اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻي سمهيل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو: فواد چوڌري

0
170
اپوزيشن بي اعتمادي

ڪراچي (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻي سمهيل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي، اڪثر ميمبر چاهين ٿا ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي، عمران خان ڪڏهن به بليڪ ميل نه ٿيو آهي، هي ٽي جوڪر توهان کي وري نظر نه ايندا

اسلا آباد ۾ عامر ڪياني سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ واحد وفاقي پارٽي آهي، ڪور ڪميٽي وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي

هن چيو ته تحريڪ انصاف ڪامياب جلسا ڪيا، پ پ جو مارچ سنڌ کان شروع ٿيو ته پنجاب ۾ ورهائجي ويو اسان جي جي ميمبرز کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

فواد چوڌري چيو ته فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ شهباز شريف شينهن کي جاڳايو آهي، توهان مخالف ڌر کي هٿ مليندي ڏسندئو، ڏسون ٿا ووٽنگ جي نوبت اچي يا نه، اسان جي 3 ميمبرن کي پئسن جي آڇ ڪئي وئي آهي، چاهيون ٿا ته ووٽنگ لاءِ اجلاس گهرايو وڃي، وزيراعظم جي مونس الاهي سان ملاقات ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به باغي  ناهي، اسان جي 4 ڊويزن جي پارٽي ناهي، تاش جا سمورا پتا اسان وٽ آهن،  اسان فيصلو ڪنداسين ته ڪهڙي چال کيڏڻي آهي

ان موقعي تي عامر ڪياني چيو ته ڊي چوڪ تي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو، ووٽ ڏيندڙ جلسي مان گذري پوءِ ويندا ۽ واپس به ٿيندا