ايران ۽ اسرائيل، طاقت ۽ صلاحيت ۾ ڪير اڳتي آهي؟

0
61
ايران ۽ اسرائيل، طاقت ۽ صلاحيت ۾ ڪير اڳتي آهي؟
ايران ۽ اسرائيل، طاقت ۽ صلاحيت ۾ ڪير اڳتي آهي؟

ڪراچي(ٽائيم نيوز ويب ڊيسڪ) هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ اسرائيل طرفان دمشق جي قونصل خاني تي حملي ۾ ايراني ڪمانڊرن سميت 12 ڄڻا مارجي ويا هئا

جواب ۾ ايران 13 اپريل تي اسرائيل تي 300 کان وڌيڪ ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا پر ان سان تمام گهٽ نقصان ٿيو

هاڻ اسرائيل ايران جي جوابي ڪارروائي جو جواب ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ اصفهان ايئرپورٽ تي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن

ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ کانپوءِ وچ اوڀر جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي

ٻنهي ملڪن جي صلاحيتن جو مقابلو هن ريت آهي

فوٹو: رائٹرز

ڪل آبادي:

ايران جي مجموعي آبادي 8 ڪروڙ 76 لک،جڏهن ته اسرائيل 9 ڪروڙ 4 لک تي پکڙيل آهي

افرادي قوت:

ايران ۾ ڪم ڪندڙن جي آبادي 4 ڪروڙ 11 لک 70 هزار تي ٻڌل آهي، جڏهن ته اسرائيل ۾ افرادي قوت 31 لک 60 هزار آهي

فوجي اهلڪار:

ايران ۾ ساڍا 3 لک حاضر سروس فوجي اهلڪار خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائلي ۾ سرگرم فوجين جو انگ 4 لک 65 هزار آهي

فوٹو: فائل

دفاعي بجيٽ

ايران جي ڪل دفاعي بجيٽ 9 ارب 95 ڪروڙ ڊالر آهي جڏهن ته اسرائيل جو دفاعي خرچ 24 ارب 4 ڪروڙ ڊالر آهي

پرڏيهي قرض

ايران تي 8 بلين ڊالر جو پرڏيهي قرض آهي جڏهن ته اسرائيل 135 بلين ڊالر جو قرض آهي

پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا:

ايران وٽ 127.15 بلين ڊالرن جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا آهن، جڏهن ته اسرائيل وٽ 212.93 بلين ڊالر آهي

فضائي طاقت:

ايران وٽ ڪل 551 جهاز آهن جڏهن ته اسرائيل وٽ 612 جهاز آهن

جنگي جهاز:

ايران جي فضائي طاقت ۾ 186 جنگي جهاز شامل آهن، جڏهن ته اسرائيل وٽ موجود جنگي جهازن جو انگ 241 آهي

جنگي هيليڪاپٽر

چین

ايران وٽ 13 جنگي هيليڪاپٽرز آهن، جڏهن ته اسرائيل وٽ 48 اهڙا هيليڪاپٽرز آهن، جيڪي جنگ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا

زميني عسڪري طاقت:

ايراني فوج وٽ موجود ٽينڪن جو تعداد هڪ هزار 996 آهي، جڏهن ته اسرائيل وٽ رڳو 370 ٽينڪون آهن

بڪتر بند گاڏيون

ايران وٽ بڪتر بند گاڏين جو انگ 65 هزار 765 آهي، جڏهن ته اسرائيل وٽ اهڙيون 43 هزار 407 بڪتر بند گاڏيون موجود آهن

بحري طاقت:

ايران وٽ 101 سامونڊي ٻيڙا آهن، جڏهن ته اسرائيل وٽ موجود سامونڊي ٻيڙن جو انگ 67 آهي

آبدوز:

ايراني سامونڊي فوج وٽ 19 آبدوز موجود آهن، جڏهن ته اسرائيل وٽ 5 آبدوز آهن

ايئرپورٽس:

ايران جي اندر 319 هوائي اڏا(ايئرپورٽس) آهن، جڏهن ته اسرائيلي هوائي اڏن جو تعداد رڳو 43 آهي

تيل جي پيداوار:

تيل جي پيداوار اُهو شعبو آهي، جتي اسرائيل ۽ ايران جو ڪو مقابلو ناهي، ايران ساليانو 34 لک 50 هزار بيرل تيل پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته اسرائيل ۾ تيل جي پيداوار ٻڙي آهي