پاڻي: منظم نسل ڪشي ۽ جنگي حڪمت عملي جو ھٿيار- II

0
332
پاڻي: منظم نسل ڪشي ۽ جنگي حڪمت عملي جو ھٿيار- II

  سنڌ ۾ 89 سيڪڙو زراعت ڪئنال نظام تي يعني درياهه جي پاڻيءَ تي آڌاريل آهي، 8 سيڪڙو ٽيوب ويل نظام ۽ 3 سيڪڙو باراني علائقن ۾ مينهن جي پاڻيءَ تي دارومدار رکي ٿي. پنجاب جي حڪمرانن هميشه پاڻي جي بحران جي نالي ۾ سنڌ جي مرضي خلاف سنڌوءَ مٿان تعميرات ڪري ڌاڙا هنيا آهن، جنهن جي تاريخ 1859ع کان شروع ٿئي ٿي.

                 سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي تڪرار جي تاريخ هونئن ته 1859ع کان شروع ٿئي ٿي پر ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي حڪمرانن ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو. 1960ع ۾ انڊس بيسن ٽريٽي سنڌ جي نمائندگيءَ بنا ڪئي وئي، جنهن تحت ٽي درياهه هندستان کي ڏنا ويا ۽ ٻئي پاسي عالمي ادارا ۽ هندستان پاڪستان کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا. پنجاب جي حڪمرانن پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي بحران جي بهاني ۽ ڀارت جي حڪمرانن سان ملي ڪري معاوضو وٺي 1961ع ۾ جهلم درياهه تي منگلا ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کان به اڳتي وڌي 1968ع ۾ سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم ٺاهيو. ان ذريعي پوري پنجاب جي زراعت کي جديد ڪيو ويو. 1967ع ۾ سنڌو درياھ مان پاڻي کڻڻ لاءِ چشما- جهلم لنڪ ڪئنال پڻ ٺاهڻ شروع ڪيو. 1991ع ۾ ڄام صادق جي دور ۾ سنڌ مٿان پاڻيءَ جو معاهدو مڙهيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي پاڻي تي لڳل تاريخي ڌاڙي جو ڪوبه ازالو نه ڪيو ويو. سنڌو ڊيلٽا کي خاص حق ڏئي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي ڇڏڻ بابت ڪجهه به طئي نه ڪيو ويو ۽ نه ئي سنڌو درياهه تي سنڌ جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو. پاڻيءَ جي ورهاست جو هڪ خاص فارمولو طئي ڪيو ويو، جنهن تحت سنڌ کي 48 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ۽ پنجاب کي 56 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏيڻ جو طئي ٿيو. پنجاب جي حڪمرانن لاءِ ماحوليات جو سوال اهم ناهي رهيو ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ جو مطلب هنن لاءِ پاڻي ضايع ڪرڻ برابر آهي! پنجاب 1991ع جي معاهدي جي به ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي ۽ سنڌ کي 1991ع جي معاهدي تحت به پاڻي ناهي ملندو رهيو. اڄ ٻيهر پنجاب جو حڪمران طبقو پاڻيءَ جي بحران جي بهاني هڪ ٻيو ڌاڙو هڻندي ڀاشا ڊيم ٺاهيو آهي. ان کان پهرين گريٽر ٿل ڪئنال- 2 تي ڪم تيزي سان جاري رھيو آهي.سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ٻيو سبب وڏيرا شاهي جي ڪري غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ بيٺڪيتي دور جو آبپاشي نظام آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته آبپاشي نظام مڪمل طور تي فرسودہ آهي ۽ 42000 واٽر ڪورسز گھڻو تڻو ٽٽل، ڪچا ۽ سڌا ناهن، جنهن جي ڪري پاڻي ضايع ٿئي ٿو. پاڻيءَ جي ايتري مقدار ۾ ضايع ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي زمين تيزيءَ سان لوڻياٺجي رهي آهي ۽ هن وقت 53 سيڪڙو سنڌ جي زمين لوڻياٺجي تباهه ٿي چڪي آھي. ان کانپوءِ مُنڍ ۾ بااثر ماڻهو پاڻي تي غيرقانوني ڌاڙو هڻي پڇڙيءَ تائين پاڻي رسڻ نٿا ڏين، جنهن جي ڪري پڻ زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته سنڌ ۾ 1980ع کانپوءِ تيزي سان ٻيلن کي ڪٽيو ويو، نتيجي ۾ 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٻاڦجي وڃي ٿو. ٻيلن جي خاتمي مجموعي طور گرمي پد ۽ ماحولياتي بگاڙ کي به وڌايو آهي. ٻيلن جي وڍجڻ جو عمل اڄ ڏينھن تائين به جاري آھي. اڄ به مڪلي باءِ پاس تان لنگھيندڙ ٽيلن ۽ ٽرڪن کي ڏسندا ته انھن ۾ 50 مان 30 گاڏيون وڍيل ڪاٺن سان ڀريل گذرندي نظر اينديون. يقينن سنڌ جي ٻين ٻيلن سان به ساڳيو حشر ھوندو.

آبپاشي نظام جي ناڪامي، زراعت جي تباهي ۽ ماحولياتي بگاڙ جو سڀ کان اهم مثال ايل بي او ڊي ۽ آربي او ڊي جا پراجيڪٽ آهن، جنهن سبب سنڌو درياھ جي ٻنهي پاسن کان آباد زمينون، منڇر جهڙي ڍنڍ ۽ ان سان جڙيل مهاڻن جي معيشت گهڻي عرصي کان تباهه ٿي آهي. سنڌ ۾ واٽر لاگنگ ۽ زمين جي لوڻياٺجڻ جي عمل کي روڪڻ لاءِ 1970ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ حڪومت ورلڊ بينڪ جي پئسي سان ايل بي او ڊي جو پراجيڪٽ متعارف ڪرايو، جنهن جو ڪم نوابشاھ، ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ بدين جي 20 لک ايڪڙن مان کاري پاڻي کي ڪڍي سمنڊ ۾ اڇلائڻ هو. ان ڪم لاءِ انهن ضلعن ۾ خاص قسم جا ٽيوب ويل لڳائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، جيڪي ان کاري پاڻي کي ڪڍندا ۽ پوءِ ايل بي او ڊي ۽ مخلتف سم نالن ذريعي اهو پاڻي شڪور ڍنڍ رڻ ڪڇ ۾ ضايع ڪيو ويندو. رڻ ڪڇ جو پاڪستان ۽ هندستان جي رامسر ٽريٽي ۾ هجڻ ۽ هندستان جي اعتراض سبب اهو منصوبو پورو نه ٿي سگهيو. ان جا ٻيا متبادل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو پراجيڪٽ ناڪام ثابت ٿيو آهي. خاص ڪري مينهن جي موسم ۾ ايل بي او ڊي ۽ ٻيا سم نالا ڦاٽندا آهن ۽ بجاءِ انهن جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ جي بدين، سجاول، ٺٽي ۽ ميرپوخاص ۾ ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي تباهي آڻيندو آهي. سنڌ ۾ 2011ع جي مينهن جي ٻوڏ جو وڏو سبب اهو هو، جنهن جي ڪري زراعت ۽ چوپائي مال جو اربين رپين جو نقصان ٿيو. ساڳيو ئي معاملو گذريل سالن ۾ مون سون مينهن ۾ ڪنهن حد تائين ٿيندو رھيو آهي. ائين ئي 2022ع واري ٻوڏ ته سڀني سنڌ واسين آڏو رھي آھي. 1982ع ۾ سرڪار سنڌو درياھ جي ساڄي پاسي آر بي او ڊي سم نالن جو منصوبو ڏنو، جنهن جو ڪم لاڙڪاڻي ۽ دادو جي زمينن مان کاري پاڻي ۽ صنعتي ويسٽ مواد کي منڇر ڍنڍ ۾ اڇلائڻ هو. منڇر ڍنڍ، جيڪا حمل ڍنڍ جي مٺي پاڻي سان آباد هئي، ان دور ۾ کيرٿر جي جبلن، سنڌو درياھ کان تباهي جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي. نتيجي ۾ 1944ع ۾ منڇر مان 2300 ميٽرڪ ٽن ۽ 1980ع ۾ 700 ميٽرڪ ٽن هر سال مڇي پڪڙجندي هئي. اها ڪجهه سال اڳ تائين صرف 75 ميٽرڪ ٽن وڃي بچي آهي ۽ مڇين جي ڪافي قسمن جي نسل ڪشي ٿي چڪي آهي. 15 هزار کان مٿي مهاڻن جا خاندان منڇر تان لڏي هاڻ گوادر ۽ ٻين علائقن ۾ رهڻ تي مجبور آهن. منڇر کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ سرڪار آر بي او ڊي 2 جو پراجيڪٽ 2006ع ۾ سامهون آندو، جنهن جو ڪم منڇر جي کاري پاڻي کي ڳاڙھي تائين پهچائي سمنڊ ۾ اڇلائڻ هو. ان پراجيڪٽ تي 14 ارب رپين جي لاڳت هئي، جيڪا هاڻ 60 ارب رپين کان مٿي ٿي چڪي آهي ۽ اهو پراجيڪٽ اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو.سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي جو سڀ کان گهڻو نقصان انڊس ڊيلٽا کي ٿيو آهي. انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي ۽ ستين نمبر وڏي مينگروز جهنگ جو گهر آهي. سنڌو درياھ تي ڊيمن، بئراجن ۽ ٻي پاڻي چوري سبب گهڻي عرصي کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سنڌو درياھ پنهنجي منزل يعني سنڌي سمنڊ تائين ناهي پهچي رهيو. مخلتف تحقيقن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ لازمي آهي پر عام حالتن ۾ 1 ملين ايڪڙ فوٽ کان به گهٽ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي. نتيجي ۾ انڊس ڊيلٽا آهستي آهستي پنهنجي موت ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ سمنڊ جو چاڙھ تيزيءَ سان ٺٽي ۽ بدين ضلعي جي زمينن کي کائي رهيو آهي. تقريبن 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو تيزي سان جاري آهي.

سينيٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪميٽي جي رپورٽ مطابق 2050ع تائين ٺٽي ۽ بدين جو وڏو حصو سمنڊ هيٺان دفن ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. تقريبن 12 لک کان مٿي آبادي انڊس ڊيلٽا جي علائقن مان لڏ پلاڻ ڪري چڪي آهي ۽ ڊيلٽا جي 17 ڪريڪس مان صرف 2 ڪريڪس فعال آهن. ڪجھ سال پھرين سرڪار هڪ نئين بئراج “سنڌ بئراج” جي تعمير جو فيصلو ڪيو ھو، جنھن تي ڪم تيزي سان جاري آھي. اھو بئراج انڊس ڊيلٽا کان 45 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٺٽي جي ڀرسان هوندو. ان بئراج جو اهم ڪم هر روز هزار گيلن پاڻي ڪراچي ۽ ٻين شهرڪاري جي منصوبن کي پهچائڻ آهي. ماهرن ان بئراج کي سنڌو درياھ، انڊس ڊيلٽا ۽ ٺٽي سجاول جي زمينن تي آخري وار قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ رهيل پاڻي به ان بئراج وسيلي قيد ٿي ويندو ۽ ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻيءَ جو ڦُڙو به نه پهچندو. ان سان گڏ باراني علائقن ۾ پڻ پاڻي جو سوال ۽ زرعي معيشت جي واڌ ويجھ جو مسئلو نمايان آهي. ٿر ۽ ڪاڇو 21هين صديءَ ۾ اڃان فطرت جي رحم و ڪرم تي آهن ۽ انهن علائقن ۾ به ماڻهو مينهن جي پاڻي کي اوائلي طريقن سان گڏ ڪرڻ وارن طريقن تي انحصار ڪري ٿو، جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان 20هين صديءَ ۾ اندرا گانڌي ڪئنال ذريعي پنهنجي ٿر ۾ جديد آبپاشي نظام فراهم ڪري اتي زراعت کي يقيني بڻايو آهي.

سنڌو ڊيلٽا جي سڀني ڪريڪس ۾ ھاڻي سمنڊ جو پاڻي وھي ٿو. ڪجھ ھفتا پھرين ڪيٽي بندر ذريعي کوبر ڪريڪ جي ويجھو ھڪ ٻيٽ تي وڃڻ ٿيو، جنھن ۾ ھاڻ سمنڊ وھي ٿو ۽ پاڻي لوڻاٺيل آھي. اھو پاڻي ھرگز نٿو پي سگھجي. ان ٻيٽ جي ڪناري ڀرسان هڪ هينڊ پمپ لڳل آهي، جنھن جو پاڻي ھتان جا ماڻهو استعمال ڪن ٿا. اھو پڻ پيئڻ لائق ناھي، پر هو استعمال ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي. ھتان جي ماڻھن مطابق مٺي پاڻي لاءِ کين 500 جو پيٽرول ساڙي 4 ڪلاڪن جو سفر ڪري ڪيٽي بندر وڃڻو پئي ٿو، جتي پڻ 5 ليٽرن جو ڪين 200 رپين ۾ ملي ٿو. ڪيٽي بندر ۾ مٺي پاڻي جا جيڪي ٽينڪر اچن ٿا، انھن تي بااثر ماڻھن ۽ واپارين جو قبضو ھوندو آھي. الميو اهو آهي ته سنڌو ڊيلٽا مڪمل طور لوڻاٺجي چڪو آھي ۽ ھن تي ڀاڙيندڙ ماڻھن جو جياپو پڻ خطري ھيٺ آھي. ھتان جي ماڻھن جي زندگي ڊيلٽا ۾ درياھي پاڻي ھئڻ سبب خوشحال ھئي. مٺي پاڻي جي ڪري ھنن علائقن ۾ ڳاڙھا چانور وڏي تعداد ۾ ٿيندا ھئا ۽ ھتي سونھڻ گاھ پڻ وڏي مقدار ۾ ٿيندو ھئو جيڪو جڏھن چوپايو مال کائيندو ھو ته ھو عام مقدار کان وڌيڪ کير ڏيندو ھو، جيڪو تمام گھڻو مٺو ھوندو ھو. ماضي ۾ فطرت سان ھم آھنگ زندگي گذاريندڙ سنڌو ڊيلٽا جي ماڻھن جو جياپو ھاڻي ننڍڙي مڇي جي نسل ڪشي تي آھي. سڄي ڊيلٽا ۾ ھڪ قسم جو ڄار وڇايل آھي، جنھن کي ھتان جا ماھيگير بولو ڄار چون ٿا. اھو ڄار ٻه انچن جيڏي مڇي کي ماڙڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، جنھن کي ڪِڇ چون ٿا. ڪِڇ جا ھر روز سوين ڪنٽينر ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ کان نڪرن ٿا. اھو ڪِڇ فارمي ڪڪڙين جي کاڌي/فيڊ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھتان جو ماڻھو حڪمران ڌر جي ماڻھن جو قرضي آھي، جنھن سبب ھو لڏپلاڻ به نٿو ڪري سگھي. گذريل مھيني بپرجوائي طوفان جي امڪان سبب ھتان جي ماڻھن کي جانورن وانگر مختلف جاين تي منتقل ته ڪيو ويو پر سندن کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ جو ڪو به جوڳو انتظام نه ڪيو ويو.

ان سڄي صورتحال کي تاريخي تناظر ۾ سمجھڻ بعد اھا ڳالھ واضح ٿي وڃي ٿي ته پاڪستان جا حڪمران پاڻي کي سنڌ خلاف جنگي حڪمت عملي طور استعمال ڪري رھيا آھن. ھي سنڌي قوم کي گولين سان نه پر سنڌ جي شھ رڳ سنڌو درياھ کي روڪي سمنڊ کي اڳتي وڌڻ جو جواز ڏئي رھيا آھن. ڪا قوم ڪنھن زمين ته قبضو ڪري ٿي ته ان مظلوم قوم کي تاريخ ڪڏھن نه ڪڏھن پنھنجي زمين خالي ڪرائڻ جو موقعو ڏئي ٿي پر سمنڊ جنھن رفتار سان اڳتي وڌندو اچي، تنھن کي روڪڻ يا ان جي قبضي مان زمينون خالي ڪرائڻ ممڪن ناھي. ھن سڄي قاتل حڪمت عملي سبب سنڌو ڊيلٽا، آبي جيوت جي تباھي ٿئي ٿي ۽ ڌرتي ڌڻين جو معاشي ۽ سماجي قتلِ عام ڪري سنڌ جي ماڻھن جي نسل ڪشي ڪئي وڃي پئي. سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي تحريڪن کي اشوز جي سياست کان نڪري، گڏ ويھڻو پوندو ۽ سنڌ جي پاڻي جي سوال، ماحوليات جي سوال ۽ سنڌو ڊيلٽا جي سوال کي نئين انداز ۾ سمجھڻو پوندو ۽ ھڪ مُنظم ڪل وقتي سياسي ايجنڊا تحت سڀني کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، نه ته نارائڻ شيام جي پيشن گوئي سچ ثابت ٿيندي، جنھن لکيو ته:

الا ائين مَ ھوئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي،

ته ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

(ٻيون ۽ آخري حصو)