ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي پوليس جي ڏوهارين خلاف ڪاروائي، ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ڍڳي فارم واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مختلف علائقن مان چوري ۽ ڦر ڪيل 5 موٽرسائيڪلون ۽ ٻن موٽر سائيڪلن جي چيچس ۽ انجڻيون هٿ ڪري ورتيون. ڏوهارين خلاف ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ  موجب ٻن ڏوهارين خدابخش پٽ خوشحال کوسو ۽ رضا پٽ غلام حسين گرگيز  کي گرفتار ڪري مختلف علائقن مان چوريون ۽ ڦر ٿيل 5 موٽرسائيڪلون هٿ ۽ ٻه انجڻيون ۽ چيچس هٿ ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.