ٿا ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي کي پڌرو ڪيو وڃي. بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، جنهن واڌ لاءِ وزير اعظم چوي ٿو ته اهو آءِ ايم ايف جو شرط به آهي ته گردشي قرضن سبب اسان جي ضرورت به!