آخر غريب ڪيستائين مرندا رھندا؟

0
298
آخر-غريب-ڪيستائين-مرندا-رھندا؟

  ڪاڇو جوھي گذريل ٻن ٽن مهينن کان لڳاتار مصيبتن جي ور چڙهيل آھي،   طوفاني بارشن، جابلو وھڪرن ڪاڇي ۽ جوھي واسين جي زندگي ۾ انيڪ مصيبتن کي آندو. ڪاڇي جا ٽئي مکيھ رستا، جوھي کان ھيروخان، جوھي کان واھي پانڌي، جوھي کان ڇني، جابلو وھڪرن جي ڪري مھينن کان  ھينئر تائين  سفر جي قابل ناھن، ڪراچي مان آيل ڊاڪٽرس سان ميڊيڪل ڪئمپ جي سلسلي ۾ تاريخ 1/10/2022 بروز ڇنڇر تي ھيروخان وڃڻ ٿيو، رستي جي حالت خراب ھئڻ سبب پنجويھھ ٽيھھ منٽ جي سفر ۾  پورا ٻھ ڪلاڪ لڳا، ڪجھھ گھڙين لاءِ محسوس ٿيو ته رستو نه ھجڻ،ڌوڙ مٽي سان گڏ ڪاڇي واسين لاءِ ساهھ کڻڻ جيئرو رھڻ سزا بڻجي وئي آھي، جتي سوين انسان مليريا ۾ ورتل آھن، ھر روز ڪاڇي ۾  پنج  کان ڏھھ انسان تيز بخار ڪالرا دست الٽي ۽ مليريا جو شڪار ٿي پنھنجي زندگي وڃائن پيا، ھر طرف بربادي تباھي جو راڪاس ڦيرا پيو کائي، بارشن ۽ جابلو وھڪرن جي ڪري ڪاڇي واسين جا ڪچا گھر پھريان ئي مٽي جو ڍير بڻجي ويا آھن،

 ھر طرف مريضن جون دانھون سسڪيون آھن، غربت سبب نه ڊاڪٽرن کي ڏيکاري سگھن ٿا نھ ميڊسن وٺي سگھن ٿا، ميڊسن مھانگي ھجڻ، کاڌ خوراڪ جي کوٽ، مھانگائي، عام ماڻھن جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آھي. اسان جو مرحوم  نظرياتي استاد ڪامريڊ لال خان اڪثر چوندو ھو ته، ھن دور ۾ غريب جو بيمار ٿيڻ ان جي لاءِ مرڻ کان به وڌيڪ مشڪل آھي، مھانگي علاج، ڳرين فين جي ڪري مسڪين انسان جيئڻ کان مرڻ کي وڌيڪ مناسب سمجھندا آھن. ھڪ طرف طوفاني بارشن غريبن کي تباهھ ۽ برباد ڪيو آھي، ٻئي پاسي کاڌ خوارڪ جي شين جھڙوڪ اٽو، سايون ڀاڄيون، داليون، بصر، پٽاٽي جا اگھھ آسمانن سان ڳالھيون پيا ڪن. پئٽرول جي قيمتن ۾  اضافي سبب ھر شيءَ مھانگي ڪرڻ ڄڻ تھ فيشن بڻجي ويو آھي ڪاڇي سميت پوري سنڌ پاڪستان ۾ انتظاميه نالي ڪا شيءَ نظر نه پئي اچي. ھتي سزا جزا صرف ھڪ طبقي غريب بي پھچ لاءِ ھوندي آھي، اڄ سپر مھا ٻوڏ سبب ڪي اين شاھه، ميھڙ، فريدآباد، جوھي، ڀان، جا متاثرين ڪراچي، حيدرآباد، دادو ۾ بي يارو مددگار ويٺل آھن، انھن کي نه ڍنگ جو کاڌو ڏنو پيو وڃي، نه راشن، نه ٽينٽ، نه ئي ڪي اين شاھه، ميھڙ، جوھي مان ٻوڏ جي پاڻي کي نيڪال ڪيو پيو وڃي. گندي پاڻي جي ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، ڪي اين شاهھ ميھڙ جوھي جا رھواسي مليريا دست الٽي چمڙي جي بيمارين جي ور چڙهي زندگي جا جنگ ھارائين پيا، جوھي جنھن مھا ٻوڏ 2010ع کان پوءِ سپر مھا ٻوڏ 2022ع کان  شھروارن جي ھمت جرئت بھادري ۽ اجتماعي شعور جي ڪري شھر کي ته بچائي ويا آھن،مگر مڇرن گندگي ۽ مھانگائي جي ڪري بي وس  مسڪينن کي مرندي ڏسي  ڳوڙھا ڳاڙيندڙ اکين سان  ڏسي رھيا آھن، شھر جي صفائي سٿرائي تي مقرر وائيٽ ڪالر ملازم انتظاميه جي نااهلي سبب پنھنجي ڪم کان پھريان ئي آجا ھئا، ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙن کي ويجز نه ملڻ ڪري انھن بھ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي، جنھن ڪري شھر وڏي ڪچريدان جو روپ ڌاري ويو آھي.

 اڪثر ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن جا گھر ايم اين وي ڊرين ۽ رنگ بند جوھي جي وچ تي آھن، جيڪي سپر فلڊ سبب دربدر آھن، انھن جا گھر ڪري پيا آھن، جن ايف پي بند تي ٻچڙن سان گڏ وڃي پناهھ ورتي آھي، جتي ھو  ڪسمپرسي واري زندگي پيا گذارين ۽ انھن سان گڏ شيخ برادي جا ڊيلي ويجز تي ڪم ڪرڻ وارن جا گھر به بارشن سبب اڪثر ڪري پيا آھن، يا ويھڻ جي قابل ناھن، ان ڪري اھي به ٻچڙن سميت روڊن تي  ويٺل آھن، انھن جا معصوم ٻچڙا پني پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آھن، مگر وائيٽ ڪالر ملازم پگھارون گھر ويٺي پيا کڻن، صفائي سٿرائي نه ھجڻ ڪري  شھر ۾ گندگي وڌي وئي آھي، گندگي سبب مڇرن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. جوھي جتي نه صاف پاڻي ميسر آھي، نه گئس ميسر آھي،

 مليريا سبب سرڪاري پرائيويٽ اسپتالن ۾ پير رکڻ جي جاءِ ناھي، اسپتالن مان ھر روز لاش نڪرن پيا جيڪي يا ته مليريا جا مريض آھن، يا نانگ بلائون جي ڪري زخمي آھن جيڪي  زندگي جي جنگ ھاري ويھن ٿا، جوھي تعلقي اسپتال  ريفر سينٽر کان وڌيڪ ڪو ڪردار ادا نه ٿي ڪري. جوھي کان ٻاھر مطلب دادو نوابشاهھ يا حيدرآباد لاءِ رستو نه ھجڻ سبب مريضن جو علاج صحيح نه پيو ٿئي، تنھن ڪري فوتگين  ۾ اضافو ٿيو آھي، جيستائين ڪاري موري کي لڳل ڪٽ بند نه ٿو ٿئي تيستائين شايد جوھي دادو روڊ يا جوھي ڀان روڊ بحال ٿيڻ ناممڪن آھن.

`ٻاھرين ملڪن کان ايندڙ امداد تي به اسان جا مالڪ حڪمران انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جا خاص ايلچي ھٿ صاف ڪن پيا، جيڪا ضرورت مندن تائين پھچڻ نه پيا ڏين تنھنڪري غريبن جو حشر نشر لڳو پيو آھي، ھر طرف مريض غريب لاچار نظر اچن پيا، ٻئي پاسي ھٿ ٺوڪيا ڪاٺوڙا نام نهاد جيالا، ڪامريڊ مال تي دمال مچايو ويٺا آھن،

ڪجھھ ڏينھن پھريان جوھي جيڪا اجتماعي شعور جو اعلٰي مثال پئي نظر آئي ان ۾ اڄ ڄنڊا پٽ جو راج آھي، راشن جي ٿيلھن تي جھيڙا نظر پيا اچن، ڪالھھ جيڪي اسان جوھي واسين جا مثال پئي ڏنا اڄ اھي اسان جوھي واسين جو طنزيه انداز ۾ ذڪر پيا ڪن، پاڻ کي سياسي سماجي ڪارڪن سڏائيندڙ وڙھن پيا. ٻئي پاسي مسڪين پورھيت طبقو غريب طبقو مري پيو، ان جو ڪوپڇڻ وارو ڪونھي.

ڪاڇي سميت پورو جوھي تعلقو، ڪي اين شاھہ، ميھڙ، ڀان، پوري سنڌ صوبي سميت  بلوچستان، پنجاب جو وڏو علائقو، تباھه ۽ برباد  آھي، پورھيت طبقو غريب مظلوم طبقو پيٽ گذر لاءِ پريشان آھي ، انھن جي ڪو به ڳالھھ نه ٿو ڪري اسان جي حڪمرانن جي زبان تي بس اقتدار ڪرسي جو ذڪر آھي، اقتدار جي حوس انھن مڙني حڪمرانن کي ھڪ رت پياڪ ڊريڪولا بڻائي ڇڏيو آھي.

اقتدار جي حصول لاءِ روڊن تي نڪري اچڻ جي ڳالھھ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي زور شور سان جاري آھي، انھن کي ھي تڙپندڙ  مرندڙ انسان نظر ئي نه پيا اچن، انھن کي نظر اچي پيو ته بس اھو خزانو جيڪو انھن پاڪستان جي محنت ڪش طبقي جي محنت مان حاصل ڪيل پئسن تي ڳرا ٽئڪس مڙھي ڪمايو آھي،  اھو پئسو نظر پيو اچي، ان کي بچائڻ لاءِ جتن پيا ڪن، ھڪ چور ٻئي چور کي چور چئي پاڻ شريف بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش پيو ڪري عمران ھجي، زرداري ھجي يا شريف سمورن جي سوچ ساڳئي آھي، مقصد ساڳيو آھي، پلاننگ ساڳئي آھي، ھي سڀ ھڪ آھن،ھڪ طبقي جا آھن انھن جو مقصد ھيٺين طبقي جي ماڻھن کي ٻوڏن زلزلن ۾ ماري انھن جي لاشن تي پنھنجي سياست چمڪائڻ، انھن لاشن جي مد ۾ ملندڙ پئسن سان پنھنجي بئنڪ اڪائونٽ کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ آھي، باقي غريب مري يا جيئي انھن کي فرق نه ٿو پوي. انھن کي معلوم آھي ته انھن بکن ننگن بي گھر مظلومن کي ڪھڙي نموني خاموش ڪري سگھجي ٿو.

اڄ حڪمران طبقو پنهنجي مقصد ۾ مڪمل طور ڪامياب آھي، ھو لگزري گاڏين ۾ آھن

۽  پوري پاڪستان جي غريب طبقي کي راشن جي ٽرڪ جي پويان لڳائي ڇڏيو آھي،

عام ماڻھوءَ جي نظر راشن جي بيگ تي آھي ،حڪمرانن جي نظر دولت جي ڍير تي، ھي وقت ڏکيو ضرور آھي، بک تهذيب ۽ سليقي کي وساري ڇڏيندي آھي ،بک جو نه دين ھوندو آھي نه ڌرم ،نه بک جي ڪا شڪل ھوندي آھي. مشھور چوڻي آھي

بکيا گدڙ شينھن کي به چيري ڦاڙي کائي ويندا آھن، بک ۽ بيمارين جي شڪار غريب عوام جي قھر کان به ھن حڪمران طبقي کي ڪير بچائي نه سگھندو. ھي سڀ اڳئين منزل طرف وڌن پيا، سريلنڪا ايران جون حالتون ٻڌائين پيون ته تبديلي اچي پئي.

بک، بدحالي، بيماري، بيروزگاري،جا ماريل ماڻهو انفرادي طور سوچن پيا اجتماعي شعور انھن کي منزل طرف وڌڻ ۾ مدد ڪندو. ڪاڇو، جوھي، ميھڙ، ڪي اين شاھه ڀان سميت پوري سنڌ پاڪستان دنيا جا مسئلا ساڳيا آھن حل به ساڳيو آھي. آخر ڪيستائين زلزلا طوفان بارشون ھٿراڌو ٻوڏون اسان کي  برباد ڪنديون .بس ھاڻي تڪليفون برداشت کان ٻاھر آھن، رستا جيڪي ڌنڌلا آھن ،انھن تي ھلڻ جي ضرورت آھي ،اجتماعي شعور ئي منزلن جو تعين ڪندو ،اڄ پوري دنيا جي غريبن سامھون ٻه رستا صاف آھن، ھڪ تباھي ۽ بربادي طرف پيو وڃي جنھن تي اڪثريت ھلي پئي، ٻيو تبديلي ۽ گڏيل جدوجھد طرف وڃي پيو، ان تي ھلڻ جي اشد ضرورت آھي ،اچو ان رستي طرف جيڪو سمورن بربادين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، دنيا جا مظلوم ھڪ ٿيو.