اڇوت: ڌرتي جو حقيقي سورمو

0
166
اڇوت: ڌرتي جو حقيقي سورمو

  ويرجي ڪولهيءَ ڇا ته حسين ڪم ڪيو آھي! هن ننگرپارڪر تي انگريزن جي قبضي گيري جي خلاف مزاحمت ڪرڻ واري اڇوت سورمي روپلي ڪولهيءَ تي ڪتاب لکيو آهي، اهو به اڇوت اک سان. هي ڪتاب پڙھي مون کي هڪڙي ڳالھ ياد آئي ته جيستائين شينهن نه ڳالهائيندو، تيستائين جهنگل جي تاريخ اهائي رهندي، جيڪا شڪاري بيان ڪندو. هن ڌرتي جي تاريخ هيستائين اها هئي، جيڪا حملي آورن پاڻ لکي يا درباري مورخن کان لکرائي پر هاڻي هن ڌرتيءَ جي تاريخ  ڌرتي واس لکندو، آدي واس لکندو، پکي واس لکندو. هي تاريخ ۾ پهريو موقعو آھي جو اسين پنهنجي باري ۾ ڳالهائي رهيا آھيون، نه ته هن کان اڳي اسان جي باري ۾ سدائين ٻين ڳالهايو آھي. اسين ڇا آھيون، اسين داس آھيون، اسين هيچ آھيون، اسين نيچ آھيون، هاڻي اسان اڇوتن کي اهو به ته فيصلو ڪرڻو آھي ته اسان جو هيرو ڪير آھي؟ اسان جو هيرو راوڻ آھي يا رام آھي؟ حملي آورن نه رڳو اسان جي ڌرتي تي قبضو ڪيو پر هنن اسان جي ڪنڌن ۾ لوٽيون ٻڌي ڇڏيون ته جيئن اسين ڌرتي تي ٿڪي نه سگهون ۽ اسان جي پڇن ۾ ڍينگهر ٻڌي ڇڏيا ته جيئن زمين تي اسان جي پيرن جا نشان نه ٺھن. اسان جا ابا ڏاڏا غلاميءَ جي اها ڪاري رات ڪاٽي آيا پر هاڻ اسان جا قدم انساني برابري ڏانهن وڌي رهيا آھن. انهن وڌندڙ قدمن پويان اسان جي انهن وڏن جي نه ڪٽڻ جهڙي حياتي ۾ به حوصلي سان بيهڻ جو نتيجو آھي پر اڃان اڳتي به ڊگهو پنڌ آھي، جنهن ۾ ثابت قدمي ۽ حوصلي سان بيهڻو پوندو.

زنده قومون پنهنجي سورمن کي ياد رکنديون آھن. انگريز سان ڪارونجهر جبل کي مورچو ٺاهي اٺ سال گوريلا ويڙھ ڪندڙ روپلو ڪولهي ڪو معمولي ماڻھو هجي ها ته ماڻھو هن کي وساري ڇڏين ها، جيئن وڏن سيٺين، سرمائيدارن ۽ وياج خورن جون قبرون گم ٿي ويون، انهن جا نالا ۽ نشان گم ٿي ويا. روپلو ڪولهي اسان اڇوتن جي دلين تي اڪريل رهجي ويو. هن جو لاش گم ڪيو ويو. هن جي قبر گمنام بڻائي وئي پر انگريز سندس نالو ۽ هن جي هن وطن لاءِ ڏنل قرباني گم نه ڪري سگهيا، انڪري جو اڇوت جو يادگيري ڏاڍي تيز هوندي آھي ۽ هنن پنهنجي سورمي کي ياد رکيو. اسان جي هيرو کي به هيٺ ڏيکارڻ جي غليظ حرڪت ڪئي وئي ۽ اها ڪوشش انهن ڪئي، جن جي وڏن کي ھر حملي آور ڌرتي سان غداري عيوض سندون ۽ خلعتون عطا ڪيون. اهي به تقريرن ۽ تحريرن ۾ چوندا رهيا ته روپلو ته سپاهي هو، سپهه سالار ڪير هئا، اها اسان اڇوتن جي هيرو جي توهين هئي. اسين روپلي جي سپهه سالارن جي عظمتن جا به دل سان مڃيندڙ آھيون ۽ پنهنجي هيرو جو احترام به چاهيون ٿا. روپلو ڪولهي ڪارونجهر جو پُٽ ھو ۽ ان جي دفاع جي جنگ وڙھي رهيو هو. اسين چاهيون ٿا ته روپلي ڪولهي کي به ايئن ئي ياد رکيو وڃي، جيئن ٻين هيروز جي يادگارن تي سلامي ڏني وڃي ٿي.

روپلي کي گرفتاري بعد پنهنجي ٻين ساٿين جي معلومات ڏيڻ عيوض جاگيرن ۽ انعامن جي لالچ ڏني وئي پر هن پنهنجي ساٿين جون پناهه گاهون ڏسڻ کان انڪار ڪيو. سندس ڳورهاري گهر واريءَ کي گرفتار ڪيو ويو، پوءِ به هن انڪار ڪيو. روپلي جي هٿ جي ترين ۾ تيل ڀري آڱرين تي ڪپھ جون وَٽون رکي ٻاريون ويون پر ڌرتيءَ جي هن عظيم اڇوت هيرو پنهنجو ڪُر نه لڄايو. هن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو پر هن اڇوتن جي تاريخ تي ڪوئي داغ لڳڻ نه ڏنو. ان زماني ۾ اوچي ذات وارن پنهنجن سان غداريون ڪري انگريزن جي مدد ڪئي ۽ انهن کان جاگيرون ورتيون پر رڪارڊ شاهد آھي ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اڇوت کي ڪا به جاگير ڪاڻيارو ڪري ناهي سگهي.

هٿ ترين ۾ تيل ڀري

۽ آڱرين تي وٽون جوڙي

ڌرتي جن لا دوزخ ڪئي وئي

ٻارڻ منجھ ٻري ويا جيڪي

اونداهين سان اٽڪي اٽڪي

مٽي ڪاڻ مري ويا جيڪي

پنهنجا سي شھيد سنڀاري

موڙ ٻڌون ها لاڏن کي

وطن ڳالهين ۽ دعوائن سان پنهنجو ناهي ٿيندو، ان سان مشڪل ترين گهڙين ۾ به گڏ بيهڻو پوندو آھي. هڪ چوڻي آھي ته، “گهڙي تر جيتري هوندي آھي، اها مڙس کان ويندي ناهي ۽ ڀاڙيئي کان ٿيندي ناهي”. هن محفل ۾ ويرجي ڪولهي جو بزرگ والد صاحب به موجود آھي. آئون هن سان جڏھن به ملندو آھيان ته پيرن پئي ملندو آھيان، انڪري جو اسان جڏھن هينئر ڪارونجهر بچايو تحريڪ شروع ڪئي هئي، تڏھن اسان جي دوستن مصطفي دل، ميرمحمد دل، پريم سنگھ سوڍو، ساگر خاصخيلي، ڏيوجي ميگهواڙ ۽ تحريڪ جي سرواڻ ڪاڪي الهرکيو کوسو وارن جڏھن هتي پروگرام ڪيو ته هي ان ۾ نه رڳو شريڪ ٿيو پر هن ان پروگرام ۾ تنبوري تي ڳايو به هو ۽ چيائين ته، “ڪارونجهر امارو ديوتا سي”. هو اسان سان گڏ بيٺو، جڏھن گهڻن ماڻھُن جي زبانن تي تالا لڳل هئا، تڏھن ڌرتي ماءُ هن کي چيو ڳالهاءِ ۽ ھن ڳالهايو. ان وقت هن کي ياد نه رهيو ته ڪو هن جي ڌيءَ سينيٽر آھي ۽ ان جي سينيٽري کي ڪو لوڏو اچي ويندو. هن جو پٽ وزير اعليٰ جو صلاحڪار آھي، ان جي صلاحڪاري کي ڪو لوڏو اچي ويندو! اهڙي ريت اسان سڀني کي وطن سان گڏ بيهڻو پوندو. رڳو ڳالهين سان تاريخ اسان ۽ اوهان کي ڪڏھن به قبول ڪو نه ڪندي.

هڪڙو واپاري جو وطن هوندو آھي ۽ ٻيو ڌنار جو وطن هوندو آھي. ڌنار چاهيندو آھي ته سندس وطن جي مٽي ۾ روهيڙي جو وڻ بيٺو هجي ۽ ان ۾ گل ڦُٽن ۽ واپاري چاهيندو آھي ته آئون اهو روهيڙو ڪپيان، ان مان دريون ٺاهيان ۽ دروازا ٺاهيان. جيڪو ڌرتي ڌڻي هوندو آھي، اهو چاهيندو آھي ته هي پهاڙ سلامت هجن، ان مان نديون ۽ چشما وهندا رهن، جهنگلي جيوت سلامت هجي ۽ جيڪو واپاري هوندو آھي، اهو چاهيندو آھي ته هي پهاڙ ڪپيان، ان مان باٿ روم لاءِ ٽائلس ٺاهيان ته مون کي پئسا گهڻا ملندا. اسين ڌرتي جا واپاري نه پر ڌنار آھيون. اسان سڀني کي سڀ لالچون، سڀ خوف، سڀ ڊپ ۽ سڀ تعلق وساري وطن سان گڏ بيهڻو پوندو، ورنه هي واپاري اسان کي ڊيڄاري هيسائي، اسان جا پهاڙ، اسان جا درياه، اسان جي ڌرتي وڪڻي ڇڏيندا، انڪري جو واپاري جو ڪو به وطن ناهي هوندو.

سرعام ڪارونجهر جو پٿر ڊئمن ۾ لڳايو پيو وڃي. هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي جي ضرورت ئي ناهي. چون ٿا ته ڊئمن ۾ اهو پٿر لڳايو وڃي، جنهن مان پاڻي سيپيج ٿي جر جي پاڻي کي ريچارج ڪري ۽ ڪارونجهر جي پٿر مان پاڻي سيپيج ٿي هيٺ نٿو وڃي. ڪو احتساب ڪونهي، ڪو پڇاڻو ڪونهي. هن وزارت کان، هن منسٽري کان ڪير پڇندو ته ڪارونجهر جو قيمتي پٿر ڊئمن ۾ ڪهڙي قانون سان پيا لڳايو؟ ڌرتي ۽ وسيلا ايئن وڪڻڻ ۽ لٽائڻ جي شئي ته ناهن! هي ليڪي جي هن پاسي 2002ع جي زلزلي وقت مودي آيو ۽ ھن چيو هتي ته ڪا پڪنڪ پوائنٽ ٺھي ٿي سگهي. پهرئين سال اتي “رڻ اُتسو” جي نالي سان ٽن ڏينهن جو ميلو لڳو. ٻئي سال اتي پندرهن ڏينهن جو ميلو لڳو ۽ ھن وقت اتي هر سال چار مهينن جو ميلو ٿو لڳي ۽ سڄي دنيا جا سياح رڻ ڏسڻ لاءِ سياري جي مند ۾ ڪڇ ڀڄ اچن ٿا خالي رڻ ڏسڻ لاءِ ۽ بر ۾ بازارون لڳي ٿيو وڃن. بلڪل ان جي سامهون ھتي جيڪا قدرتي آرٽ گئلري ڪارونجهر جبل موجود آھي، اسين ان کي به ڊاهڻ ۽ وڪڻڻ ۾ لڳا پيا آھيون. ڪارونجهر جبل جي هڪڙي پاسي دنيا جو سائو ستابو ۽ حسين صحرا ۽ ٻئي پاسي رڻ ۽ انهن جي  وچ ۾ هڪڙي ٻيٽ نما جزيري تي قدرت جو هڪڙو حسين شاهڪار ڪارونجهر جبل آھي، جنهن کي سياحتي ماڳ طور ترقي ڏيارجي ۽ سياحن کي سهولتون ڏجن ته سڄي دنيا اٿلي پوي .

ويرجي ڪولهي روپلي تي هي ڪتاب آڻي وڏو ڪم ڪيو آھي. آئون چاهيندس ته هن کي ان جنگ جي ٻين شھيدن تي به لکڻ گهرجي. تاريخ ۾ ڪنهن جو کاتو کائبو به ڪونهي ۽ ڪنهن جو کاتو لڪائبو به ڪونهي. جيئن اُڌي سنگھ سوڍو آھي. اُڌي سنگھ سوڍو اهو ماڻھُو هو، جنهن 1843ع ۾ مڱڻھارن کان پڙھو ڏياري سڀ کان پهرين ماڻھُن کي هولي گُڙو تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو ۽ سڀني کي جبل جو قسم کڻايو هو ته اڄ جبل جو قسم کڻو ته اوهين جبل سان گڏ بيهو ٿا يا ڪو نه ٿا بيهو! يعني جنگ جي حالت ۾ به هي جبل ماڻھن جي ايمان حصو رهيو آھي. مطلب ته جبل جو قسم کڻڻ کانپوءِ ڪو به غداري نه ڪندو. ڪارونجهر جبل جي اسان جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ ايڏي اوچي حيثيت رهندي آئي آھي (پارڪر جا اڇوت اڄ به هڪٻئي کي ويساھ ڏيڻ لاءِ ڪارونجهر جو قسم کڻندا آھن) اڌي سنگھ، راڻو ڪرن جي، ڪان، ڀوپت سنگھ هن ڌرتي جا عظيم ڪردار آھن، جن کي قتل ڪيو ويو، ڪارو پاڻي اڪاريو ويو. هي اهي ماڻھو آھن، جن اهو طئه ڪيو ته اسان کي تاريخ ۾ ڪهڙي جاءِ تي جيئڻو آھي. زندگيون ٻه هونديون آھن. هڪڙا ماڻھو هن زندگي ۾ طئه ڪندا آھن ته مون کي ڪيئن جيئڻو آھي. مون وٽ گاڏي ڪيڏي وڏي هوندي، مون وٽ عهدو ڪيڏو وڏو هوندو. آئون ڪرسي ڪيڏي وڏيءَ تي ويهندس. روپلي ڪولهي جهڙا ماڻھو، اڌي سنگھ جهڙا ماڻھو ۽ راڻي رتن سنگھ جهڙا ماڻھو اهو طئه ڪندا آھن ته آئون تاريخ ۾ ڪهڙي جاءِ تي جيئندس. ننگرپارڪر جو ڪولهي 1843ع ۾ سوچي ٿو ته آئون تاريخ ۾ ڪهڙي جاءِ تي جيئندس ۽ ساڳئي سن ۾ پورڻ وا جو جاگيردار سوچي ٿو ته آئون انگريز کان مراعتون ڪيئن وٺي سگهان ٿو. هي ته ڪيسوٻا اچي انهن جا داغ ڌوتا، نه ته تاريخ ۾ انهن جو غداريون به درج ٿيون پيون آھن. ننگرپارڪر سميت سڄي سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به مثال ڪونهي، جنهن ۾ ڪنهن اڇوت ڪنهن حملي آور سان ملي پنهنجي ڌرتي سان غداري ڪئي هجي.