سنچورين (اسپورٽس نيوز) ٽِين ٽِي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي طوفاني بيٽنگ، پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميزبان ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنز ٺاهيون، مارڪرم 63، ميلان55 ۽ ڊيوسن 34 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان محمد نواز 2 جڏهن ته شاهين آفريدي، حسن علي ۽ فهيم اشرف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم محمد رضوان سان گڏجي 197 رنز جي پارٽنر شپ جو رڪارڊ قائم ڪيو، جيڪا نه رڳو پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ڪنهن به وڪيٽ لاءِ سڀ کان وڏي پارٽنر شپ آهي پر هدف جي جواب ۾ ڪنهن به پارٽنر شپ تي اهو عالمي رڪارڊ آهي. ڪپتان بابر اعظم 4 ڇڪا ۽ 15 چونڪا هڻي 122 رنز جِي شاندار اننگز کيڏِي، محمد رضوان 73 رنز ٺاهي نمايان رهيو. پاڪستان ارڙهين اوور جي آخري بال تي هدف حاصل ڪري ورتو. 4 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان کي 1-2 جي برتري حاصل ٿي وئي آهي.