ھڪ جپسي ڪالم … ڪوس گھر ۾ ٻرندڙ ھڪ نماڻي بتي

0
124
ھڪ جپسي ڪالم ... ڪوس گھر ۾ ٻرندڙ ھڪ نماڻي بتي

“بيحد پيار مان ھوءَ پئدا ٿي ھن دنيا ۾ آئي ھئي،

۽ بيحد بي رحميءَ سان ھُن کي ھِن دنيا مان واپس موٽايو ويو.”

(ھڪ “ڪاريءَ” جي قبر تي لکيل ڪتبو).

*****

                 مون جڏھن ھي ڪالم لکڻ شروع ڪيا ھئا، ته منھنجي خواھش ھئي ته مان پنھنجي پراڻي ساٿي ڪامريڊ مٺڻ سومرو ۽ پنھنجي سکر شھر جي ٻن سورمين ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو تي ضرور ھڪ ڪالم لکندس ۽ سالَ لنگھي ويا پر مان اھو ڪم ڪونه ڪري سگھيو ھوس. مان ھر روز سوشل ميڊيا جي ھر پليٽ فارم تان ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جون سرگرميون پڙھندو رھندو آھيان ۽ مون کي حيرانگي وٺي ويندي آھي ته ھڪ نازڪ ۽ نفيس عورت، جيڪا شايد گلاب جي ھڪ پَن جو بوجھ به کڻي نه سگھي، پر پنھنجي اندرَ ۾ ڪيڏي نه اڏول، بھادر ۽ اڻ موٽ آھي، جو سنڌ ۾ ھر ان ھنڌ تي پھچي وڃي ٿي، جتي ڪنھن پکي پکڻ جو پھچڻ به مشڪل ھوندو آھي. ڪنھن به عورت سان ظلم ٿئي ته ھن جو ھينئون به ايئن ئي لرزي اٿي ٿو، ڄڻ اھو ظلم اصل ۾ ھن تي ئي ٿيو ھجي.

مان ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جي رڳو ھڪ ھفتي جي سوشل ٽيگنگ ڏسان ٿو ته ڏيل ڏڪي وڃي ٿو ته اسان جي صدين کان پرامن ۽ آشتيءَ جي آستان سنڌ کي ڪيئن نه ھڪ ڪوس گھر ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، جو اڄ ڪوبه ھتي محفوظ ڪونه آھي. ڊاڪٽر عائشه مون کي فون تي ٻڌائي رھيون ھيون ته مان پنھنجي تَر ۾ جڏھن به ڪا پوڙھي عورت ڏسندي آھيان ته حيرانگيءَ وچان سوچي ڏڪي ويندي آھيان ته اھا ويچاري ڪيئن مارين جي ڪھاڙين ۽ بندوق جي ڇُرين مان بچي ان عمر کي پھتي آھي، ۽ افسوس ته اھا عورت انھيءَ عمر ۾ به ڪنھن طور تي محفوظ ڪانه آھي، ڪا خبر ناھي ڪڏھن ھن جو ئي ڪو خوني رشتو ھن کي ڪنھن گھنائوني الزام جو طوق پارائي گولين جو بک بڻائي وجھي.

ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جنھن خانداني سيٽ اپ مان اُسري وڏي ٿي آھي، اھو گھراڻو اسان جي سکر جي پراڻي پاسي جو ھڪ عجيب گھراڻو آھي. بابا سائين ٺپ اڻ پڙھيل ۽ امي به ڪنھن اکر شناسَ کان عاري، مگر ٻنھي جي خواھش ھئي ته اسان جي آشا انھن وانگر اڻ پڙھيل ۽ جاھل نه ھجڻ کپي، ان ڪري خاندان جي وڏين مُڇين وارن جي سرخ ۽ ڳاڙھين اکين جي پرواھ نه ڪندي به بابا گل حسن ڌاريجو کيس ڪلھي تي کڻي اسڪول ڇڏي ايندو ھو ۽ ايئن ئي واپس به کڻي ايندو ھو، ھُوءَ پنھنجي ذات جي ان اونداھ گھر جو اڪيلو ڏيئو بڻجڻ وڃي رھي ھئي، جنھن کي ويھن ٽيھن سالن بعد پاڻ جھڙن سوين نادار ۽ بي سھارا گگدام عورتن جو سھارو بڻجڻو ھو.

ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو منھنجي سامھون ويھي جڏھن پنھنجون ساروڻيون اوري رھيون ھيون ته انھن جون اڌ کليل اکين ۾ ماضيءَ جا ٽانداڻا ٽم ٽم ڪري ھن جي چھري جي چئوڌاري ڦري رھيا ھئا ۽ ھو ھڪ سادڙي مرڪ سان ٻڌائي رھيون ھيون ته، بابا سائينءَ ھن جي ڊيوٽي رکي ھئي ته ھُوءَ سندس سامھون ويھي کيس اخبار جون شھ سرخيون پڙھي ٻڌائي. ھن جي بابا جو اکيون اکر سڃاڻي ته ڪونه سگھنديون ھيون پر ھن جي اکين ۾ زندگيءَ جي تجربن جي ايتري ته چٽي روشني ھوندي ھئي، جو ايئن لڳندو ھو بابا جي سادگيءَ سان ادا ڪيل ھر جملي پوئتان ڄڻ سوين لائبريرين جا ريفرنسز موجود آھن. اخبار جون خبرون پڙھندي پڙھندي ھُوءَ وڏي ٿي ھئي ۽ ان اخباري ڪرت جي ڪري ھن کي زندگيءَ کي سمجھڻ ۽ ورتائڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه محسوس ٿي، ڄڻ ته ھُوءَ اھو سڀ ڪجھ اڳ ۾ ئي ڄاڻيندي ھجي، جنھن جي ڄاڻ روز صبح جو اخبارون ڏين ٿيون.

ڊاڪٽر عائشه جي آڱرين ۾ ھڪ نيري پينسل بار بار پنھنجي ڊائريڪشن تبديل ڪري رھي ھئي ۽ ھن جي چپن مان لفظن جي ھڪ لڳاتار سيريز منھنجي ڪنن تائين پھچي رھي ھئي. ھو ٻڌائي رھيون ھيون ته، “ابتدا ۾ مان لڪل نموني پنھنجون سماجي سرگرميون شروع ڪيون ھيون، جنهن ۾ مان غريب عورتن جي مدد ڪندي هيس پر پاڻ کي ظاهر ڪونه ڪندي هيس، ڇو جو ڪجہه خانداني پابنديون هيون ۽ ڪجہه وري پاڻ ۾ به ھڪ ضد هئو ته لڪل نموني پنھنجي صنف “بنتِ حوا” جي مدد ڪرڻي آهي. مان هميشه سوچيندي رهندي هيس ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عورتن جون تنظيمون آهن ۽ اتي عورتون ڪم به ڪري رهيون آهن، جيئن امرسنڌو ۽ عرفانه ملاح، پر اتر سنڌ جون عورتون يا تنظيمون انقلابي ڪردار ڇو ڪونه ادا ڪري رهيون آهن، جڏهن به مان پنھنجي ورَ ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ سان رات جو ڪچهري ڪندي ھيس ته اسان ٻئي اهوئي سوچيندا هئاسين ته هڪ موثر پليٽ فارم جوڙجي، جتي عورتن جي حقن ۽ مظلوم طبقي لاءِ وڏي واڪي ڳالهايو وڃي، جتي عورت مرد نه پر فردَ جي ڳالہه هجي، ان حوالي سان سکر جو وڪيل ادا هادي بخش ڀٽ (جنھن کي مرحوم لکندي مان ھميشه ڏاڍي ڏکاري ٿي ويندي آھيان) پهريون شخص هو، جنهن سان ڊاڪٽر علي اڪبر ۽ مان ڳالهائيندا هئاسين ته هڪ تنظيم جوڙي وڃي، جيڪا هر سياسي، سرداري يا حڪومتي بار کان آجي هجي، جيڪا ڪنهن به تنظيم يا اين جي او جيان ٻاهرين تنظيمن کان فنڊ به نه وٺي، رڳو پنهنجي فنڊ تي هلي. مطلب ته سڀ ميمبر مهيني جو شيئر ڏين، وڌيڪ بار ڊاڪٽر علي اڪبر کڻندو. ان وچ ۾ مان پنهنجو ڪم لڪل نموني ڪندي آيس، ڪنهن کي ڪا به ڀڻڪ نه پئي. ڪٿي ڪنهن کي وڪيل ڪري ڏيڻو آهي يا مالي مدد ڪرڻي آهي يا صحيح رستو ڏيکارڻو آهي. سڀ فرض پاڻ ۽ چپ چاپ نڀائيندي آيس. ان کان پوءِ ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ, هادي بخش ڀٽ ۽ مان تاج هوٽل سکر ۾ ملي طئي ڪيوسين ته ھاڻ منظر تي اچجي ۽ ايئن “سنڌ سُھائي آرگنائيزيشن” جو وجود عمل ۾ آيو. ان بعد 2018ع جي فيبروري مھيني ۾ فيري ھوم سکر ۾ اسان جي هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾سائين ادل سومرو، اياز گل، ابراهيم کرل، امر اقبال، ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو، ايڊووڪيٽ رضوانه ميمڻ، عبداللطيف انصاري، ايڊووڪيٽ پارس ۽ ادا هادي بخش ڀٽ جن سان هڪ ننڍڙي تقريب رکي وئي، جنهن ۾ تنظيم جو نالو “سنڌ سهائي آرگنائيزيشن” رکيو ويو. هن سال 2023ع تائين اسان جي تنظيم پوري سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنھن جا مختلف ضلعن ۾ ميمبر آهن ۽ يونٽ کليل آهن. 2019ع ۾ اسان سکر ۾ عورت ڪانفرنس ڪوٺائي، ان بعد لڳاتار اھو سفر اڄ تائين ھلي رھيو آھي. اسان جتي به عورت مارچ ڪندا آھيون، اتي 80 سيڪڙو عورتن جي شموليت ھوندي آھي ۽ اھا شئي اسان جي رڳن ۾ خوشيون ڀري ڇڏيندي آھي. 2022ع وارو گھوٽڪي مارچ ان حوالي سان به يادگار رھيو، جو اھو مارچ اسان سردارن جي شھر جي وچ ۾ بيھي انھن کي للڪاري ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ھو.” اھو چوندي مون محسوس ڪيو ڊاڪٽر عائشه جون اکيون جذبات وچان مشعالن جيان ٻري رھيون ھيون.ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، بي شڪ ھڪ اھڙي سفر جون راھي آھن، جنھن سفر ۾ ھر قدم تي رڪاوٽون ۽ ميل شائونزم جا ڪوڙڪا اڏي رستن تي لڪائي رکيا ويا آھن پر ڊاڪٽر پنھنجي خاندان سان ھڪ اھڙي جوت جيارڻ جو ڪم ڪري رھيون آھن، جنھن سان اسان جي اتر سنڌ جي پيشانيءَ تي ڪنھن چُٽي جيان چِٽيل “ڪارو ڪاري” جو داغ حالانڪه بيحد گھرو ٿي چڪو آھي، مگر ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو ۽ مٺڻ سومرو جھڙيون ھستيون ان چُٽي کي مِٽائڻ جا جتن ڪندي نظر اينديون آھن ۽ اھو ڏينھن پري نه آھي، جڏھن ڪو مرد جڏھن به پنھنجي ڪھاڙيءَ جي ڳنَ ۾ ھٿ وجھڻ جي سوچيندو ته ھن جا ھٿ ڏڪڻ لڳندا ۽ ھُو اھا ڪھاڙي کڻي اُڀي ڪرڻ جي سگھ وڃائي ويھندو ۽ اھو ڏينھن سنڌ ۾ ضرور ايندو.