اَديون شاھه لَطيف چَوي !!

0
240
رشتن-جو-احساس-۽-صحتمند-سماج

 سنڌي ٻولي جي شروعات موئن جي دڙي جي عظيم تَھذيب کان ٿئي ٿي، پر ڪٿي ڪٿي اھو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو جنھن ۾ عرب سياحن ۽ تاريخدانن جي لکيل تاريخي تحريرن موجب نائين صَديء عيسوي بلڪھ ڪن حَوالن ۾ ان کان به اڳ ھي سنڌي ٻولي قائم ھئي جڏھن ته  سنڌي ٻولي ۽ سنڌي اَدب جو پھرين دؤر سومرن جي دؤر کان شروع ٿئي ٿو، پر سنڌي ٻولي پنھنجي ارتقائي منزلون ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ئي حاصل ڪيون جنھن جو اھم سبب “لطيف سائين” آھي.

                 سنڌي اَدب جي تمام وڏي نالي ۽ اسانجي قومي،بزرگ شاعر شاھھ عبدالطيف ڀٽائي رح کي سنڌ ٽن لقب سان سَڏي پڪاري ٿي ھڪ لاکيڻو لطيف، ٻيو، لالَنئون لال لطيف ۽ ٽيون ڀٽ جي گھوٽ سان اڄ به سنڌ کيس وڏي عقيدت، حب،۽ وڏي احترام سان سَڏي ٿي کانئس دعاڳو به رھي ٿي. سندس شاعري نه صرف سنڌ پر دنيا جي ڪيترن ئي اَدبن،ٻولين ۾ پڻ سَمائجي چڪي آھي! ڏٺو وڃي ته “خواجه محمد زمان، ميون عيسو،تمر فقير،شاھھ عنايت رضوي سميت صوفي شاھھ عنايت” به لطيف سائينء جي ھَمر عَصر شاعرن جي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا. لطيف سائين جو پھريون رسالو سال 1866ع ۾ ڇَپجي پَڌرو ڪيو ويو ھو جنھن جي سموري شاعري انسان ذات لاءِ وڏو پيغام آھي جنھن جي شاعري ۾ ڪٿي ھَٺ غرور بلڪل به نظر نٿو اچي. سنڌ جو ھي بزرگ شاعر  پنھنجي شاعري ۾  انساني جياپي جو سمورو ڪارج،ميٺ ۽ محبت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو. “وَلر ڪَيو وَتن، پِريت نه ڇِنن پاڻ ۾، پَسو پَکيئڙن ماڻھان ميٺ گھَڻو” ڏسو لطيف سائين انسانن جو ھڪ ٻئي سان بھتر ورتاءَ سان ميٺ، محبت، ڀائيپي سان گڏجي رھڻ جو ڪيڏو عمدو ۽ اتم مثال ڏئي چوي ٿو ته  ڏسو پَکي به ھميشه ولرن جي صورت ۾ ھلن ٿا! جنھن جو مَقصد انسان کي به اھڙي بھتر سلوڪ سان گڏجي رھڻ گھرجي ڇو ته ھو ته  معصوم پَکي آھن پر، انسان وري به اشرف المخلوقات آھي پوءِ سموريون وڇوٽيون ويڇا اسان انسانن کي ڪيئن ٿا جڳائين؟ جنھن جي اسان کي مذھب اسلام به سختي سان منع ۽ تاڪيد به ڪئي آھي! اھو سر ڏَھر آھي جنھن ۾ لطيف سائين ڪونجَ ۽ مادي جو به ذڪر ڪيو آھي، لطيف جي شاعري جا سمورا رخ ۽ پاسا آئون سمجھان ٿي سماج جو اھڙو رخ ۽ يا ڪو انساني طبقو ناھي جيڪو سندس شاعري ۾ شامل نه ھجي درياءَ، سمنڊ، وڻن،زمين،آسمان فطري حسن ۽  وڻجارن جي وڻج واپار کان ويندي عورتن جو احترام اھميت کان ويندي سماجي قدرن رجعمت پَسندي، اميري، فقيري، غريبي ۽ فرسوده رسمن ۾ جَڪڙيل سماجي تباھي جي سببن جھڙوڪ وڏيرا شاھي کي به ھن خوب پنھنجي شاعري ۾ سمائي ڇڏيو آھي. ھن پنھنجي شاعري رسالي ۾ وڏاندري لاءِ سَنواري ۾ ٻيڙي به ڪم آندي آھي جيئن چوي ٿو۔؟ “تنھنجو اڄ تَراز،آھي آر اَکين ۾” تراز ھو ٻيڙي کي چوي ٿو تراز سفر ختم ڪرڻ يا ٻيڙو پار ڪرڻ کي چوي ٿو! سورن سان سَٿيل سنڌ نه صرف ھاڻي پر ماضي ۾ به سمورا ڏک اھنجَ ۽ تَڪليفون  ڏسندي پئي اچي پوءِ ارغونن، ترخانن،جو دؤر ھجي،مغلن بادشاھت يا انگريز سامراجن جو وقت ھجي پر سنڌ جي صَديون سال اڳ جي تاريخ جا مختصر وَرقَ اٿلائي ڏسنداسين ته شاھھ سائين جي وقت ۾ سنڌ ڪلھوڙن جي حَوالي ھئي، تڏھن به نور محمد ڪلھوڙي جي حڪومت دؤران به ته شاھھ سائين سک ۽ ڪا سَلامتي ڪونه ڏٺي! ان وقت ۾ لطيف سائين ۽ سندس شاعري کي مات ڏيڻ لاءِ وَسان گھٽايو ئي ڪونه ويو ھو پر، ھي بزرگ دَرويش صوفي شاعر پنھنجي سنڌ وطن ۽ پنھنجي ديس جي سمورن ماڻھن جي جياپي،۽ خوشحالي سان گڏ سموري عالم انسانيت دنيا لاءِ حقيقي رب اڳيان مخاطب ٿيندي پنھنجي شاعري ۾ چوي ٿو “سائينمَ سَدائين ڪري مَٿي سِنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار علم سَڀ آبادي ڪرين” (آمين) سنڌ اصل کان امن جو ديس رھيو آھي جو تاريخ ۾ لکيو وڃي ٿو ته جڏھن يونانين سنڌ مَٿان ڪاھھ ڪئي ھئي تڏھن انھي ڪاھھ کان پوءِ انھن ئي يونانين سنڌ قوم وٽان ئي جَڙين ٻوٽين ۽ ترياقن جو علم حاصل ڪيو ھو! سنڌ ۽ سنڌي اَدب جي حَوالي سان ٻيا به ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آھن جن ۾ “مِصري شاھھ” کي شاعري جي صنف ۾ ڪافين جو بادشاھھ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي اَدب ۾ سَچل سائين به اھو خوشنصيب شاعر آھي جنھن سنڌي شاعري صنف ۾“جھولڻون” ايجاد ڪئي! اھڙا ٻيا به ڪيترائي روحاني ۽ انقلابي سنڌي شاعر جن پنھنجي دؤر ۾ سنڌي ٻولي سان خوب وفا ڪري نڀائي ڏيکاريو جن سڀني شاعرن جو  سَرتاج اڳواڻ وري ڀٽائي سائين آھي. ويجھي وقت ۾ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھھ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سائين جي ايم سيد جي ڪاوشن سان جوڙيل سنڌ ادبي بورڊ جيڪو اڄ به پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھي ٿو! شاھھ کي سمجھڻ وڏي ڳالھھ آھي ڪيترن ئي دانشورن پاران اڄ تائين به سندس شاعري تي تحقيق جاري آھي پر، مقررن جي ڀيٽ ۾ لطيف جي شاعري کي موجوده وقت جي عظيم دانشور ۽ چوٽي جي مقرر “رسول بخش پليجي” سندس شاعري جي معنيٰ مفھوم کي زبردست نموني پيش ڪيو آھي. شاھھ سائين کان پوءِ شيخ اياز سنڌي اَدب جو نالو سڏيو وڃي ٿو پر، ڏسجي ته لطيف سائين جي سموري شاعري ڪنھن ھڪ وقت سان نٿي ملي مثال: سندس شاعري سندس دؤر سان ڀيٽي سگھجي ٿي،

وچ ۽ ھلندڙ وقت سان به ڀيٽي سَگھجي ٿي وري ايندڙ وقت لاءِ به سندس شاعري مشعل راھھ  آھي. ھن وقت سنڌ جي صورتحال ڏسون ٿا ۽ وري لطيف جي شاعري کي پڙھون ٿا ته اسانجو سماج انساني ڀلائي ۽ قدرن  کان اڃا تائين غافل آھي. سنڌ ۾ جاري ڏاڍ،جبر ھجي يا عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڪارو ڪاري جا قصا  ھجن ھي سڀ لطيف ۽ انجي شاعري جي بر عڪس، ابتڙ آھن. تنھن ڪري اھو تمام بھتر ٿيندو جڏھن اسان لطيف سائين جي شاعري کي انقلابي،سائنسي بنيادن ڏانھن کڻي وينداسين ۽ مڪمل طور کيس سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ان تي مڪمل عمل ڪنداسين، تڏھن کان ئي اسان بھتر سماج جي اَڏڻ ۾ به ڪامياب ضرور وينداسين.

تون حَبيب تون طَبيب، تون درد جي دوا،

جانبَ منھنجي جيءَ ۾ آزار جا انوا

 صاحب ڏي شفا، ميان مَريضن کي