بالاڪوٽ ۾ پاڪستان ڀارت کي بهترين جواب ڏنو: وزيراعظم

0
294
عمران خان ڦري ويل ميمبرن

ڪامره (م ڊ) جديد فائٽر ايئر ڪرافٽ جي ٽين سي پاڪستان ايئرفورس ۾ شامل ڪيا ويا، ڪامراه ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ چيف آف ايئر اسٽاف جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزير، عسڪري اختيارين ۽ چيني سفير به تقريب ۾ شريڪ ٿيا، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جي ٽين سي جي پاڪستان ايئرفورس ۾ شموليت تي خوشي آهي

 جي ٽين سي جي پاڪستان ايئرفورس ۾ شموليت تي قوم کي مباڪون ڏيان ٿو، جي ٽين سي جو مظاهرو ڏسي دفاعي صلاحيت تي وڌيڪ يقين ٿي ويو آهي، جي ٽين سي جي پاڪستان ايئرفوس ۾ شموليت سان دعفائي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پنهنجي فوج تي فخر آهي، نوجوان ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهن

وزيراعظم عمران خان چيو ته بالاڪوٽ ۾ پاڪستان ڀارت کي بهترين جواب ڏنو، تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ظهير بابر سڌو چيو ته ٽيڪنالاجي، جديد هٿيارن ۽ ٻين دفاعي شعبن ۾ چين جي معاونت واکاڻ جوڳي آهي، جي ٽين سي جي پاڪستان ايئرفورس ۾ شموليت سان دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پاڪستان فضائي هر مشڪل ۾ وطن جي حفاظت جو عزم ڪيو آهي