لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حيران آهيون ته پ پ کي اين اي 249 ۾ وڌيڪ ووٽ ڪيئن مليا؟ بشير ميمڻ جي بيان ثابت ڪري ڇڏيو ته مون کي ڪيئن سازش ڪري هٽايو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جي انڪشافن مان ثابت ٿي ويو ته مون کي ڪيئن انتقام جو نشانو بڻايو ويو، ججز کي دٻاءُ ۾ آڻي فيصلا ورتا ويا، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو. هن چيو ته بشير ميمڻ جي انڪشافن جي پارليامينٽ کان جاچ ڪرائي وڃي ثابت ٿي ويو ته ڪيئن احتساب کي ذاتي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪيو ويو ان معاملي کي ائين نه ٿا وڃڻ ڏئي سگهون، چين سان نٿا ويهي سگهون، منطقي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جون چونڊون ڌانڌلي سٽيل هيون، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي، ڊسڪا جيان ڪارروائي ٿي ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي، 2018ع جي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو هو ته پ پ کي 7 هزار ووٽ مليا پر 20217 ۾ ٽرن آئوٽ 21 سيڪڙو ٿيو ته پ پ کي 16 هزار ۽ نواز ليگ کي 15 هزار ووٽ مليا، اهو حيران ڪندڙ آهي.