اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 249 جي نتيجن کي روڪڻ لاءِ اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ کي بهتر قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر ڳڻپ بدران اين اي 249 تي ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته اين اي 249 ۾ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو، مجموعي طور تي 21 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، ان تڪ تي سوڀ حاصل ڪندڙ اميدوار 5 سيڪڙو کان به گهٽ ووٽن جي سرسي حاصل ڪري قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجي ويو آهي، ان قسم جي چونڊ جمهوريت سان مذاق هوندو، پيپلزپارٽي جون حالتون هر هڪ کي معلوم آهن، پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ڪاميابي تي سمورين پارٽين تنقيد ڪئي آهي، هر اليڪشن ۾ هارائيندڙ پارٽي کٽيندڙ تي تنقيد ڪندي آهي ۽ ٻيهر اليڪشن جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، عمران خان اهو واحد ليڊر آهي جيڪو بار بار ان مامري تي اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏئي رهيو آهي، اسان ان مسئلي تي سياسي پارٽين کي ڳالهه ٻولهه جي دعوت ڏئي چڪا آهيون، جيڪڏهن اپوزيشن چونڊ سڌارن لاءِ تيار ناهي ته پوءِکيس روئڻ به نه گهرجي.