ڌاٻيجي/ ٺٽو/ ڪراچي (نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي مامرن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو  چيو آهي ته سازش تحت پيپلزپارٽي جي ڪردارڪشي واري مهم هلائي وئي، مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته وڏيون پارٽيون ناڪام ٿي ويون ۽ نئين سياسي پارٽي جي ضرورت آهي، جنهن کانپوءِ اسان تبديلي جي نالي ۾ تباهي ڏٺي، ڌاٻيجي ۾ اسپيشل ايڪنامڪ زون جو پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب  ڪندي هن چيو ته جڏهن صدر آصف زرداري گوادر پورٽ چين کي ڏئي سي پيڪ جو بُنياد رکيو، اُن وقت به پيپلزپارٽي مٿان تنقيد ڪئي ويندي هئي، هن چيو ته ڌاٻيجي ايڪنامڪ زون جي قيام سان 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ايندي، جڏهن ته  ڏيڍ لک ملازمتون پيدا ٿينديون، هن چيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ فني سکيا  ڏني ويندي، ڌاٻيجي زون سان پاڪستان وچ ايشيا ۽ دنيا جي ٻين منڊين تائين ڪاروبار ڪري سگهندو، هن منصوبي جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ٿرڪول کانپوءِ هڪ ٻيو سنگ ميل منصوبو ڌاٻيجي صنعتي زون شروع ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي عملي طور عوام جي خدمت ڪندڙ پارٽي آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور ڏنو آهي ته جيئن واپاري برادري جي سهڪار سان ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري معاشي ترقي ۽ خوشحالي تي ڪم ڪري سگهجي، هن چيو ته ٿر ڪول منصوبو پڻ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  وارو منصوبو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان به ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي وئي پر ڪوڙ ناڪام ٿيو ۽ سنڌ جا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وارا منصوبا ڪامياب ٿيا، سنڌ  پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ عالمي رينڪنگ ۾ ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار  پاران ڪورونا ۽ ٻوڏ دوران  ڪيل ڪم کي هرڪو ساراهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ملندو. جنهن سان غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته آئون سمورن واپارين، نوجوانن ۽ شهرين کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو ته گڏجي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪم کي اڳتي وڌايون ۽ تير جي نشان جو ساٿ ڏيون ته جيئن اسان سڀ گڏجي پنهنجي عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري سگهون. وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو 4 مهينن بعد وزيراعظم ٿيندو، اُن کانپوءِ ڪراچي کي بدترين شهر قرار ڏيندڙ اڪانامسٽ ڪراچي کي بهترين شهر قرار ڏيندو، هن چيو  ته اڪانامسٽ انٽيليجنس يونٽ ڪراچي کي ئي پنهنجي رپورٽ ۾ شامل ڪرڻ جي قابل سمجهيو، ملڪ جو ٻيو ڪوبه شهر اِنهي رپورٽ ۾ شامل ناهي، انهي رپورٽ ۾ تعليم ۽ صحت جي لحاظ سان ڪراچي جو درجو گهڻو مٿي آهي، هن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ تي ليڊر گهڻا پيدا ٿيندا آهن پر بهتر ويزن رکندڙ تمام گهٽ هوندا آهن، هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ترقي ٿي رهي آهي. هاڻي انهي ترقي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، بلاول اهڙي شخص کي ڪراچي جو ميئر مقرر ڪيو آهي، جيڪو ڪراچي جي تقدير بدلائي ڇڏيندو. هن چيو ته ڌاٻيجي ڪاروبار جي ترقي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم هوندو، وڏي وزير سنڌ چيو ته هن زون لاءِ 1500 ايڪڙ زمين گهٽ آهي، انهي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي حيثيت ۾ انهي جو افتتاح پڻ ڪندو.، تقريب کي سيڙپڪاري بابت  خاص معاون قاسم نويد قمر خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معاشي ترقي جو مرڪز آهي،  ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ڪراچي پورٽ، ڪراچي ايئرپورٽ، پورٽ قاسم ۽ نيشنل هاءِ وي ويجهو  هجڻ ڪري گيم چينجر ثابت ٿيندو.