اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوج حڪومت سان گڏ نه هجي ته اهو آئين خلاف هوندو، اپوزيشن فوج تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي جي رٿ بابت وزيراعظم جي صدارت ۾ بني گالا ۾ اجلاس ٿيو، وزيراعظم سياسي محاذ تي اعتماد سان بيٺل آهي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته اپوزيشن پاڪ فوج خلاف مهم هلائي رهي آهي، فضل الرحمان، نواز شريف، آصف زرداري پاڪ فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، کين بار بار تنبيهه به ڪئي آهي ته سياست کي ائين گندو نه ڪيو وڃي، وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي صدر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، نواز شريف ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن  جي پريس ڪانفرنس دوران فوج بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه جا وڊيو ڪلپس به هلايا ۽ ڊان ليڪس ۽ ميموگيٽ جا حوالا ڏنا، هن مريم نواز شريف، پرويز رشيد، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف جا فون بابت وڊيو بيان به هلايا، فواد چوڌري چيو ته آئين تحت فوج حڪومت سان گڏ هوندي آهي، جيڪڏهن فوج حڪومت سان گڏ نه هجي ته اهو آئين جي خلاف هوندو. فواد چوڌري اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هنن جي لنڊن ۽ يورپي ۾ پيل پيسي جو محافظ ٿيڻو آهي يا ملڪ جي آزاد، خودمختيار پرڏيهي پاليسي کي اڳتي وڌائڻو آهي، هڪ طرف اپوزيشن فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي ته ٻئي طرف هي چاهين ٿا ته غلامن وانگر زندگي بسر ڪيون، اڄ پورو پاڪستان عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، آزاد پرڏيهي پاليسي کي اڳتي وڌائينداسين، اسلام اباد وارا بلاول ڀٽو جو ٿورو ادا ڪري رهيا آهن ته ڪيترا لانگ مارچ ائين ختم ٿيندا آهن جيئن پ پ جو لانگ مارچ ختم ٿيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس لاءِ او آءِ سي ۾ شامل ملڪن جا پرڏيهي وزير 21 مارچ کان اچڻ شروع ٿي ويندا، 23 مارچ تي پريڊ آهي، اسان جي خواهش آهي ته اپوزيشن جي بي اعتمادي جي رٿ واري ڊرامي کي 23 مارچ  کان پهريان ختم ڪري.

راولپنڊي (م ڊ) ڀارتي حدن مان آيل تيز رفتار شيءِ کي پاڪ فضائيه ڪيرائي ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر  جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارتي حدن مان هڪ تيز رفتار شيءِ پاڪستان جي جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن کي پاڪستان ايئر فورس جي ايئر ڊيفنس سينٽر ڪيرائي وڌو. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گذريل ڏينهن 6 لڳي 33 منٽن ٽي ڀارتي حدن مان هڪ شيءِ پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان دوران پاڪستان ايئر فورس ان جي مڪمل نگراني ڪئي ۽ ان کي ڪيرائي ڇڏيو، هي هڪ سپر سونڪ پروجيڪٽ هو، جيڪو غير هٿياربند هو،  ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پاڪستاني فضائي حدن ۾ اها شئي 3 منٽ ۽ ڪجهه سيڪنڊ رهي، ان خلاف ضروري ڪارروائي بروقت ڪئي وئي، پاڪ فضائيه ان جي مڪمل نگراني ڪئي، پتو لڳايو ته اها ڀارتي علائقي سرسا مان آئي هئي. فوجي ترجمان وڌيڪ چيو ته ميان چنون ۾ ڪنهن حساس شيءِ تي نه ڪري ۽ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو، جيتوڻيڪ اتان جي ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهتو، ان ڪري ڪيترن ئي سويلين اڏامن ۽ زمين تي عام شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وڌو ويو، ان سان ڪوبه وڏو فضائي حادثو ٿي پئي سگهيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان واقعي جي وضاحت ڏيڻي پوندي، پاڪستان سدائين ذميوار ملڪ هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، اسان ان واقعي تي ڪوبه چڙڏياريندڙ عمل نه ڪري رهيا آهيون،  پرڏيهي وزارت کي سمورا تفصيل ڏنا آهن، اهو معاملي کي لاڳاپيل فورمز تي اٿاريندو، هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج جو سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي، هي ايئن ئي آهي ۽ ايئن ئي رهندو، ان تي ڪنهن به قسم جو بحث يا غيرضروري اڳڪٿي نه ڪئي نه ڪئي وڃي، اهو ئي سڀني لاءِ  بهتر آهي، ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته فوج تي سياست ۾ مداخلت جا الزام لڳائيندڙن کان ثبوت گهريا وڃن، ماضي ۾ ڪوبه ان معاملي تي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. فوجي ترجمان چيو ته ماضي ۾ ڀارتي آبدوز جي نشاندهي ٿي، ميزائل فضا ۾ هو، جنهن جي نشاندهي ٿي،پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن به شيءِ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڀارت کي پنهنجي ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اهڙيون دهشتگرد جماعتون آهن، جن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، پاڪستان ۾ آپريشن دوران گذريل ڪجهه هفتن دوران 80 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. ان موقعي تي ايئر وائيس مارشل طارق ضيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اها شئي ڀارت ۾ 104 ڪلوميٽر سان اندر آئي ۽ 40 هزار ڪلوميٽر جي بلندي تي هئي.