اپوزيشن ڪراچي ۾ قتل عام ۽ لساني فساد ڪرائڻ چاهي ٿي: سعيد غني

0
244

اسلام آباد(بيورو) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اپوزيشن لساني فساد ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اپوزيشن ڪراچي ۾ قتل عام ۽ ان تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، ڪراچي جي عوام لاءِ ايم ڪيو ايم جي منهن تي هڪ لفظ به نه آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي جي عوام جي ڀلائي نٿي چاهي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي قسمت ۾ ذلت آهي

اسلام آباد ۾ ميدِيا سان ڳالهائيندي پاڪستان جي تاريخ ۾  16 ڊسمبر جوڏهاڙو اوئين ئي ڪارو ڏينهن هو، ان ڏينهن قائداعظم جي ٺاهيل پاڪستان جو نقشو تبديل ٿي، 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ جيڪو ٿيو اهو به دنيا جي تاريخ جو بدترين مثال آهي، پشاور ۾ ٻارن سان جيڪو ٿيو ان جي جوابدارن کي سزا نه ڏئي سگهياسين

هن چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي جي سزا ملڪ جو هر شهري ڀوڳي رهيو آهي، پاڪستان دنيا جي مهانگي ترين ملڪن ۾ ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهي

هن چيو آهي ته پاڪستان جي شهرين کي گئس نه پئي ملي، هن وقت سنڌ ۾ ماڻهن کي گئس نه ملي رهي آهي، اسلام آباد، لاهور ۽ اترين علائقن ۾ گئس جي فراهمي نه ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

هن چيو ته گهرن تائين گئس نه اچي رهي آهي ۽ صنعتن کي نه ملي رهي آهي، حڪومتي بدانتظامي جو سڀ کان وڏو مثال گئس جي کوٽ آهي، رڳو ڊسمبر ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سبب 68 ارب رپيا ورتا ويا، ماڻهن کي هن وقت يوريا نه ملي رهي آهي، جيڪڏهن هارين کي ڀاڻ نه ملي ته کاڌي پيتي جو بل وڌي ويندو

هن چيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن شور مچائي رهي آهي ته مڪاني ادارن جا اختيار گهٽايا ويا آهن، پراپرٽي ٽيڪس صوبائي کاتو وٺندو هو ان کي مڪاني ادارن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ڪراچي واٽر سيوريج بورڊ جو چيئرمين ڪراچي جو ميئر هوندو

هن چيو ته 2001ع ۾ ميئر کي ڪچرو کڻڻ جو اختيار نه هو، ڪچرو کڻڻ جو اختيار ٽائون کي هو، سنڌ حڪومت اپوزيشن جي تجويز تي شهر ٺاهيا، 10 ادارا جيڪي اڳي لوڪل باڊيز جو حصو نه هئا هاڻي مقامي حڪومتن جو حصو بڻيل آهن